انسان جي سوچ هڪ ٽرين جيان آهي، جنهن پٽڙي تي انهيءَ کي هلائي ڇڏيو، اهوئي رستو ان جي منزل بڻجي وڃي ٿو. حيرت اها آهي ته اڪثر اسان کي لڳي ٿو ته اسان حق جي ڳولها ۾آهيون، مگر اصل ۾ اسان پنهنجي پسنديده پاسي جي ڳولها ڪري رهيا هوندا آهيون. ڳالھه ساڳي هوندي آهي، پر سوچ بدلجندي ئي مفهوم بدلجي وڃي ٿو. ڪنهن پچيو: “اهو رستو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟” جواب مليو: “رستو ڪيڏانهن نٿو وڃي، رستو ته اتي ئي رهي ٿو، ماڻهو ان تي هلي هيڏانهن هوڏانهن وڃن ٿا.” اهو هڪ سادو جملو ناهي، بلڪه فڪر جو دروازو آهي. حقيقتون اڪثر پنهنجي جڳھه تي قائم رهن ٿيون. اسان پنهنجي ذهني پاسن جي مطابق انهن تائين پهچون ٿا. مسئلو رستي جو ناهي، هلڻ واري جي ارادي ۽ پاسي جو آهي. انهيءَ ريت مسئلو ڳالھه جو ناهي، ٻڌڻ واري جي ذهن جو آهي. اڄ جي سماج ۾ سڀ کان وڏي آلودگي هوائي نه آهي فڪري آهي. ذهن تعصبن جي ڪچري سان ڀريل آهن. هر شخص پنهنجي اڳ کان قائم فيصلي سان گڏ ڳالھه ٻولھه ٻڌي ٿو. هو ٻڌڻ نه ثابت ڪرڻ اچي ٿو. اهڙي صورت ۾ ڊائلاگ نٿو ٿئي، صرف ٽڪراءَ ٿئي ٿو. غير جانبداري هڪ اخلاقي هنر آهي، اهو آسان ناهي. ان لاءِ اڳ پنهنجي اندر جي جج کي خاموش ڪرڻو پوي ٿو. اسان کي پنهنجي ذهن کان “اڳ کان طئي ٿيل فيصلن” جو ڪچرو ڪڍڻو پوندو. جيستائين ذهن صاف نه ٿيندو، هر ڳالھه اسان کي پنهنجي ئي رنگ ۾ ڏيک ڏيندي.
اسان جا سياسي بحث هجن، مذهبي اختلاف هجن يا خانداني مامرا اڪثر جهيڙو ڳالھه جو ناهي، سوچ جو هوندو آهي. جيڪڏهن اسان هڪ پل لاءِ ترسي اهو مڃي وٺون ته ممڪن آهي، ٻيو شخص به پنهنجي جڳھه جي ڪنهن حصي جو لائق هجي ته ڳالھه ٻولھه جو نمونو بدلجي سگهي ٿو. سوچ جي ٽرين کي ڪنٽرول کان ٻاهر نه وڃڻ ڏيو. انهيءَ کي جذبن جي تيز رفتاري کان ڪڍي عقل جي پٽڙي تي آڻيو. سوال اهو ناهي ته رستو ڪيڏانهن ٿو وڃي، سوال اهو آهي ته اسان ڪيڏانهن وڃڻ چاهيون ٿا. جڏهن ذهن تعصب کان خالي ٿي وڃي ته ڳالھه ائين ئي سمجهه ۾ اچي ٿي جيئن چئي وئي آهي ۽ اهائي فڪري ديانت آهي، اهوئي مڪالمي جو اصل روح آهي، اهوئي اهڙو رستو آهي، جيڪو معاشري کي ورهاست کان ڪڍي تفهيم ڏانهن وٺي وڃي ٿو. پچاڙي ۾ بس ايترو چئو: سچ پنهنجي جڳھه تي قائم رهي ٿو، اسان انهيءَ تائين پهچڻ جا انداز بدلائيندا رهون ٿا. سوچ جي ٽرين جا ڊرائيور اسان پاڻ آهيون، پاسو به اسان پاڻ طئي ڪريون ٿا ۽ منزل به.