بلاگنئون

يوڪرين جي تباهي مان پاڪستان کي عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي!

دنيا جي تاريخ اسان کي بار بار اهو سبق سيکاري ٿي ته جيڪا رياست طاقت کان محروم ٿئي ٿي، اها بين الاقوامي معاهدن ۽ امن جي ضمانتن تي قطعي ڀروسو نٿي ڪري سگهي. ان جو تازو ۽ سخت مثال يوڪرين آهي، جيڪو سوويت يونين جي زوال کانپوءِ هڪ وڏي ايٽمي طاقت بڻجي اڀريو، پر اڄ دشمن جي سامهون، جنهن بيوسيءَ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، اهو خاص طور تي “پاڪستان” جي لاءِ “عبرت جو سبق” آهي. اچو ته انهيءَ مامري کي ٿورو تفصيل سان سمجهون. 1991ع ۾ سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ يوڪرين کي ڪشادا ۽ وڏا اسٽريٽيجڪ اثاثا ورثي ۾ مليا هئا. انهن ۾ 19 عدد  Tu-169بمبار، 25 عدد Tu-95Ms بمبار، 60 عدد  Tu-22M3بمبار ۽ 1700 نيو ڪليئر وارهيڊز شامل هئا. ان کانسواءِ بين البر اعظمي ميزائل سائلوز، جنگي بحري جهاز ۽ هڪ اڻپورو جنگي جهاز به هن جي حصي ۾ آيو هو، ان وقت يوڪرين، روس ۽ آمريڪا کانپوءِ دنيا جي ٽين وڏي ايٽمي طاقت بڻجي اڀريو هو. سوويت يونين جي زوال کانپوءِ يوڪرين کي مغرب جي طرف کان گهرو دلاسو مليو، مغربي مالياتي اداري جي صلاحڪارن جي نگراني هيٺ سوويت طرز جي مرڪزي منصوبابندي کان مارڪيٽ اڪانومي ۾ منتقلي جو عمل شروع ٿيو. ان دوران رياستي ملڪيت جي وڏن ادارن جي نجڪاري جو عمل غير منظم ۽ بدعنواني جو شڪار رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ اثاثن جي وڏي پيماني تي ڦرلٽ ٿي غير ملڪي سرمائيڪاري کان ملڪ کي ڪو فائدو نه ٿيو ۽ اهو هڪ ڏکئي معاشي بحران جو شڪار ٿي ويو.

معاشي بحران جي دوران آمريڪا “امن” جي نالي تي يوڪريني قيادت کيNunn-lugar پروگرام تحت صرف 500 ملين ڊالرن جي بدلي ايٽمي اثاثا ختم ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو. ان پروگرام تحت تقريبن 1,900 وار هيڊز جن مان ڪيترائي رينج ميزائلز تي نصب هئا سڄي ٽيڪنالاجي ۽ وار هيڊز کي ڊسمينٽل ڪري تباهه ڪيو ويو. ان کان علاوه MD ميزائل ڊسڪ ۽ نيوڪليئر فيسل محفوظ طريقي سان منتقل يا تلف ڪيا ويا. ڪيميائي ۽ ٻيا خطري وارا مواد بين الاقوامي معيار مطابق محفوظ يا تباهه ڪيا ويا. هن وقت يوڪرين مڪمل طور تي غير نيوڪليئر ملڪ آهي. حيرت انگيز ڳالھ اها آهي ته نهايت جديد جهاز جن صرف ڪجھ ڪلاڪ اڏام ڪئي هئي، آمريڪي ماهرن جي نگراني ۾ ڊسمينٽل ڪري تباهه ڪيا ويا. پوءِ يوڪرين 1994 جي بڊاپسٽ معاهدي جي تحت پنهنجي سلامتي جي عالمي ضمانت جي بدلي نيوڪليئر هٿيارن کان به هٿ کنيو، پر جڏهن روس 2014 ۾ ڪريميا تي قبضو ڪيو ۽ 2022 ۾ مڪمل جنگ ڇيڙي وڌي ته انهن معاهدن يوڪرين کي ڪو تحفظ ميسر نه ڪيو. آمريڪا ۽ نيٽو ملڪن صرف پنهنجا پراڻا هٿيار ڏنا ۽ بدلي ۾ يوڪرين جا نهايت قيمتي معدني ذخيرا ڦٻائي ورتا. هاڻي اچون ٿا پاڪستان ڏانهن، جنهن جا ايٽمي هٿيار هن جي خود مختياري، دفاع ۽ خطي ۾ طاقت جو توازن برقرار رکڻ جو واحد وسيلو آهن، نه ته ڀارت جهڙو پاڙيسري دشمن ملڪ هر پل هن جي وجود جي خاتمي لاءِ هر حد ڪراس ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، پر اها به هڪ سخت حقيقت آهي ته اندرين ملڪ هڪ خاص لابي سالن کان ايٽمي هٿيارن جي شديد مخالفت ڪندي آئي آهي. سندن چوڻ آهي ته پاڪستان کي پنهنجا ايٽمي هٿيار تباهه ڪري “پرامن” رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. اهي چون ٿا ته ايٽمي اثاثا ۽ “جوهري پروگرام” ملڪ جي لاءِ بار آهن، پر حقيقت ۾ اها سوچ پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڀارت جي سامهون جهڪائڻ جي هڪ خطرناڪ ڪوشش آهي، بلڪل ائين ئي جيئن يوڪرين کي بي يارو مددگار روس جي سامهون وڌو ويو آهي.

