نئون

ٿر جا آر او پلانٽ هلائيندڙ ڪمپني تمام پلانٽ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيئي ڇڏي

ٿر اندر پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ صوبائي حڪومت پاران مختلف آر او پلانٽ هڻايا هئا جنهن جي لاءِ هڪ پرائيويٽ ڪمپني جي خدمت حاصل ڪئي وئي هئي پر ان ڪمپنيءَ پاران هن وقت صوبائي حڪومت کي اهي آر او پلانٽ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيئي ڇڏي آهي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت پاران 11 مهينن کان انهن آر او پلانٽن کي هلائڻ لاءِ ڪي به فنڊ نه ڏنا ويا آهن ۽ اسان صوبائي حڪومت کي 7 جون تائين جو وقت ڏيئي رهيا آهيون جيڪڏهن 7 جون کان اڳ ۾ صوبائي حڪومت اسان جا فنڊ جاري نه ڪيا ته پوءِ اسان ٿر اندر هلندڙ سمورا آر او پلانٽ بند ڪري ڇڏينداسين. ڪمپني جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي شڪايت صوبائي حڪومت ۽ پ پ قيادت تائين پهچائي چڪا آهيون پر انهن ڪوبه جواب نه ڏنو آهي ۽ هاڻي اسان کي اميد آهي ته عبوري حڪومت اسان جو مسئلو  حل ڪرائيندي. واضح رهي ته ٿر جا ماڻهو هن قهر جي گرمي ۾ صرف  انهن آر او پلانٽن ذريعي ئي پاڻي حاصل ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ٿر اندر هڪ سروي مطابق 37 واٽر اسڪيمون غير فعال آهن جنهن  کان علاوه 79 واٽر اسڪيمن کي رن مائنر کان پاڻي جي سپلاءِ ملڻ گهرجي جنهن مان به اڌ غير فعال آهن. ياد رهي ته ٿر جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عبدالحفيظ سيال پاران ڪرايل سروي ۾ ظاهر ٿيو آهي ته ٿر اندر ڪل 700 آر او پلانٽ لڳل آهن جنهن مان 116 غير فعال ٿي چڪا آهن جنهن جو سبب اتان جي ماڻهن جو انهن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ آهي. جنهن کان علاوه 513 آر او پلانٽ اسپيشل انيشيئيٽوِ ڊپارٽمينٽ پاران هلايا پيا وڃن جڏهن ته سنڌ ڪول اٿارٽي 60  آر او پلانٽ هلائي رهي آهي. ياد رهي ته 11 مهينن کان هنن آر او پلانٽس جو خرچ نه ملڻ ڪارڻ ڪمپني اهي آر او پلانٽ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيئي ڇڏي آهي.