نئون

پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ جي آبادگارن جو احتجاج

سنڌ اندر اوٻاوڙو، جهڏو، گهوڙا ٻاري سميت مخلتف جڳهين تي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو. آبادگارن ايريگيشن کاتي تي الزام هڻندي چيو ته اداري پاران سڄي صوبي اندر پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ڪئي وئي آهي. جهڏو ۾ سوين هارين پاران ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جيڪو رات تائين جاري رهيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته بَگي مائينر ۾ جنوري کان هن مهل تائين پاڻيءَ جو ڦڙو به نه ڇڏيو ويو آهي. هنن چيو ته علائقي ۾ 60 هزار ايڪڙ زمين غيرآباد ٿي وئي آهي ۽ ڏيڍ لک ماڻهو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيئي رهيا آهن. هنن چيو ته سڄو ايريگيشن کاتو ڪرپٽ ٿي چڪو آهي جيڪو سالن کان بااثرن جي زمينن ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ اسان جي زمينن کي سڪائي رهيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اداري کي ڏنل دانهن جو ڪوبه اثر نه ٿي رهيو آهي ۽ وڌيڪ نقصان انهن جو ٿي رهيو آهي جيڪي پڇڙي وارن علائقن ۾ رهن ٿا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن پاران عبوري حڪومت، عدليه ۽ واسطيدار ادارن کي درخواست ڪئي ته اها هنن جي مسئلي جو حل ڪڍي ۽ کين انصاف ڏياري.