تڪڙي ڪتي ۽ انڌا گُلر (هيءَ ڳالھ هڪ مثبت سمت ۾ آهي ان کي منفي نٿا سمجهون) ڇو ته ڪُتي جڏهن گُلر ڄڻيندي آهي ته ان جا گُلر سج جي روشني برداشت ناهن ڪري سگهندا، ان ڪري اکيون ٻوٽيو ان ڪُتي (ماءُ) جي پويان هلي پوندا آهن ۽ ڪُتي گُلر ڄڻڻ کانپوءِ پاڻ هلڪو ڀائيندي آهي ۽ تڪڙي تڪڙي هلي ويندي آهي ۽ گُلر ان جي پويان ٿڙندا ٿاٻڙندا هلندا ويندا آهن ۽ ان کي پڄي ناهن سگهندا. ان ڪري ته ان اسپيڊ سان هلڻ انهن گُلرن جي وس جي ڳالھ ناهي هوندي. هاڻي وري ڳالھ پي ٽي آءِ جي تڪڙي سياست جي ٿا ڪريون ته ان کي طوفاني سياست ۾ اهڙا سماجي ۽ سياسي قدم کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جنهن ۾ عدت جي مدي ۾ نڪاح ڪرڻ ۽ پنهنجي مٿان تهمت هڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي يا ڪنهن عمران خان جي پويان اهڙي باھ ٻاري ڏني هئي جو هن عدت ۾ نڪاح ڪيو يا ماڻهن کان ريحام خان جو باب وسارڻ جي ڪيائين، پر “پبلڪ فگر” ماڻهن جي لاءِ ايترو ته ضروري هوندو آهي ته اهي لڪي ڇپي زندگي گذارين ۽ ڪابه اهڙي حرڪت نه ڪن جنهن سان انهن جي پروفائل تي اثر پوي. ان ڳالھ ۾ مڊل ڪلاس ماڻهو ٽيڪيل آهن، انهن کي ڪا جهل پل ناهي هوندي، نه بدنامي ۽ عزت جي نيلامي ۽ نه ڪو ڪنهن ميڊيا ۽ ماڻهن جو خوف، بنا هٻڪ جي هو روڊن رستن تي چرندا وتندا آهن، ڦرندا وتندا آهن، جيئن وڻين تيئن ڪن، پر ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي ماڻهو “پبلڪ فگر” ٿين ٿا يا ٿي ٿا وڃن، انهن جي لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي سيڪيورٽي رکن ۽ پنهنجي عزت جو جنازو نه ڪڍن. ان ڪري ته انهن جي لاءِ معمولي ڳالھ ناهي ته اهي لڪي ڇپي ڪا شادي ڪري سگهن، ڪنهن بارِ تي ڪا شراب نوشي ڪري سگهن، ڪنهن عام جڳھ تي ويهي ڪو زندگي جو لطف ماڻي سگهن. ان ڪري عمران خان هرو ڀرو ان تڪڙي ڪُتي ۽ انڌا گُلر واري ڳالھ ڪئي ۽ سياست جي “س” کان به واقف نه لڳو، پر ماڻهن جي ايمان کي شاباس آهي جن پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ مان ۽ خاص ڪراچيءَ جي آبادي ايم ڪيو ايم مان بيزاري ظاهر ڪئي ۽ عمران خان کي بي ڌڙڪ ووٽ ڪيائون، پر هن شخص ڍوءُ نه جهليو ۽ آڪڙ ۾ اچي پنهنجو الھ تلھ ۽ سياسي ڪيريئر تباھ ڪري ويهي رهيو. هاڻي ماڻهن جي دماغ مان نئين پاڪستان جو شِرُ نڪري ويو آهي، هاڻي رڳو اهو ٿا چاهين ته هي حڪمران جيڪي به ڪن، پر وقت سِرِ ڪن. مثال هاڻي جي بجلي جا اگھ وڌائين، گيس مهانگي ڪن، پيٽرول جا لاها چاڙها ڪن، پرائيس ڪنٽرول جي ڳالھ وساري ڇڏين، آءِ ايم ايف سان رات پيٽ ۾ اسٽاف ايگريمينٽ ڪن، ادارا خانگائن، چين سان مصالحتون ڪن، آمريڪا جي ڳالھ هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏين ته ڪڍي سگهن ٿا، طالبان جي معاملي تي چپ ڪريو ويٺا هجن يا جيڪي وڻين تيئن ڪن، پر مهل سان ڪن. ڇو ته هن سرڪار کي ڪنهن به مخالف ڌر جو خوف ناهي، نه ئي ڪا “پي ڊي ايم 3” وجود ۾ به ايندي ۽ حڪومتي ڌر کي به ڪو خوف ناهي نه ئي هنن کي عوامي سياست ڪرڻ ئي اچي ٿي.
