ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: حاڪم

منهنجي ديس تي گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان ڪاري رات ڇانيل آهي. هتي رڳو حاڪم جو حڪم هلندو آهي، حاڪم پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿيندو آهي، پر سندس ڇاڙتا حڪومتي وهنوار هلائيندا آهن. جن کي ڏسي لڳندو آهي، اهي حاڪم آهن، پر اصل حاڪم منهنجي ديس تي ڪاري رات ڪريو ويٺو آهي. هن کي سوجهري کان ڊپ لڳندو آهي، اهو بتيءَ يا ڏيئي جو سوجهرو ڪونهي، پر اهو ماڻهن جي شعور جو سوجهرو آهي. سو حاڪم جيڪو ڳالهائيندو آهي، ماڻهو ان کي سچ سمجهندا آهن. حاڪم چوندو آهي ته اسين آزاد آهيون، پر سچ ان جي ابتڙ آهي، اسين حاڪم جا غلام آهيون. هو چوندو آهي ماڻهو جيڪو اظهارڻ چاهي اظهاري سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو پنهنجو اندر اوريندو آهي ته اهو ٻئي ڏينهن کنڀجي ويندو آهي. حاڪم چوندو آهي ته اسان جي ڌرتي شاهوڪار آهي، پر جڏهن اسين هن کان پڇندا آهيون اسين بُکيا ڇو آهيون ته هو چوندو آهي ته اوهين غدار آهيو.
هڪ ڏينهن حاڪم ملڪ مان حد دخليون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو پوءِ شهرن ۾ فوٽ پاٿن، گهٽين ۽ روڊن رستن تي ڪرينون هلنديون ماڻهن جا دڪان، گهر ۽ ڇپرا پٽ ڪنديون رهيون، پر حاڪم کي اها خبر ئي ناهي ته هو جنهن ديس جو والي بڻيو پيو هلي، هن منهنجي ئي زمين تي والار ڪري ڇڏي آهي.
حاڪم کي گونگا ماڻهو وڻندا آهن، سو ڄڀون هوندي به ڪروڙين ماڻهو گونگا آهن، پر تڏهن به ڪي سر ڦريا ماڻهو ڳالهائيندا آهن، لکندا آهن ۽ ڪو نه ڪو طريقو ڪڍي حاڪم کي آئينو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙن ماڻهن مان اسين چار ڄڻا به آهيون. منهنجو نالو شاهه لطيف آهي، پر هيءَ منهنجو ادبي نالو آهي. ڇو ته اصل نالي سان آئون شاعري نٿو ڪري سگهان. آئون وچولي قد جو بُت ۾ ڀريل ماڻهو آهيان ۽ مُنهن تي ڏاڙهي به اٿم.
مون سان گڏ هڪ ٻيو دوست ڪاليداس آهي، هوُ ڊراما لکندو آهي، اهي ڊراما منچ تي پيش ٿيندا آهن. ڪاليداس هانٺيءَ ۾ سنهو ۽ ڊگهو آهي. هو ڪڙتو سلوار پائيندو آهي. وار ڊگها هئڻ ڪري انهن کي رٻڙ سان ڳتي ڇڏيندو آهي. هڪ ٻيو دوست جنهن جو نالو چارلي آهي، اهو اداڪار آهي. پنجاهه جي ڄمار پوري ڪندڙ چارلي جسماني طور سنهڙو سيپڪڙو، قد جو پورو پنو، ڪارن وارن وارو ۽ اکيون ويڪريون ۽ ٻاهر نڪتل اٿس، جن کي ڏسي سدائين ايئن ئي لڳندو آهي ته هن ننڊ پوري ناهي ڪئي. سندس اکيون اوجاڳن جي پناهه گاهه آهن. هو وکون آهستي آهستي کڻي