بلاگنئون

سنڌ ۾ بي آءِ ايس پي پروگرام ۾ ڊوائيس هولڊرن جون ڏاڍايون

سنڌ جي ٻين مسئلن سان گڏوگڏ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ٿيندڙ غريب عورتن سان مالي زيادتين تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. جتي معاشري جي پيڙهيل غريب ۽ مظلوم طبقي جون اهي عورتون جيڪي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ بيواهون، يتيم ۽ مسڪين عورتون جن کي (BISP) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت هڪ ڊگهي عرصي کان ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي، کين ملندڙ قسط وظيفو، امدادي رقم مان ڊوائيس هلائڻ وارا ڊوائيس انچارج هڪ عورت کان غير قانوني طور هڪ هزار کان ٻه هزار رپيا ڪٽوتي ڪري مسڪين عورتن سان وڏو ظلم ڪري رهيا آهن. حاصل ٿيندڙ ان رقم مان ڊوائيس هولڊر پنهنجو حصو پتي ڪڍي باقي رقم مٿي تائين ورهائين ٿا. سوشل ميڊيا تي اھڙيون خبرون تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن. اخبارون به اهڙين خبرن سان ڀريون پيون آهن. غريب خاندان سان تعلق رکندڙ اهي بدنصيب عورتون پنهنجي سورن واري زندگي گذاري پنهنجي حياتي جا ڏينهن پورا ڪري رهيون آهن. پاڻ سان ٿيندڙ ظلم جي دانهن ڏين ته ڪنهن کي ڏين؟ ان حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته ڪرپشن ۽ ظلم جي حوالي سان سنڌ جي پوليس نمبر ون آهي،  پر ڊوائيس هلائڻ وارن پوليس جا به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. کين اهڙا ته اختيار ۽ پاور ڏنا ويا آهن جو  ڊوائيس هلائيندڙ باقائدگيءَ سان هڪ مافيا جو روپ ڌاري چڪي آهي. ائين ٿو لڳي ته اهي ڊوائيس هلائڻ وارا زمين جي نه، پر ڪا آسماني مخلوق آهن، جن کي جيئن وڻي تيئن ڪن، جن کي نه ڪجهه چئي سگهجي ٿو ۽ نه ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. قائم ڪيل سينٽرن ۽ سندن دڪانن تي ايندڙ ان مسڪين ۽ مظلوم عورتن کي، سندن قسط واري آيل رقم ڏين يا نه ڏين. اها حقيقت آهي ته اوهان کي سنڌ ۾  ٿيندڙ وڌيڪ ظلم ۽ ڏاڍ ڏسڻو آهي ته اوهان سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڊوائيس هولڊر جي دڪان تي وڃي ڏسي سگهو ٿا، جتي اهي ڊوائيس هولڊر جن ۾ نه انسانيت نظر اچي ٿي ۽ نه انهن ۾ ڪو ماڻهپو آهي ۽ نه ئي انهن کي قانون جو ڪو ڊپ آهي. ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته اتي آيل عورتون جن کي انهن سينٽرن، دڪانن تي پئسا ملڻ جو انتظار ڪندي شام ٿي ويندي آهي، ڏينهن گذري ويندا آهن، هن سخت سيءَ ۾ کلي آسمان هيٺان ويٺل هونديون آهن. اتي نه باٿ روم جي سهولت هوندي آهي ۽ نه ئي وري پيئڻ جي پاڻي جي ڪا سهولت ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهي عورتون اوهان کي بغير ٽينٽ جي کلي آسمان هيٺان صبح کان شام تائين پٽ تي ويٺل ۽ ڪي کير پياڪ ٻارڙا ڪڇ تي کڻي پيرن ڀر بيٺل نظر اينديون. اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي ڊوائيس هولڊر جيڪي هاڻي ڊوائيس مافيا بڻجي چڪا آهن. هن ڌنڌي ذريعي پنهنجي طاقت ٺاهي چڪا آهن ۽ قانون جي نڪ هيٺان قانون جو مذاق اڏائي رهيا آهن. ڇو ته قانون جا رکوالا انهن مظلوم ۽ مسڪين عورتن بجاءِ مافيا سان ملي ڀڳت ڪري اهي به پنهنجو کيسو گرم ڪري رهيا آهن. جيڪي عورتون هزار يا ٻه هزار رپيا ڏيڻ تي راضي ٿينديون آهن انهن جي پئسن مان جبري ڪٽوتي ڪري باقي پئسا کين ڏنا وڃن ٿا. ان کانسواءِ ايجنٽ به اتي پيا ڦرندا آهن، جيڪي عورتون پئسا نٿيون ڏين انهن کي مختلف بهانا ڪري ابتيون سبتيون ٻڌائي ڪڏهن آڱوٺو نه لڳڻ ته ڪڏهن ڊوائيس بند هئڻ جو ٻڌائي کين پريشان ڪري واپس موڪليو ويندو آهي. ڪيترين عورتن کي مهينا گذري وڃن ٿا، پر کين پئسا نٿا ملن. اهڙي صورتحال ۾ ڪيترن دڪانن