نئون

ايپل پاران نئين فيچر جو اعلان

ايپل ڪمپني پاران نئون فيچر تيار ڪيو ويو آهي جيڪو گهڻي دير موبائل جي استعمال ڪرڻ تي توهان جي فون بند ڪري ڇڏيندو. هي فيچر صرف آءِ فون جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو آءِ فون جي نئين ورزن ۾ ڏنو ويو آهي. هن فيچر جو نالو اسڪرين ٽائيم رکيو ويو آهي، جيڪو عوام جي استعمال لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. هي فيچر آءِ فون استعمال ڪندڙ جو نه صرف وقت معلوم ڪري فون کي بند ڪندو پر اهو ٻيا به چار ڪم ڪندو رهندو ته يوزر ڪيتري دير هر ايپ استعمال ڪئي، ڪيتري دير هر گروپ ۾ خرچ ڪيو، ڪيترا نوٽيفڪيشن رسيو ڪيا ۽ ڪيترا دفعا فون کنئي وئي. هي فيچر بالغن لاءِ ته ڪم نه ايندي پر ٻارن جي فون جي استعمال کي گهٽائڻ لاءِ ان کي ڪتب آڻي سگهجي ٿو، جيڪو رات جي وقت فون کي بند ڪري سگهي ٿو.