ھن وقت سڄي مُلڪ ۾ وفاقي بجيٽ ۽ صوبائي بجيٽ بحث هيٺ آھي. ھرڪو ماڻھو پريشان ۽ مايوس آھي. مُلڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري عام آھي. ھر طبقو پريشان آھي. اسين جيڪي سنڌ واسي آھيون اھي صرف سڄي ملڪ جي نااھل ۽ جي حضوري نمائندن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل آھيون. ڪِٿي به توھان کي سنڌ جو نالو گهٽ نظر ايندو، صرف ۽ صرف ڪراچي، ڪراچيءَ لاءِ ھاءِ گهوڙا گهڻي آھي. وفاقي بجيٽ ۾ رڳو اھو چيو پيو وڃي ته ڪراچيءَ لاءِ خاص پئڪيج آھي! ڇا وفاق فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ته ڪراچي سنڌ کان ڌار آھي؟ تنھنڪري صرف ۽ صرف ڪراچيءَ لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي حصو رکيو ويو آھي! جنهن جي اسان کي تمام گهڻي خوشي آهي ته سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ جي لاءِ بجيٽ رکيو ويو آهي، پر سنڌ جي ٻين شهرن لاءِ ڇا آھي؟؟ وري اسان جي سنڌ جي بجيٽ ڏسو ته رڳو ڪراچيءَ لاءِ ڇا رکيو ويو آھي؟ باقي سنڌ ۾ رھندڙ سنڌي ڍور ۽ ڍڳا آھن! جن کي ڪا زبان ناھي! سنڌ مان چونڊيل نمائندن کي ڄڻ نانگ ٿو کائي؟
ايمانداريءَ سان سنڌ واسيو پنھنجي دل تي ھٿ رکي ٻُڌايو ته اسان جن نمائندن کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ موڪليو آھي، انھن ڪڏھن سنڌ اسيمبليءَ ۾ چيو آھي ته اسان جي تڪن ۾ نه پيئڻ جو پاڻي آھي، يا اسان جي تڪ ۾ بجلي يا تعليم جو نظام صحيح نٿو ھلي، يا اسپتالن ۾ ماڻھن لاءِ دوائون ۽ ڊاڪٽر نه آھن، يا روڊ رستا نه آھن، يا ايريگيشن جو سسٽم ٺيڪ نٿو هلي، يا ماڻهن کي ٽرانسپورٽ ميسر نه آھي، يا انهن ڪڏهن اها دانهن ڪئي آهي ته سندن تڪن ۾ ڦرون، ڌاڙا، چوريون عام آهن، يا جيڪي سھولتون اوھان بجيٽ ۾ ڏيکاريو ٿا اھي اسان کي ملن نٿيون، يا جيڪي ترقياتي ڪم اوھان منظور ڪرائڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو اھي رڳو ڪاغذن ۾ ٿا ٿين، ڪنهن تڪ جي ايم اين اي يا ايم پي اي پنهنجي تڪ جي لاءِ ڳالهايو آهي؟ اسان ته ڪونه ٻُڌو آھي ته ڪا شڪايت ڪنھن ڪئي ھجي! جڏھن به ٻُڌون ٿا ته رڳو گهوڙا گهوڙا ڪراچيءَ وارن لاءِ! انهن جون به ضرورتون پوروين ٿيڻ گهرجن، ڇو جو اهي ماڻهو ٽيڪس به ڏين ٿا ۽ شهرن ۾ جيڪا ترقي ٿيڻ کپي اها به اسان جي گاديءَ جي هنڌ جو حق آهي، پر ان سان گڏوگڏ اهي سڀ سهولتون سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ به ملڻ گهرجن. سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ روڊ، رستا، بجليءَ جو انتظام، اسڪول، اسپتالون هن وقت تباهه حال آهن. انهن کي بهتر ڪري انهن ماڻهن کي بهتر زندگيءَ ڏيو ته اهي پنهنجن گهرن ۾ پنهنجن ٻارن کي سڪون سان پالي سگهن ۽ شهرن ڏانهن لڏپلاڻ نه ڪن. جتي ڪراچي جي ترقيءَ لاءِ ڳالهايو ٿو وڃي اتي اسان جي چونڊيل نمائندن کي جتان به ووٽ مليو آهي انهن کي به پنهنجن تڪن پنهنجن شهرن جي لاءِ ڳالهائڻ گهرجي ۽ انهن جي لاءِ مخصوص بجيٽ جيڪو مليو آهي ان جو صحيح طرح سان استعمال ڪري پٺتي پيل علائقن کي ترقي وٺرائي وڃي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنھنجي تڪ جي ماڻھن جي تڪليفن کي بيان ڪرڻ جي ھنن ۾ جرئت ئي ناھي! ۽ ھنن کي خبر ئي ڪونھي ته سندن تڪن ۾ ڇا پيو ٿئي؟ ۽ پُڇن به ڇو ته ميمبرن صاحبن جون فيمليون رھن ڪراچيءَ ۾! ته توھان ئي ٻُڌايو جيڪا تڪليف ڪراچيءَ وارن جي ھوندي سا ھنن جي ھوندي! باقي تڪ ۾ اھي اچن اليڪشن دوران يا ڪنھن سندن منظور نظر جي شاديءَ يا مراديءَ ۾ اچن! باقي مڙئي خير! ھنن جو عوام جي تڪليفن سان ڪو تعلق ئي ناھي! ۽ انھن لاءِ ھي ڇو گهوڙا گهوڙا ڪن؟ وري جڏھن اليڪشن ٿيندي، پارٽيءَ کان ٽڪيٽ وٺي ميمبر ٿي ويندا! ۽ پارٽيءَ کي اھڙن نااھل ماڻھن جي ضرورت ھوندي آھي! جيڪي بنا ڪنھن بحث مباحثي يا ڇڪتاڻ جي رڳو جِي حضور ٿي رھڻ وارن کي ئي ٽڪيٽون ڏنيون وڃن ٿيون! جنھن جو نتيجو سڀني جي سامھون آھي! پارٽيءَ جو اميج ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندو پيو وڃي ۽ ماڻھو ووٽ وجهڻ لاءِ تيار ئي ناھن! باقي اليڪشن کٽڻ جو طريقو پاڪستان ۾ ٻيو آھي، ان ۾ اليڪشن ٿيو وڃي، نه ته مڙئي خير!!
اسين ڪھڙي اميد رکون ھن بجيٽ ۾؟ اسان کي ته ھاڻي شڪ ٿو پوي ته اوھان ٻهراڙي وارن علائقن کي ڪراچي کان ڌار ڪري صوبي جي حيثيت ڏيڻ ۾ شامل آھيو! جيڪڏھن ائين ٿيو ته ياد رکو سنڌ جي تاريخ توھان کي ڪڏھن به معاف نه ڪندي! تنھنڪري پنھنجي تڪن جي مالڪي ڪريو ته بھتر ٿيندو.