بلاگنئون

هر ڀيري ٻڏندڙ خيرپور ناٿن شاهه ۽ ان جا ڳوٺ

حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ نااھلي جي ڪري ھر ڀيري ڪي اين شاهه کي وڏو نقصان رسي ٿو، جيئن ته 2010 واري دريائي مھا ٻوڏ کانپوءِ ڪي اين شاهه جي بندن جا ڪروڙين رپين جا بل منظور ڪرايا ويا، پر افسوس جو ڪرپٽ نمائندا ملي ڀڳت ڪري حصا پتي ڪري سڄو مال ھڙپ ڪري ويا ۽ بندن جا ڪم ٿي نه سگھيا. وري جڏھن 2022 ۾ برساتي ٻوڏ آئي ته ڊيميج بند جتان ڪٿان ٽٽي پيا ۽ پاڻي شھر ۾ پھچڻ ۾ دير ئي نه ڪئي، ڳوٺن سان گڏ شھر به ٻڏي ويو. وري به ڪروڙين رپين جي بجيٽ ته منظور ڪرائي وئي آهي، پر افسوس ڪارائتي پاليسي ناھي جوڙي وئي. اسان کي نٿو لڳي ته ڪو ھي ڪم مڪمل به ڪندا اتي به ڪروڙين رپين جو گهپلو ضرور ٿيندو. جيڪڏهن نه به ٿيو ته ڪم صحيح نموني جتان ٿيڻ کپي جن بندن جو ڪم ٿيڻ کپي انھن کي ڇڏي نالي ماتر اھڙين جڳھين تي اھي پئسا خرچ ڪيا ٿا وڃن جو وري به پاڻي آيو ته ٽيھر به شھر کي ٻڏڻ کان ڪير به بچائي نه سگھندو.
جيڪڏهن دادو ضلعي جي قيادت واقعي ڪي اين شاھ شھر کي بچائڻ جي لاءِ عملي اپاءُ وٺي ته خدا واھ جي بجاءِ بچاءَ بند خاص ڪري سپريو بند جي مرمت ڪري ان کي اوچو ڪري ۽ انھن جي پچنگ ڪن ته جيئن شھر سان گڏ ڳوٺ به بچي سگھن ۽ جيڪي بار بار ٻوڏ اچڻ جي ڪري مسڪين ماروئڙا معيشت جي لحاظ کان ويھ سال پٺتي پئجي ويا آھن وري به انهن ئي ڳوٺن کي سورن ۾ ساڙڻ جي سازش رچائي وئي آهي. 2022 جي ٻوڏ کان اڳ رائيس ڪئنال نارا ڊسٽري بيوٽري جي کاٻي پاسي (ڪڙ) شاخ تي ويٺل مسڪينن جا گھر انڪروچمينٽ جي نالي تي پٽ ڪيا ويا ته بابا بند ٺھندو توھان اٿو پر سواءِ مسڪينن کي سور ڏيڻ جي حڪومت اتي ڪم شروع نه ڪيو، صرف مسڪينن جا گھر ڊاٺا ويا، ڪنھن مسڪين کي ان گھر کان علاوه پلاٽ ھو، ڪنھن کي پنھنجي زمين ھئي، اھي ته اتي وڃي ويٺا، پر جن کي نه ٻيو ڪو پلاٽ نه ئي زمين اھي روئيندي گھرڙا ڇڏي ويا ھليا، چلو وقت ويو گذري، وري انھن کي 2022 ۾ اچي ٻوڏ ٻوڙيو ھنن ويچارن جا مٽي جا ڪچڙا گھر ملبي جا ڍير بڻجي ويا، روئندا گھرڙا ڇڏي نڪتا ھليا ويا.
ٻھراڙي جي سادن ماڻھن کي شھر جا شور ناھن وڻندا، بي پردگي ناھي وڻندي، پنڻ ناھي وڻندو، سادا ضرور آھن، پر غيرتمند آھن. جڏھن پاڻي ڪجھ گھٽ ٿيو شھرن ۾ ھئا، فليٽن ۾ ھئا يا بلڊنگن ۾ ھئا يا جھوپڙن ۾، پر چوندا ناھن ته گھر ڪکاوان ھجن ته به پنھنجو گھر پنھنجو آھي، پنھنجو ڳوٺ پنھنجو آھي، پاڻي جڏھن ٿورو گھٽيو ته موٽي اچي وري مٿانھين جو پاسڙو وٺي شاخ جي ڪپ تي گھرڙا ٺاھي ويھي رھيا. ڪن جا ته اڃان تائين ٽينٽ لڳل آھن، جھوپڙين ۾ ويٺا آهن، وسيعت ناھي گھر کڻائڻ جي، ھاڻ وري نئون ڊرامو رچايو ويو آهي ته رائيس ڪئنال نارا ڊسٽري بيوٽري جي ڪپن تي ويٺل ماڻھو گھر ڊهرائي اٿي وڃو نه ته توھان جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. آخر ڪي اين شاهه جي ڳوٺاڻن ڪھڙو ڏوھ ڪيو آهي؟
جو هر هر انھن کي سزا ڏني ٿي وڃي، گھر ٻڏن ڳوٺاڻن جا، مال متاع مريو وڃن، ڳوٺاڻن جون زمينون ۽ فصل به ٻڏيو وڃن، وري سنڌ حڪومت تڙي گھرن مان به انھن کي ڪڍي. آخر ڇو؟ صدين کان ٽي پيڙهيون گذري ويون انھن جون اھي ماڻھو اتي ئي ويٺا رھيا ۽ جنھن وقت ماڻھو اتي گھر جوڙي رھيا ھئا ته سنڌ حڪومت ڇو چپ ھئي، ان وقت ڇو انھن کي اتي ويھڻ ڏنو ويو. جڏھن ته ٽن پيڙھين کان اھي اتي ئي ويٺا آهن ته ھاڻ ڇو لڏو کڻن، ڇو غير قانوني بڻجي ويا؟ چلو اٿاريون، پر گھٽ ۾ گھٽ انھن جي نقصان جو ازالو ته ڪيو، ناڪارا پاليسي جي بجاءِ سپريو بند کي کڻي وڃي سڌو جوھي بئراج سان ملايو، ڳالھ ئي ختم، ان ۾ ڪافي ڳوٺ ٻڏڻ کان به بچي ويندا ۽ لڏپلاڻ کان به بچي پوندا، شايد خرچ به گھٽ ٿئي. باقي جنھن خدا واہه جي بند مٿان ڇھ فوٽ پاڻي بيٺو ھو ٻوڏ دوران ان بند جي مٿان وڏا ٻيڙا پيا ھلن ان خدا واہه جي آسري شھر بچي ئي نٿو سگھي. جيڪڏهن خدا واہه کي پاڻي لڳو شھر ٻڏي ئي ٻڏي، ڪم اھو ڪيو جنھن ۾ نقصان گھٽ فائدا گھڻا ھجن، اھو ڪم سپريو جي مرمت ئي آھي ۽ شھر جي شعور مند دوستن سياسي، سماجي، تنظيمي ۽ صحافي دوستن کي عرض ڪندس ته ھي ڪم حڪمرانن جو نه توھان اسان جو ڪم آھي، ان ڪم جي مالڪي ڪيو ھلندڙ ڪم جو جائزو وٺو، انھن کان سوال ڪيو ته جيئن اسان ڪي اين شاهه واسي ٻوڏ جھڙي مصيبت کان محفوظ رھي سگھون.