تي عورتون بيهوش پڻ ٿينديون رهيون آهن. گهوڙا گهوڙا ۽ احتجاج پڻ ڪنديون رهيون آهن. سياسي، سماجي تنظيمون، حق سچ ۽ نه وڪامڻ وارا صحافي ان حوالي سان وقت بوقت آواز اٿاريندا رهن ٿا، پر سندن آواز دانهن ڪوڪ ٻڌڻ وارو ڪير به نظر نٿو اچي. اوهان کي ياد ڏياريندو هلان ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي شروعات اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي دور 2008 ۾ ٿي، جنهن جو بنيادي مقصد ملڪ جي غريب ۽ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندانن جي عورتن معرفت مالي سهارو فراهم ڪرڻ هو. ان وقت اها امدادي رقم پوسٽ آفيس ذريعي مستحق عورتن کي ڏني ويندي هئي ۽ مستحق عورتن جو انگ ٽيھه 30 لک کان ٿورو وڌيڪ چيو وڃي ٿو. اڳيان هلي ان رقم جي ورڇ واري نظام ۾ تبديلي آڻي بايو ميٽرڪ ڊوائيس هولڊرن ذريعي پئسا ڏيڻ جو طريقو متعارف ڪرايو ويو، پر اهو نظام غريب کي فائدو ڏيڻ بجاءِ ڪرپٽ انتظاميه جي هٿ ور چڙهي ويو آهي. جنهن ڪري سڄي سنڌ ۾ مستحق عورتن جي تذليل ٿي رهي آهي. ان حوالي سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مستحق عورتن پاران مسلسل احتجاج ڪيا پيا وڃن. مليل ڄاڻ موجب هن وقت ضلعي بدين ۾ مستحق عورتن جو تعداد 60 سٺ هزار تائين آهي ۽ تعلقي ماتلي ۾ لڳ ڀڳ 26 ڇويھه هزار آهي. جڏهن ته ضلعي سطح تي ٻه هزار ررپيا جبري ڪٽوتي ڪرڻ جي صورت ۾ اها رقم لڳ ڀڳ 12 ڪروڙ رپيا ٿئي ٿي. جڏهن ته تعلقي ماتلي ۾ لٽ مار جي رقم 5 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي. ماتلي ۾ به عورتن سان ساڳي ڏاڍ آهي جيڪو آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. ان حوالي سان ماتلي جي هڪ انسپيڪٽر مونکي ٻڌايو ته سينٽر تي ڊيوٽي دوران خاموش رهڻ ۽ ڊوائيس وارن کي انهن جي مرضي مطابق ڪم ڪرڻ جي صورت ۾ هر قسط تي نئين CD موٽرسائيڪل ڏيڻ جي آڇ ٿي جيڪا مون قبول نه ڪئي ۽ خدا جو خوف ٿيو ته آئون بيواهه ۽ مسڪين عورتن جا پئسا ڪيترا ڏينهن کائيندس. وري هر پوليس وارو اهڙو ايماندار به ڪونهي. ان کانسواءِ ڪجهه صحافين ٻڌايو ته ڊوائيس هولڊر انهن کي به خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هوڏانهن هر قسط پراڻي بينيفشريز کي 13500 ۽ نئين بينيفشريز کي اها قسط 14500 رپيا ڏني پئي وڃي ۽  سال ۾ چار قسطون مقرر ٿيل آهن. هوڏانهن BISP جي طئي ڪيل ضابطن موجب لاڳاپيل بئنڪ يا پيمنٽ سروس ڪمپني، بايو ميٽرڪ تصديق ۽ رقم جي ادائگي تي ڊوائيس هلائڻ واري کي في ڪارڊ تي 40 چاليهه رپين تائين معاوضو ڏنو وڃي ٿو، جيڪو بئنڪن سان ٿيل معاهدي ۾ واضح طور ٻڌايو ويو آهي. BISP  جي قانون مطابق ڊوائيس  هولڊرن کي مستحق عورت کان هڪ رپيو به وٺڻ جي اجازت ناهي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪٽوتي ڪرڻ قانوني جرم آهي ۽ ان تي ايف آءِ آر به داخل ٿي سگهي ٿي. اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته هن گذريل سال جي آخري قسط مستحقين کي بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي ۾ ڏني وئي هئي ۽ ماتلي سٽي جو اهوئي هڪ سينٽر هو، ان کانپوءِ اهو سينٽر بند ڪيو ويو آهي. هن وقت اهي ڊوائيس وارا شهر جي مختلف پاڙن ۽ دڪانن تي ويهي مستحق عورتن کي امدادي رقم ڏئي رهيا آهن. افسوس آهي جو ضلعي انتظاميه تعلقي جي انتظاميه انهن سڀني شين کي ڏسندي به خاموش آهي. پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي هن پروگرام جي شفافيت جي لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن ۽ هر ڊوائيس هولڊر جي ڊيٽا کي چيڪ ڪيو وڃي، عورتن کان فيڊ بيڪ ورتو وڃي ۽ ممڪن هجي ته اهڙو ڪو نظام ٺاهيو وڃي جنهن سان عورتن کي سندن اها امدادي رقم باعزت طريقي سان مڪمل  طريقي سان ملي سگهي.