هلندو آهي. سدائين کان هلڪي ڏاڙهي اٿس، جنهن ۾ ڪجهه اڇا وار به ڦٽي آيا آهن. هو ماڻهن کي کِلائيندو آهي ۽ حاڪم جي اداڪاري ڪري چٿر به ڪندو آهي. چوٿون ماڻڪ آهي، هو ڪهاڻيون لکندو آهي. ماڻڪ کي گهاٽيون مڇون آهن، هُو وارن کي تيل هڻي وچين سينڌ ڪڍندو آهي. سندس اکيون بي چين ۽ باغي لڳنديون آهن. اسين چارئي جيڪي ڪجهه ڪندا آهيون. سو شاهه لطيف، ڪاليداس، چارلي ۽ ماڻڪ جي کاتي ۾ وجهي ڇڏيندا آهيون ته جيئن حاڪم کان پنهنجو سر بچائي سگهون. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به اها خبر ناهي پئي ته اسين ڪير آهيون؟
هڪ ڀيري جڏهن چارلي ڪاليداس جي ناٽڪ ۾ ڪو ڪردار ڪري موٽيو پئي ته حاڪم جو ڇاڙتو کيس جهلي آڏي پڇا ڪرڻ لڳو. حاڪم جا هڪڙا ڇاڙتا ڳرن بوٽن وارا آهن جيڪي نوس نوس پيا ڪندا آهن ۽ سندن بوٽن جي ٺڙڪ ٺڙڪ جو آواز گهٽين، چوڪن ۽ رستن تان ٻڌڻ ۾ پيو ايندو آهي، ٻيا وري بنا بوٽن وارا جاسوس آهن. جيڪي ڪٿي ۽ ڪنهن به جاءِ تي موجود هوندا آهن. هڪ ڏينهن ڇاڙتي پڇيو جيڪا شاعري اسين پڙهون ٿا، اهو همراهه ڪير آهي ۽ ڪٿي رهندو آهي؟ هن کيس ٻڌايو شاهه لطيف صديون اڳ گذاري ويو آهي، پر سندس ڪلام اڄ ڏينهن تائين پيو ڳائجي. بنا بوٽن واري ڇاڙتي کي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي. هو ماٺ ڪري اتان کِسڪي ويو.
ڪجهه عرصو اڳ اسان جي ساٿي ڪاليداس هڪ ڊرامو لکيو، جنهن جو عنوان ‘گونگي رعيت’ هو. ڊرامو هڪ اهڙي حڪمران تي لکيل هو، جنهن ۾ ڪو ماڻهو حڪومت جي عوام دشمن فيصلن خلاف آواز اٿاريندو آهي ته حاڪم ڪاوڙجي ماڻهن جون ڄڀون وڍائيندو آهي. پهرين ٿورا ماڻهو گونگا ٿيندا آهن، پوءِ انهن جو انگ وڌندو ويندو آهي، ايئن ملڪ ۾ وڏي آبادي ملڪ ۾ گونگي ٿي ويندي آهي. جڏهن حاڪم پنهنجو جنم ڏينهن ملهائڻ چاهيندو آهي ته کيس هڪ ئي وقت سڄي ملڪ ۾ پنهنجي شان ۾ گيت ڳارائڻو هوندو آهي. هو ان گيت وسيلي عالمي رڪارڊ قائم ڪرائڻ چاهيندو آهي، پر حاڪم جا خاص ماڻهو کيس ٻڌائيندا آهن ته اهو ممڪن ڪونهي. کيس اچرج ٿيندو آهي ته ڪير آهي، جيڪو سندس شان ۾ گيت ڳائڻ کان انڪار پيو ڪري. سندس ڇاڙتو ڪن ۾ سُرٻاٽ ڪري ٻڌائيندو اٿس ته حاڪم تون جنهن رعيت کان گيت ڳارائڻ پيو چاهين، ان جون ڄڀون تو پاڻ ڪجهه وقت اڳ وڍرائي ڇڏيون هيون، سو رعيت گونگي ٿي چڪي آهي.
حاڪم جا ڪئين قصا ڪهاڻيون به مشهور آهن. ماڻهو چون ٿا ته حاڪم جو همزاد آهي، اهو هن کي هر مصيبت کان بچائيندو آهي. همزاد کي خبر پئجي ويندي آهي ته حاڪم کي ڪٿي خطرو آهي، هو ان جاءِ تي همزاد جي منع ڪرڻ کانپوءِ ڪونه ويندو آهي.
