وياج پوري دنيا جو قديم ترين نفعي بخش ۽ بنا ڪنھن نقصان وارو اھڙو ڪاروبار آھي، جنھن ۾ سرمائيدار مختلف طريقن سان سيڙپ ڪري گھر ويٺي بغير ڪنھن محنت ۽ نقصان جي نفعو کائي ٿو، ڪاروبار يا واپار ۾ ھڪ بنيادي فرق اھو آهي ته وياج ۾ سيڙپڪار صرف نفعي سان ٻڌل رھي ٿو ۽ ڪاروبار ۾ سيڙپڪار نفعي سان گڏ نقصان ۾ به حصيدار ٿئي ٿو، جنھن به ڪاروبار ۾ سيڙپڪار نقصان ۾ شامل نه ٿئي اھو وياج جو ڪاروبار آھي. وياج جو ذڪر معاشي فڪر جي قديم تاريخ ۾ ھر دور ۾ ملي ٿو، معاشي فڪر جي تاريخ ايم اي اڪنامڪس ۾ ھڪ سبجيڪٽ آھي جنھن ۾ وياج بابت پوري تاريخ لکي پئي آھي. اسان وٽ اڪثر شاگرد ڪاپي ڪري پاس ٿين ٿا، سبجيڪٽن کي پڙھن نٿا ان ڪري ڄاڻ تائين انھن جي رسائي نٿي ٿئي. انجيل ۽ توريت ۾ به وياج جي ڪاروبار جو تفصيل ملي ٿو، سنڌ ۾ وياج جو ڪاروبار قديم زمانن کان مختلف شڪليون بدلائيندو ھلندو اچي. ڪجھ واڻيا، ڪجھ پٺاڻ، ڪي ٻيا مسلمان مالدار به وياج جو ڪاروبار ڪندڙ آھن. ڍڳو، مينھن، ٻڪري، موبائيل فون، بيٽري، سولر پليٽون، ٽي وي، فرج، موٽرسائيڪل، ڪار، گھر سميت ھر شيءِ وياج تي قسطن ۾ ملي ٿي. وياج جا قرض واپس نه ڪري سگھڻ تي سنڌ ۾ نياڻيون به گروي رکيون ويون آھن، اھڙي ھڪ خبر تازو شايع ٿي آھي، جنھن ۾ ڄاڻايل آھي ته 20 ھزار قرض جي عدم ادائگي عيوض پيءُ پنھنجي ڌيءَ کي وياجيءَ وٽ گروي رکي ڇڏيو. ان قسم جون خبرون اخبارن ۾ ڇپبيون ۽ ٽي وي چينلن تان نشر ٿينديون رھن ٿيون. اھڙين ئي حالتن جي ڪري صدين کان وياج جي ڪاروبار کي ھڪ سماجي برائي قرار ڏنل آھي. ٻه ٽي سال اڳ ڇاڇرو ۾ وياج جي ڪاروبار بابت ميڊيا تي آيل خبرن جو اتان جي ايس ايس پي زاهده پروين نوٽيس وٺندي وياج خورن خلاف قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ھو. جڏھن اڃان وياج خلاف سنڌ اسيمبلي 2023ع ۾ سزائن وارو اسپيشل ايڪٽ پاس نه ڪيو ويو ھو. مون کي ان وقت سمجھ ۾ نٿي آيو ته پوليس وياج وٺڻ ۽ ڏيڻ واري سِول معاملي کي ڪھڙي قانون تحت ڪرمنل جي دائري ۾ آڻيندي. عام طور تي اھو به ڏٺو ويو آھي ته پوليس آفيسرن جي آفيسن ۾ وياج جي پئسن جي وصولين جا فيصلا ٿيندا آھن. جيڪڏهن ڪو شخص مجبوري ۾ وياج تي پئسا حاصل ڪري ڪو ڪم ٽپائيندو آھي ته اھو آمدني، خرچ ۽ بچت ۾ توازن نه رکي سگھڻ سان گھاٽي واري سودي ۾ پئجي ويندو آھي ۽ پنھنجون مائٽياڻيون ملڪيتون نيلام ڪرڻ لڳندو آھي ۽ آخرڪار ڏيوالي جو شڪار ٿي ويندو آھي. اھڙو ماڻھو طاقتور ڌرين جا وياج جا پئسا ادا نه ڪري سگھڻ تي گھر ڇڏي ڀڄڻ تي به مجبور ٿيندو آھي. ڪيترن ئي ماڻھن اھڙين پريشانين ۾ خودڪشيون به ڪيون آھن. ماتلي ۾ ھڪ نوجوان جنھن جو بھترين ڪاروبار ھلندڙ ھو، سٺي معاشي پوزيشن ۾ ھو، پر لالچ سبب ھو ٻين ڪاروبارن ۾ سيڙپ ڪرڻ لڳو جن ڪاروبارن جو ان کي ڪوبه تجربو نه ھو، نتيجي ۾ ھن نقصانن جي پورائي لاءِ وياج تي رقمون حاصل ڪرڻ جو سھار ورتو، ڪا پلاننگ نه ھجڻ ڪري ھن تي وياج جي رقمن جا وزن وڌي ويا پنھنجو دڪان تباھ ڪري ٻئي جي دڪان تي مزدوري به ڪيائين اتي به ھن کي وياج خورن وياج جي وصولي لاءِ تنگ ڪيو، ھن اھا جائز مزدوري ڇڏي. منشيات جو ڪاروبار شروع ڪيو، پوليس ھن کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيا، ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 30 ھزار ڏنڊ جي سزا به کائي ويٺو، ايئن ان جي حالت اھڙي ٿي وئي جو گھر ڇڏي ڪراچي جي ڪنھن ڪنڊ ۾ لڪي ويٺو آھي. پوليس يا ٻيا ادارا ان جي مدد ڪرڻ بجاءِ ان کي بااثر وياجين جي وياج جي وصولين لاءِ ڳولهي رھيا آھن.