پاڪستان کي ايٽمي اثاثن کان محروم ڪرڻ جي لاءِ هن کي معاشي طور تي مضبوط ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي. 2018 کانپوءِ بحيثيت خاص پاڪستان جي معاشي بحران کي ان قدر وڌايو ويو ته “دفاعي خرچ” واقعي ملڪ ۽ قوم تي بوجھ ٿيڻ لڳو. انهيءَ دوران سول سوسائٽي جي نالي تي اسٽريٽجيڪ پاليسين تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سوشل ميڊيا، اين جي اوز ۽ لبرل طبقي ۽ ايٽمي پروگرام کي “بوجھ” قرار ڏيڻ ڪا معصوم سوچ جو نتيجو ناهن، بلڪه هڪ منظم منصوبابندي جو حصو آهن، جنهن جو واحد مقصد پاڪستان کي دفاعي طور تي ڪمزور ڪرڻ آهي. يوڪرين جو انجام رڙيون ڪري پاڪستان کي خبردار ڪري رهيو آهي ته “جيڪڏهن تو پنهنجي فوجي طاقت کي ڪمزور ڪيو ته پوءِ بڊاپسٽ جهڙو معاهدو تنهنجي تحفظ جي ضامن نه ٿي سگهندو، ڀارت توهان جي مٿان ميزائيلن جي برسات ڪندو!” ۽ توهان عالمي برادري کان اپيلون ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪري سگهندا. يوڪرين جو زوال هن ڳالھ جو ناقابل ترديد ثبوت آهي ته جيڪا قوم پنهنجي طاقت ڇڏي ٿي. اها پنهنجي زمين، نسل ۽ عزت سڀ ڪجھ وڃائي ويهي ٿي. پاڪستان جو ايٽمي پروگرام ڪو فخر يا نمائشي ڪارنامو ناهي، بلڪه هڪ زنده قوم جي بقا جي ضمانت آهي. امن صرف طاقت سان ممڪن آهي. ڇو ته ڪمزور جو ڪوبه دوست ناهي ٿيندو، صرف واعدا ٿين ٿا، اهي به ڪوڙا. البته هن حقيقت کان به انڪار ناهي ته معاشي استحڪام کانسواءِ ايٽمي ۽ “اسٽريٽيجڪ” اثاثا به سلامتي جي ضمانت نٿا بڻجي سگهن، ان جو سڀ کان وڏو مثال سوويت يونين آهي. پاڪستان جي سلامتي جي لاءِ اهو اشد ضروري آهي ته اسان معاشي بحران کان نڪرڻ جي لاءِ “پنهنجو پاڻ تي دارومدار” کي واڌ ڏيون. اشرافيه ۽ بيورو ڪريسي جا غير ضروري خرچ ختم ڪيا وڃن. جڏهن ته حڪومت جي نان ڊولپمينٽ خرچن ۽ ملٽري جي غير فوجي خرچن ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي آندي وڃي. بنيادي يوٽيلٽيز جيئن بجلي، گئس، ڊيزل، پيٽرول ۽ کائڻ پيئڻ وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي فورن ۽ حقيقي رليف ميسر ڪيو وڃي. ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ جي لاءِ جي ڊي پي جو هڪ سيڪڙو مخصوص ڪيو وڃي ته جيئن جدت ۽ خود ڪفالت جو بنياد رکي سگهجي. ان کان علاوه ڪاروبار ۽ ننڍين صنعتن جي حوصلا افزائي ڪري ٽيڪس جو دائرو ڪشادو ڪندي شرح کي گهٽ ڪيو وڃي. ٻئي طرف پاڪستان جي “ايٽمي پاليسي کي هڪ ناقابل واپسي اثاثو” قرار ڏنو وڃي. لبرل اين جي اوز ۽ ٻاهرين ايجنڊه تي هلڻ وارين لابين جي ايٽمي لابي واري پروگرام کي رول بيڪ ڪرڻ جي مهم کي قومي سلامتي جي خلاف ورزي قرار ڏنو وڃي. دفاعي صنعت ۽ اسٽريٽيجڪ ادارن کي جديد ترين بڻايو وڃي.