اسين چارئي دوست پنهنجي فن وسيلي اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪندا آهيون جو حاڪم جي ڪرتوتن جي تاريخ شاعري، افساني ۽ ڊرامي وسيلي محفوظ ٿيندي رهي. منهنجي ديس جي رعيت جي اکين ۾ حاڪم جو ڊپ پلبو آهي. ماڻهن جون اکيون ڪبوتر جي اکين جهڙيون معصوم آهن، پر انهن ۾ سدائين مون کي ڊپ جو واسو نظر ايندو آهي. حاڪم جو جاسوس ڪير به ٿي سگهي ٿو. باغ ۾ ڪم ڪندڙ ڪو مالهي، بس ڊرائيور، ڪنهن در تي بيٺل ڪو چوڪيدار يا وري پاڙي ۾ ڪچرو کڻندڙ جمعدار به ٿي سگهي ٿو. سو جڏهن به ڪا سياسي ڳالهه ٿيندي آهي ته اُها هر ڪنهن جي منهن تي ڪونه ڪبي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو آهي واءُ به حاڪم جو جاسوس آهي، اهو اسان جون ڳالهيون ان تائين پهچائي سگهي ٿو.
اسان چئني پنهنجي قلم سان گهڻو ڪجهه ڪيو پئي، ان لاءِ اسان هڪ ڳجهو ٺڪاڻو به ٺاهيو هو، جتي اسين ادب تخليق ڪندا آهيون. اتان ئي نوان نوان خيال اڏام ڀريندا آهن.
هڪ ڏينهن اسان ڳجهي جاءِ تي ڪچهري ڪندي چارليءَ جو انتظار پئي ڪيوسين. هو ڪنهن ڪم سان ويل هو ۽ واپس ورڻو هو. ان وقت اوچتو ڪمري جي ٻن تاڪن واري در تي زور زور سان بوٽن جي ٿُڏن جو آواز اچڻ لڳو، ڪجهه لمحن ۾ در انجيسن مان اکڙي پٽ تي پيو. اسين ڇا ڏسون ته حاڪم جا ماڻهو بندوقون هٿن ۾ جهليو ڪمري ۾ ڪاهيندا پئي آيا. سندن منهن ڪاري رنگ جي ٻوٿاڙن سان ڍڪيل هئا، جن مان رڳو اکيون ظاهر پئي ٿيون. کين ڪارا ڪپڙا پاتل هئا. ڳرن بوٽن سان تڪڙو تڪڙو هلڻ ڪري بوٽن جو آواز چٽُو ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ڇهن ڄڻن اسان کي گهيري ورتو.
“پنهنجا هٿ مٿي ڪريو، ڪو آواز نه، نه ئي ڪا حرڪت.” هڪ ڄڻي چيو. هن جو ڳرو آواز ٻوٿاڙي جو سنهو پردو پار ڪري نڪتو. هن جي اکين ۾ ڪاوڙ هئي. اسين ٽئي ڄڻا گهٻرائجي وياسين. هاڻ ڇهه هٿ هوا ۾ هئا. اسان جي اکين جا تارا ڦرندا هڪٻئي کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، پر ڪوبه ڪنهن کي صحيح نموني ڏسي ڪونه پئي سگهيو.
انهن مان هڪ ڄڻو اسان ڏانهن وڌيو، جنهن واري واري سان اسان جا هٿ پوئتي چيلهه ڏانهن ڪندي هٿڪڙين ۾ سوگها ڪيا ۽ اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي ڇڏيائين.
“وٺي هلو.”
