دنيا جي تاريخ اسان کي بار بار اهو سبق سيکاري ٿي ته جيڪا رياست طاقت کان محروم ٿئي ٿي، اها بين الاقوامي معاهدن ۽ امن جي ضمانتن تي قطعي ڀروسو نٿي ڪري سگهي. ان جو تازو ۽ سخت مثال يوڪرين آهي، جيڪو سوويت يونين جي زوال کانپوءِ هڪ وڏي ايٽمي طاقت بڻجي اڀريو، پر اڄ دشمن جي سامهون، جنهن بيوسيءَ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، اهو خاص طور تي “پاڪستان” جي لاءِ “عبرت جو سبق” آهي. اچو ته انهيءَ مامري کي ٿورو تفصيل سان سمجهون. 1991ع ۾ سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ يوڪرين کي ڪشادا ۽ وڏا اسٽريٽيجڪ اثاثا ورثي ۾ مليا هئا. انهن ۾ 19 عدد Tu-169بمبار، 25 عدد Tu-95Ms بمبار، 60 عدد Tu-22M3بمبار ۽ 1700 نيو ڪليئر وارهيڊز شامل هئا. ان کانسواءِ بين البر اعظمي ميزائل سائلوز، جنگي بحري جهاز ۽ هڪ اڻپورو جنگي جهاز به هن جي حصي ۾ آيو هو، ان وقت يوڪرين، روس ۽ آمريڪا کانپوءِ دنيا جي ٽين وڏي ايٽمي طاقت بڻجي اڀريو هو. سوويت يونين جي زوال کانپوءِ يوڪرين کي مغرب جي طرف کان گهرو دلاسو مليو، مغربي مالياتي اداري جي صلاحڪارن جي نگراني هيٺ سوويت طرز جي مرڪزي منصوبابندي کان مارڪيٽ اڪانومي ۾ منتقلي جو عمل شروع ٿيو. ان دوران رياستي ملڪيت جي وڏن ادارن جي نجڪاري جو عمل غير منظم ۽ بدعنواني جو شڪار رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ اثاثن جي وڏي پيماني تي ڦرلٽ ٿي غير ملڪي سرمائيڪاري کان ملڪ کي ڪو فائدو نه ٿيو ۽ اهو هڪ ڏکئي معاشي بحران جو شڪار ٿي ويو.