اها ڳالھ روز روشن جيان چٽي آهي ته معاشي عدم استحڪام ۽ اسٽريٽيجڪ اثاثن کان محرومي ٻئي رياست پاڪستان جي لاءِ قاتل زهر ثابت ٿيندا. جهڙيءَ ريت يوڪرين پنهنجي ايٽمي طاقت وڃائي بيوسي جو منهن ڏٺو، ساڳئي ريت پاڪستان به جيڪڏهن معاشي طور تي ڪمزور ۽ دفاعي طور تي ڪمزور ٿيو ته هن کي ناقابل نقصان پهچي سگهي ٿو. مضبوط معيشت کان بنا دفاعي صلاحيتن کي برقرار رکڻ ممڪن ناهي ۽ دفاعي قوت کانسواءِ ملڪي سالميت کي يقيني بنائڻ هڪ خواب آهي. ان ڪري پنهنجو پاڻ تي دارومدار رکڻ، استحڪام ۽ ايٽمي دفاع کي قومي اوليت بنائڻ ئي پاڪستان جي ضمانت آهي. گڏوگڏ اهو ملڪ اڃان به مضبوط ٿي سگهي ٿو، جيڪو پنهنجن ماڻهن کي هر مسئلي تي گڏ کڻي هلي. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي طاقت عوام سان گڏ هوندي آهي، نه ڪي مٺ جيترن ماڻهن جي چوڻ تي عوام جي راءِ جي بنا فيصلا ڪيا وڃن. اسان جو وطن عزيز دفاعي لحاظ کان بيشڪ مضبوط آهي، پر ملڪ دشمن عنصرن هن کي معاشي طور تي کوکلو ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جي حڪمرانن کي گهرجي ته اهي ملڪ ۾ جيڪي به فيصلا ڪرڻ چاهين ٿا، اهي عوام ۽ قوم جي مفادن کي نظر ۾ رکندي ڪن ته جيئن ملڪ جي اندر به ڪو انتشار پيدا نه ٿي سگهي. ڇو ته اسان جو ملڪ دفاع جي لحاظ کان ته مضبوط آهي، پر معاشي طور تي ڪمزور آهي. جيڪڏهن هتي ڪوبه منفي عوامي رد عمل ٿيو ته اڃان به معاشي طور تي وڌيڪ بدترين صورتحال جو شڪار ٿي ويندو ۽ هن وقت ملڪ انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.