اڄوڪي جديد دور ۾ جتي سائنسي ايجادن انساني زندگيءَ کي سولو ۽ پرسڪون بڻايو آهي، پر اتي انهن ايجادن اسان جي سماج ۾ ڪجهه اهڙيون تبديليون به آنديون آهن جيڪي انساني صحت لاءِ به خطرناڪ بڻجي چڪيون آهن. ماحولياتي گدلاڻ رڳو گندي پاڻي يا دونهين جو نالو ناهي، پر گوڙ پڻ هڪ گدلاڻ آهي. ان سان گڏوگڌ بصري گدلاڻ به هڪ عذاب بڻجي وئي آهي. گوڙ ۽ روشني اسان جي روڊن تي موت جو ناچ نچي رهيا آهن. هن وقت اسان جي روڊن ۽ رستن تي هڪ عجيب رجحان جنم ورتو آهي. موٽرسائيڪل سوار هجن يا ننڍيون ڪارون، انهن ۾ اڪثر اهڙا پريشر هارن لڳايا وڃن ٿا جيڪي اصل ۾ وڏين ٽرڪن يا بسن لاءِ ٺهيل هوندا آهن. جڏهن هڪ تيز رفتار موٽرسائيڪل وارو ڪنهن بزرگ، ٻار يا گاڏي هلائيندڙ جي پويان اچي اوچتو اهڙو تيز هارن وڄائي ٿو ته گاڏيءَ ۾ ويٺل ماڻهو جو هنيانءُ ڇڄي پوي ٿو. عام ماڻهو مونجهاري جو شڪار ٿي وڃي ٿو ته پويان ڪا وڏي بس يا ٽرڪ اچي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو خوف مان گاڏي تان ڪنٽرول وڃائي ويهي ٿو. اهو نه صرف ٽريفڪ جي قاعدن ۽ قانونن جي خلاف ورزي ناهي، بلڪه اخلاقي قدرن جي کوٽ ۽ نفسياتي ڏهڪاءُ آهي، جيڪو هاءِ بلڊ پريشر، دل جي دوري ۽ ٻڌڻ جي سگهه متاثر ٿيڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿو.
هڪ ٻيو وڏو عذاب موٽرسائيڪلن جي سائلنسرن مان نڪرندڙ بندوق جهڙا ٺڪاءُ آهن. نوجوان نسل رڳو شوق خاطر سائلنسرن کي اهڙي نموني ٽوڙي موڙي ٿو، جو انهن مان فائرنگ جهڙو آواز پيدا ٿئي ٿو. هن وقت اسان جو ٽريفڪ جو نظام جنهن کي تمام متحرڪ ۽ جديد نموني سان آراسته ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته هاڻي اسان جا شهر وڏا ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهن وٽ گاڏين جو انگ تمام وڌي ويو آهي، ان ڪري ٽريفڪ جي نظام کي بهتر ڪرڻ کانسواءِ اسان پنهنجي روز مره زندگيءَ کي بهتر ڪرڻ جو سوچي نٿا سگهون. ادارا موجود آهن، پر لاقانونيت پنهنجي جاءِ تي مختلف صورتن ۾ رودن ۽ رستن تي رقص ڪندي نظر اچي ٿي. اهڙن ٺڪائن وارن سائلنسرن عام ماڻهو گهٻرائجي وڃي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو ته شايد ڪٿي فائرنگ ٿي آهي. رات جي وقت روڊن تي هلڻ محال ٿي ويو آهي. اڪثر گاڏين ۾ لڳل غير قانوني “LED” لائيٽون ۽ رنگين شعاعن واريون هيڊ لائيٽون سامهون کان ايندڙ ماڻهوءَ جي اکين کي هڪ لمحي لاءِ انڌو ڪري ڇڏين ٿيون. اها تيز روشني اکين جي پردي (Retina) کي نقصان پهچائي ٿي ۽ سامهون اچڻ واري گاڏيءَ جي باري ۾ ڊرائيور کي صحيح معلومات ڏيڻ کان روڪي ٿي. جنهن جي ڪري ڊرائيور اڪثر ڪري روڊ تان هيٺ لهي وڃي ٿو يا ڪنهن ٻئي سان ٽڪرائجي پوي ٿو. هي روشنيءَ جي گدلاڻ رڳو اسان جي اکين کي نٿي ٿڪائي، پر دماغ تي به ناڪاري اثر وجهي ٿي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شور ۽ روشنيءَ جي مقدار کي ماپڻ لاءِ سخت قانون موجود آهن. اتي هاسپيٽل زون يا اسڪولن جي ٻاهران هارن وڄائڻ ڏوهه آهي، پر اسان وٽ پاڪستان ۾، خاص ڪري سنڌ جي شهرن ۾، ٽريفڪ پوليس ۽ ماحولياتي تحفظ جا ادارا هن معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. گوڙ ۽ لائيٽ جي وسيلي دهشتگردي ڪندڙ نوجوان يا شوقين ماڻهو ۽ گڏوگڏ غير قانوني لائيٽون وڪرو ڪندڙن کي ڪنهن به طريقي سان روڪڻ جو ڪوبه بندوبست نه پيو ڪيو وڃي. اسان کي ياد نٿو پوي ته ٽريفڪ پوليس ڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي ان قسم جي قانون جي خلاف ورزي تي ڪڏهن چالان ڪري سزا ڏني هجي.
حڪومت کي گهرجي ته روڊن تي شور ۽ تيز روشنيءَ جي خلاف فوري طور تي نوان قانون جوڙي ۽ موجود قانونن تي سختي سان عمل ڪرائي. ٽريفڪ پوليس کي اختيار ڏنو وڃي ته اهڙي ڪنهن به گاڏي کي فوري طور تي ضبط ڪيو وڃي جنهن ۾ پريشر هارن يا ٺڪائن وارو سائلنسر لڳل هجي. ان کان علاوه اهي مڪينڪ ۽ آٽو پارٽس جا دڪان جيڪي اهڙيون غير قانوني شيون لڳائي ڏين ٿا انهن جا لائسنس منسوخ ڪيا وڃن. اسڪولن، ڪاليجن ۽ ميڊيا جي ذريعي نوجوانن کي ان ڳالهه جو احساس ڏياريو وڃي ته سڪون پيدا ڪرڻ انسانيت آهي ۽ شور پکيڙڻ ڏوهه آهي. ماحول ۾ سڪون اسان جي صحت لاءِ اوترو ئي ضروري آهي جيترو صاف پاڻي ۽ هوا. اسان کي خاموش قاتلن يعني غير ضروري هارن، سائلنسر جي ٺڪائن ۽ تيز روشنيءَ جي شعاعن کي پنهنجي معاشري مان پاڙئون پٽڻو پوندو. قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ ماحول دوست تنظيمن کي هاڻي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اسان جو معاشرو نفسياتي مريضن جو گهر بڻجي ويندو.