حڪم موجب هو اسان کي بندوق جي ناليءَ سان ڌڪيندو اڳيان وٺي هلڻ لڳو. هاڻ اسين ٽئي انڌا هئاسين. هڪ اندازي سان وکون کڻي هلندا رهياسين. منهنجي پويان هلندڙ منهنجن ساٿين مان ڪو هڪ ٿاٻڙجي پيو، پر خبر نه پئي ته اهو ڪاليداس هو يا ماڻڪ. نيٺ هو اسان کي ڪمري مان ڪڍي ٻاهر گاڏي تائين وٺي آيا. هنن اسان کي ٻانهن کان جهلي گاڏي اندر ڌڪيو. پوءِ اسان کي گاڏي هلڻ جو اندازو ٿيو، پر ڏسا ڪهڙي هئي، رستو ۽ گهٽي ڪهڙي هئي ڪا خبر ڪونه ٿي پئي. ڪجهه دير گاڏي هلڻ کانپوءِ بيهي رهي، هنن اسان کي هڪ هڪ ڪري گاڏيءَ مان لاٿو. بوٽن جي ٽڙڪ ٽڙڪ جي آوازن سان گڏ اسان جي جوتن جو گسڪو به گڏجي ويو، پر تڏهن به انهن جي ڳرن بوٽن جي آواز سان اسان جي جوتن جو آواز لتاڙجي ويو. ٿورو پنڌ ڪرڻ کانپوءِ در جو لوهي ڪڙو کُلڻ جو آواز آيو. هنن هڪ هڪ ڪري اسان ٽنهي کي کوليءَ ۾ ڌڪو ڏنو. اسين پاڻ سنڀالي نه سگهياسين ۽ فرش تي ڪري پياسين.
فرش سنوت وارو ڪونه هو. ننڍڙا ننڍڙا پٿر ۽ ڪڪريون اُڀيون ٿيل هيون. منهنجا گوڏا ڇلجي پيا. ٻنهي دوستن واتان آهون نڪتيون، انهن سان به ايئن ٿيو. نه هنن اسان جي هٿڪڙي کولي ۽ نه وري اکين تان پٽي لاٿي. مون گوڏن تي زور ڏئي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ڪجهه سولو ٿي ويهان. ايئن ٻين دوستن جي ڪِنجهڻ جو آواز منهنجي ڪنن تائين پهتو، اهي به ساڳي ڪوشش ۾ هئا. اندازو ڪونه پئي ٿيو ته کوليءَ ۾ ڀت ڪيتري فاصلي تي آهي، جو ٽنگون سڌيون ڪري، ٽيڪ لڳائي ويهي سگهون. نيٺ اسين ٽيئي اٿي ويٺاسين ۽ ويهڪ سان گِسڪندا ڀِت کي ٽيڪ لڳائي ويٺاسين. کوليءَ ۾ ايتري ماٺار هئي جو اسان ٽنهي پنهنجن ساهن کي محسوس پئي ڪيو.
“هيءَ سڀ ڇا آهي، پنهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي جو واڙي ڇڏيو اٿن.” ڪاليداس پڇيو، هن جي ڳالهائڻ ۾ ڏڪڻي هئي.
“سمجهه ۾ ڪونه پيو اچي، حاڪم جو ڪو نئون حڪم آيو آهي ڇا؟” مون چيو.
“ڪٿي حاڪم جي ڇاڙتن کي خبر ته ڪونهي پئجي وئي ته پاڻ اصل ڪير آهيون؟” ماڻڪ سُرٻاٽ ۾ چيو.
“ايئن ڪونه هوندو. ٻيو ته پاڻ ڪا دهشتگرديءَ جي واردات ڪونهي ڪئي.” مون جواب ڏنو.
“حاڪم خلاف ڪابه مزاحمت، اها ڀلي لکڻ جي صورت ۾ ڇو نه هجي، اها دهشتگردي آهي.” ڪاليداس وراڻيو.
“مون کي چارليءَ جي ڳڻتي پئي ٿئي، جڏهن هُو پاڻ واري ڪمري تي موٽندو ۽ سڀني کي اتي ڪونه ڏسندو. جڏهن ڀڳل در ڏسندو ته کيس اندازو ٿي ويندو ته اتي ڇا ٿيو آهي، پر ڇا به ٿي پئي پاڻ مان ڪنهن کي به چارليءَ بابت ٻِڙڪ به ٻاهر ناهي ڪڍڻي.” هن ڀيري ماڻڪ ڳالهايو.