حيرت ان ڳالھ تي به آهي ته عمران خان جڏهن ڪرپٽ نه هو ته هي توشاخانا جا 10 تحفا گهر گهلي ڇو ويو؟ جڏهن ته هن کي به ماضيءَ جي ٻين وزيراعظمن ۽ صدرن وانگي هڪ ڇوٽ هئي ته هو تحفن جا 20 سيڪڙو قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي. هن شخص ته انهن جي قيمت به گهٽ ڪَٿِي ۽ اهڙا واپاري ڳولهي آيو جيڪي هن کي گهٽ قيمت واري انوائيس (بِلُ) ٺاهي ڏين ته جيئن هي ايماندار ۽ ديانتدار شخص اهي سڀ تحفا گهر کڻي وڃي سگهي، پر هن کي ان عوام جو خيال رکڻو هو، جيڪي اکيون ٻوٽي هن جي پويان لڳل هئا ته هي واقعي انهن چاليھ چورن مان ملڪ جي جان آجي ڪرائيندو، پر پاڻ ان کاهي ۾ ڪري پيو ۽ چاليھ چورن جو “علي بابا” ٿي ويهي رهيو ۽ هن کڏ ۾ ڪِريو جيڪا هن ٻين جي لاءِ کوٽي هئي. جڏهن 2018 ۾ عمران خان نمودار ٿيو هو تڏهن ملڪ جي غريب ۽ ڏتڙيل عوام کي هڪ اميد هئي ته هي شخص ايترو ته بهادر، ارڏو ۽ ايماندار آهي جو ملڪ ملير ٿي ويندو، پر هاڻي ته هي شخص 90 پائونڊن جي ڪيسن مان مس آجو ٿو ٿئي ته وري عدت وارا ڪيس ۽ توشاخانا وارا ڪيس اٿلائينس ٿا. ائين ٿو لڳي ته هن جون ڄنگهون ڪنهن ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هجن، جو هڪ ڇڏائي ٿو ته وري ٻي ڦاسي ٿي پئيس.
سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر سوال اهو به آهي ته هي ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ آرمي چيف کي خط ڇو ۽ ڇا لاءِ لکندو؟ وري ڪڏهن هي آءِ ايم ايف کي به خط لکي ٿو وٺي ته هنن جيڪي به پئسا رياست کي ڏنا آهن (يا ڏين ٿا) انهن جي آڏي پڇا ٿيڻ کپي، پر جي اها ڳالھ ڪندو ته ان ۾ هي پاڻ به ڦاسندو، ان ڪري آءِ ايم ايف کان پئسا هن به ورتا هئا، هي به عوام کي ٻڌائي ته اهي پئسا ڪيڏانهن ويا، اهي پئسا ڪهڙن پروجيڪٽن تي خرچ ٿيا، اهي پروجڪيٽ ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڪيترا هئا، انهن پروجڪيٽن مان ملڪ کي ڪيترو فائدو ٿيو ۽ ڪيترو نقصان ٿيو؟ ان ڪري عام فهم ڳالھ اها به آهي ته هي جيڪي به پئسا وٺن ٿا اهي سڀ جا سڀ “آپريشنل ڪاسٽ” ۾ هليا ٿا وڃن، معنيٰ جي سولو ڪري لکون ته ملڪ اندر جيڪي به سرڪاري پينشنر آهن، اهي سڀ جا سڀ پئسا کڻي کائي ٿا وڃن، انهن آءِ ايم ايف جي پئسن مان ڪو بجلي جي پروجيڪٽن تي پئسا ڪو نه ٿا لڳايا وڃن، ڪو اسڪول، ڪاليج ڪنهن سرڪاري يونيورسٽي تي يا ڪا سرڪاري اسپتال ناهي ٺهندي. ان ڪري هي به ماڻهن کي حساب ڪتاب ڏئي ته جيڪي عسڪري ادارن جا شخص آهن، انهن جون پينشون به ڊالرن جي حساب سان وڃن ٿيون، ان ڪري ته هزارين عسڪري ادارن جا عملدار جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ آهن انهن کي رپين جي حساب سان پينشن نٿي ملي، پر اهي ڊالر جي ريٽ ۾ پنهنجي پينشن ٿا کڻن، پوءِ پاڪستاني پئسا جيترا به ٿيا، ان ڪري ايمانداري ته هي پاڻ کان شروع ڪري.
