تڪڙي ڪتي ۽ انڌا گُلر (هيءَ ڳالھ هڪ مثبت سمت ۾ آهي ان کي منفي نٿا سمجهون) ڇو ته ڪُتي جڏهن گُلر ڄڻيندي آهي ته ان جا گُلر سج جي روشني برداشت ناهن ڪري سگهندا، ان ڪري اکيون ٻوٽيو ان ڪُتي (ماءُ) جي پويان هلي پوندا آهن ۽ ڪُتي گُلر ڄڻڻ کانپوءِ پاڻ هلڪو ڀائيندي آهي ۽ تڪڙي تڪڙي هلي ويندي آهي ۽ گُلر ان جي پويان ٿڙندا ٿاٻڙندا هلندا ويندا آهن ۽ ان کي پڄي ناهن سگهندا. ان ڪري ته ان اسپيڊ سان هلڻ انهن گُلرن جي وس جي ڳالھ ناهي هوندي. هاڻي وري ڳالھ پي ٽي آءِ جي تڪڙي سياست جي ٿا ڪريون ته ان کي طوفاني سياست ۾ اهڙا سماجي ۽ سياسي قدم کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جنهن ۾ عدت جي مدي ۾ نڪاح ڪرڻ ۽ پنهنجي مٿان تهمت هڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي يا ڪنهن عمران خان جي پويان اهڙي باھ ٻاري ڏني هئي جو هن عدت ۾ نڪاح ڪيو يا ماڻهن کان ريحام خان جو باب وسارڻ جي ڪيائين، پر “پبلڪ فگر” ماڻهن جي لاءِ ايترو ته ضروري هوندو آهي ته اهي لڪي ڇپي زندگي گذارين ۽ ڪابه اهڙي حرڪت نه ڪن جنهن سان انهن جي پروفائل تي اثر پوي. ان ڳالھ ۾ مڊل ڪلاس ماڻهو ٽيڪيل آهن، انهن کي ڪا جهل پل ناهي هوندي، نه بدنامي ۽ عزت جي نيلامي ۽ نه ڪو ڪنهن ميڊيا ۽ ماڻهن جو خوف، بنا هٻڪ جي هو روڊن رستن تي چرندا وتندا آهن، ڦرندا وتندا آهن، جيئن وڻين تيئن ڪن، پر ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي ماڻهو “پبلڪ فگر” ٿين ٿا يا ٿي ٿا وڃن، انهن جي لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي سيڪيورٽي رکن ۽ پنهنجي عزت جو جنازو نه ڪڍن. ان ڪري ته انهن جي لاءِ معمولي ڳالھ ناهي ته اهي لڪي ڇپي ڪا شادي ڪري سگهن، ڪنهن بارِ تي ڪا شراب نوشي ڪري سگهن، ڪنهن عام جڳھ تي ويهي ڪو زندگي جو لطف ماڻي سگهن. ان ڪري عمران خان هرو ڀرو ان تڪڙي ڪُتي ۽ انڌا گُلر واري ڳالھ ڪئي ۽ سياست جي “س” کان به واقف نه لڳو، پر ماڻهن جي ايمان کي شاباس آهي جن پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ مان ۽ خاص ڪراچيءَ جي آبادي ايم ڪيو ايم مان بيزاري ظاهر ڪئي ۽ عمران خان کي بي ڌڙڪ ووٽ ڪيائون، پر هن شخص ڍوءُ نه جهليو ۽ آڪڙ ۾ اچي پنهنجو الھ تلھ ۽ سياسي ڪيريئر تباھ ڪري ويهي رهيو. هاڻي ماڻهن جي دماغ مان نئين پاڪستان جو شِرُ نڪري ويو آهي، هاڻي رڳو اهو ٿا چاهين ته هي حڪمران جيڪي به ڪن، پر وقت سِرِ ڪن. مثال هاڻي جي بجلي جا اگھ وڌائين، گيس مهانگي ڪن، پيٽرول جا لاها چاڙها ڪن، پرائيس ڪنٽرول جي ڳالھ وساري ڇڏين، آءِ ايم ايف سان رات پيٽ ۾ اسٽاف ايگريمينٽ ڪن، ادارا خانگائن، چين سان مصالحتون ڪن، آمريڪا جي ڳالھ هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏين ته ڪڍي سگهن ٿا، طالبان جي معاملي تي چپ ڪريو ويٺا هجن يا جيڪي وڻين تيئن ڪن، پر مهل سان ڪن. ڇو ته هن سرڪار کي ڪنهن به مخالف ڌر جو خوف ناهي، نه ئي ڪا “پي ڊي ايم 3” وجود ۾ به ايندي ۽ حڪومتي ڌر کي به ڪو خوف ناهي نه ئي هنن کي عوامي سياست ڪرڻ ئي اچي ٿي.