“آئون پريشان آهيان ته اهڙو ڪير ٿي سگهي ٿو، جيڪو اسان جي جوڙيل ان سڄي مانڊاڻ جو راز کولي سگهيو هجي.” مون ڳڻتيءَ ۾ چيو.
اسين اڃا پاڻ ۾ چارلي ۽ پنهنجن معاملن تي ڳالهائي رهيا هئاسين ته اسان جي ڪنن تي ڳرن بوٽن سان تڪڙين وکن جو آواز پيو. جيئن پيرن جو آواز بند ٿيو ته لوهي در جو ڪڙو کُلڻ جو آواز آيو. بوٽن جي آوازن مان لڳو پئي ته ٻه کان ٽي ماڻهو گڏ کوليءَ ۾ داخل ٿيا هئا.
“هنن کي اوريان وٺي اچو ۽ قطار ۾ ويهاريو.” هڪ رعبدار آواز کوليءَ جي ڀتين سان ٽڪرائيندو اسان جي ڪنن ۾ گهڙي ويو.
هنن اسان ٽنهي کي ٻانهن مان جهلي قطار ۾ ويهاريو.
“اوهين حاڪم جي سوچ خلاف جيڪي ڪجهه ڪندا رهيا آهيو، اهو هاڻ ڪو راز ناهي رهيو، ان ڪري سچي ڪريو.” ساڳئي رعبدار آواز واري همراهه ڳالهايو. سندس ڳالهائڻ مان لڳو پئي ته هو پنهنجو آواز چٽي نموني پهچائڻ لاءِ هيٺ جُهڪيو هجي.
گهٻراهٽ جو احساس اسان ٽنهي جي بدن مان ڊوڙي ويو. ايئن لڳو ڄڻ جيڪڏهن وڌيڪ ڪاوڙ ۾ آيو ته اسان کي ڌڪ هڻڻ ۾ دير نه ڪندو. آئون ذهني طور ان لاءِ تيار هئس.
“پر اسان اهڙو ڪجهه به ناهي ڪيو. ڪنهن به دهشتگرديءَ جي واردات ۾ ملوث ڪونه آهيون ۽ نه ئي اسان جو ڪو اهڙُو ارادو آهي. اسين محب وطن آهيون.” مون جواب ڏنو، پر ان جواب جو لفظ لفظ خوف ۾ وڪوڙيل هو.
“حاڪم کان ڪجهه به ڳُجهو ناهي، اوهان جا ڪيل ڪم رعيت کي بغاوت لاءِ اڀاري رهيا آهن. حاڪم کي باغي ڪونه وڻندا آهن. ان ڪري ڪوبه اهڙي حرڪت ڪندو آهي ته اُهو بچي ناهي سگهندو.” ساڳيو آواز وڏي واڪي گونجيو، اهو بس آواز هو، اسان لاءِ هن جو ڪو چهرو ڪونه هو، پر ان آواز ۾ حاڪم جي جهلڪ هئي. هنن کي ڏسي لڳندو هو، اهي سڀ هڪ جهڙا آهن. ڪوبه ڪنهن کان مختلف ڪونهي.
“حاڪم خلاف ڪير بغاوت ڪندو، سالن کان رعيت هن جي پاڇي ۾ پلجي پئي، ڪنهن ۾ ڪنڌ مٿي کڻڻ جي همت ڪونهي. اسين ته حاڪم اڳيان سهي جي کل آهيون.“ ڪاليداس چيو.
“اوهان هو چوڻي ته ٻُڌي هوندي قلم ترار کان تکو آهي. جڏهن قلم لکندو آهي ته اهو ماڻهن جي ذهن سازي ڪندو آهي، اوهان اهو ڏوهه ڪيو آهي.” هو ڄڻ اسان کي ڏوهي قرار ڏئي چڪو هو.
اها اسان جي شروعاتي پڇا ڳاڇا هئي، اسان ڪو به اهڙُو تاثر ڪونه ڏنو ته جيڪي ڪجهه هيستائين ادبي دنيا ۾ پيش ٿيو هو، اهو اسان جو لکيل آهي.