هن سميت بشريٰ بي بي کي 7 سال ۽ شاھ محمود قريشي کي 10 10 سالن جي سزا آيل آهي، ان ڪري هي ڪنهن به صورت ۾ ڪيسن مان جان نه ڇڏائي سگهندا. وري ڳڻتي اها به آهي ته ملڪ ۾ اهڙي ڪا تحريڪ به نٿي هلي، جنهن مان اهو کڙ تيل ڪڍي سگهجي ته هاڻي عمران خان جي ڪري رياست تي اندروني ۽ بيروني پريشر وڌندو ۽ سرڪار سئو ڀيرا سوچيندي ته هن کي آزاد ڪجي ۽ جان ڇڏائجي. ان ڪري ته هي ڪنهن سان به سچو ۽ کرو نه هليو، سائفر جو ڪيس ته وري اٿليس ٿو، جنهن ۾ هن سي آءِ اي تي به سڌا الزام هنيا هئا ته هن جي سرڪار ڪيرائڻ ۾ انهن جو هٿ هو ۽ هن جي سرڪار ڪيرائي رياست ملڪ بچائي ورتو، پر هو ڪجھ به نه. ڳالھ سمجهڻ سولي هئي ته هن شخص پنهنجا سياسي رشتا ناتا ۽ ڳالهيون ٻولهيون سڀ جون سڀ بگاڙي ڇڏيون ۽ عوام جا به لاھ ڪڍي ڇڏيا، جو اڳي ڇٺي ڇماهي ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ کي روڊن تي ڏسندا هئاسين ته اهي بجلي، گيس، پيٽرول ۽ مهانگائيءَ جي ڪري مڙئي هلڪو ڦلڪو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا هئا. هاڻي ته اهي ان نور کان به ويا، ڪير روڊن تي نٿو اچي، ڪا تحريڪ، ڪنهن انصاف جي گهرج ناهي، ڪوبه نٿو ڳالهائي، سڀ چُپِ ڌريو ويٺا آهن ۽ سمجهن ٿا ٻِليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنٽي ڪير ٻڌي، جو ڪوئن کي خبر پئي ته ٻلي اچي ٿي ان ڪري اهي لِڪي لِڪي جاءِ ڪن ۽ پنهنجي جان بچائين.
ڳالھ ڳاٽي کان چڙهي وئي آهي، هاڻي آرمي چيف کي عمران خان اهو خط لکندو ته فارم 47 ۽ 45 جي جاچ ڪرائي وڃي، جو جڏهن سج لهي ويو. هاڻي هن ڪاري رات انڌاريءَ ۾ ڪير ڪنهن کي انصاف ڏياريندو؟ جو تحريڪ انصاف وارا پاڻ انصاف جي لاءِ ٻاٿون کائيندا ٿا وتن، ڪير نٿو ٻڌين، جو وقت جي ايماندار، صاف شفاف ۽ حد درجي جي ديانتدار به بي ايمانيءَ ۽ قانون جي ڀڃڪڙيءَ ۾ ٻه ٽنگو ڦاٿو، جو ”سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي“. پر هتي هڪ وڏي ويڌن اها به آهي ته جنهن کي به طاقت ملي ٿي اهو سڀ ڪم سولا ڪري ٿو وڃي، نون ليگ پنهنجا سڀ جا سڀ وزير کير سان ڌوئي ورتا، جو هاڻي خاقان عباسي به صاف سٿرو، شهباز شريف سميت، حمزا شهباز، مريم نواز ۽ پاڻ نواز شريف تي ڪي به ڪيس ناهن، ڪورٽن سڀ ڪم اٿلائي هاڻي سڀ چوريون ۽ شاهديون پي ٽي آءِ جي مٿان آڻي بيهاريون آهن، ۽ هاڻي ته ڪا واھ ڪونهين جو ڪو حل نڪري سگهي، پر جڏهن به وس هلين ٿو ته آمريڪا آقا کي دانهون ڪوڪون ڪري ٻڌائين ٿا ته اهي اچي هنن جا اوهي واهي ٿين. باقي وقت جو دادلو هاڻي ڪورٽ کان هڪ رعايت به نه ٿو وٺي سگهي، جو رات پيٽ ۾ 33 بل پيش ۽ پاس ڪرائڻ وارو هاڻي بي يارو مددگار ويٺو آهي، ۽ سموري ملڪ مان ڪير به ڪو جلسو جلوس ڪو احتجاج ۽ ڪا رڪاوٽ ڪو مسئلو، ڪا چاڪنگ، ڪا دانهن ڪوڪ نٿو ڪري ته تحريڪ انصاف کي هاڻي پاڻ انصاف جي سخت ضرورت آهي، ان ڪري کيس انصاف ڏياريو وڃي، ان ڪري ته انهن جي پنهنجي وڍي آهي جنهن جو ڊڀ نه دارون.