“ٺيڪ آهي، اوهان کان باس پاڻهي سچيون ڪرائيندو. هتي اچڻ کانپوءِ اهي ڏوهه به باسجي ويندا آهن، جيڪي ماڻهو ڪندا به ڪونه آهن.” هٽلر جو نالو ٻڌو اٿئو؟” هن ڌمڪي واري انداز ۾ چيو.
مون ڪنڌ هاڪار ۾ ڌوڻيو.
“اسان وٽ به هڪ هٽلر آهي، جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ کانپوءِ اوهين نه رڳو پنهنجو ڏوهه باسيندا، پر هو جيڪي ڪجهه اوهان سان ڪندو، ان کان پنهنجو پاڻ کي بچائي به ڪونه سگهندا.” هن منهنجي ڪن جي ويجهو اچي چيو. سندس وات مان نڪرندڙ ڪوسي هوا منهنجي ڪن سان ٽڪرائي پئي.
پوءِ کوليءَ مان هنن جي ٻاهر وڃڻ جا آواز ٻُڌاسين، ساڳئي نموني در جو ڪڙو بند ٿيو، بوٽن جا آواز آهستي آهستي جهڪا ٿيندا ويا ۽ اسين ٽئي اونداهي کوليءَ ۾ رهجي وياسين.
کوليءَ ۾ نه وقت جو اندازو هو نه ڏينهن نه تاريخ جو. بس اتي رڳو اونداهي ۽ ماٺار هئي. ماني ملڻ وقت اسان جا هٿ کُلندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن کي پيشاب يا ڪاڪوس لڳندو هو ته کوليءَ ڀرسان اڏيل ڀت ڏانهن وڃڻو پوندو هو. اهو اندازو اسين ڀتين کي هٿ لڳائي ڪندا هئاسين ته پيشاب ڪرڻ واري جاءِ ڪهڙي آهي، سڄي کوليءَ ۾ پيشاب جي ڌپ هوندي هئي. ننڊ جا جهوٽا ايندا هئا ته ويٺي ويٺي اک لڳي ويندي هئي. سچ اهو هو ته اسين ٽئي انڌا وجود هئاسين. ڪٿان ڪو روشنيءَ جو ترورو نظر ڪين ٿي آيو. اسين مڪان تي هوندي به لامڪان ۾ هئاسين. زمان ۾ هوندي به لازمان جو احساس ٿيندو هو، پر اسان کي هر لمحي چارليءَ جي ڳڻتي رهندي هئي، اسين ڪيتري دير تائين هن جون ڳالهيون ڪندا هئاسين، سندس ڪيل مشڪرين کي ساريندا هئاسين ۽ سندس ذهانت تي فخر محسوس ڪندا هئاسين. دعائون پيا گهرنداسين هئاسين ته هو هنن جي ور نه چڙهي.
ان دوران حاڪم جا ڇاڙتا ڪيترائي ڀيرا آڏي پڇا ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا، پر هنن کي اهي جواب ڪونه ملي سگهيا، جن جي کين اميد هئي. هڪ ڀيري اسان کي وري ڳرن بوٽن جو آواز آيو. تڪڙا تڪڙا بوٽ اسان جي کوليءَ ڏانهن وڌندا رهيا. جيئن جيئن بوٽن جو آواز چٽو ٿيندو ويندو هو، اسان جي دلين جو ڌڙڪو تيز ٿيندو ويندو هو. بُت ۾ گهٻراهٽ وڌي ويندي هئي، نڙي ڄڻ سڪي ويندي هئي، اسين ڳيتون ڏيڻ لڳندا هئاسين. کوليءَ جو ڪڙو کليو، هنن جي اندر اچڻ جو اندازو ٿيو. جيئن اهي اندر آيا ته انهن مان ڪنهن هڪ بورڊ جو بٽڻ هيٺ ڪيو. کوليءَ ۾ پهريون ڀيرو روشني ٿي، اها بتي اسان جي مٿان ڇت ۾ لوهي ڇٽيءَ ۾ ٽنگيل هئي. هنن ساڳي ريت اسان کي گوڏن ڀر قطار ۾ ويهاريو. اسين ٽئي ان لاءِ تيار هئاسين ته هاڻي وري آڏي پڇا ٿيندي. اسين انهن سڀني سوالن کان نٽائي کين گمراهه ڪنداسين.
پٿريون نڪتل فرش تي سمهڻ وڏو مسئلو هو. اسان کي ننڊ ڪونه ايندي هئي، چيلهه سڌي ڪري سمهندا هئاسين ته هٿڪڙي ۾ ٻڌل هٿ ڏکندا هئا ۽ هٿڪڙي چيلهه ۾ کپي ويندي هئي. پوءِ پاسيرو ٿيڻو پوندو هو. جڏهن ڪنهن کي خارش ٿيندي هئي ته اهو ٻئي کي پيرن سان کنهيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ماڪوڙا اسان کي ڏنگيندا هئا، پر انهن کي پٽي لاهڻ ممڪن ڪونه هوندو هو. رت جو ٽڪو ماڪوڙن جي ڏنگڻ کانپوءِ اڀري ايندو هو. جڏهن پگهر وهندو هو ته ان جاءِ تي ساڙو ٿيندو هو. پگهر سبب اسان جا ڪپڙا ايئن لڳندا هئا ڄڻ ڪنهن ڪپڙا آلا ڪري مٿان لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو هجي. ان کوليءَ ۾ پيشاب ۽ پگهر جي بوءِ ٻکي پئي هوندي هئي. اسين اندازو ڪونه ڪري سگهندا هئاسين ته وڌيڪ بوءِ پيشاب جي آهي يا پگهر جي.
هن ڀيري هنن جو ارادو ڪجهه ٻيو ٿي لڳو. هڪ سپاهي منهنجي اکين تي ٻڌل پٽيءَ جي ڳنڍ پويان کان کولڻ لڳو. ايئن هن ڪاليداس جي پٽي کولي ۽ پوءِ ماڻڪ جي پٽي به کولي ڇڏيائين. ڪيتري وقت کان اسان سوجهرو ڪونه ڏٺو هو. بلب جي روشنيءَ جا ڪرڻا ڄڻ سوين سئين وانگر اکين ۾ کپندا پئي ويا، سوجهري سبب اکيون صحيح نموني کُليون ڪونه پئي. مون آهستي آهستي اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪئي، اکين ۾ هڪ عجيب سور محسوس ٿيو، اکين جي ڇپرن جو بار به آئون ڪونه پئي سهي سگهيس. منهنجن دوستن سان به ساڳي حالت هئي. بلب جي روشنيءَ جي اوٽ ۾ حاڪم جو هڪ ڇاڙتو بيٺل هو. اسان کي هن جو رڳو عڪس نظر پئي آيو. ايئن لڳو هو ڪنهن ٻئي پاسي هجي ۽ سندس پاڇو اسان جي سامهون اچي بيٺو هجي. هاڻ اسان جون اکيون پوريون کلي ويون ۽ بلب جي روشنيءَ کي سهي پئي سگهيون. آهستي آهستي اهو پاڇو انساني چهري ۾ نروار ٿيڻ لڳو. هڪ ڪلين شيو مهانڊي وارو ماڻهو، اسان ٽنهي کي پنهنجن اکين تي ويساهه ڪين آيو، اسان جا وات اچرج ۾ ڦاٽي پيا، اسان ٽنهي حيرت وچان ڪنڌ ورائي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو، اسان جون اکيون سواليه نظرن سان ڏسنديون رهيون. ڪجهه پلن لاءِ لڳو ته هي ڪو خواب هو، پر ٻئي لمحي اسان کي ان سچائيءَ کي قبولڻو پيو. اسان جي سامهون ڳرا بوٽ ۽ وردي پاتل ماڻهو ڪو ٻيو نه، پر اسان جو ساٿي چارلي هو.
***