سکر ۽ روهڙي ۾ ٽائيفائيڊ ۾ اضافو اچي ويو
سکر ۽ روهڙي ۾ ٽائيفائيڊ جي مريضن ۾ اضافو اچي ويو آهي، مريضن ۾ اڪثريت هڪ کان 15 سالن جي ٻارن جي آهي. سنڌ صوبي اندر ڪم ڪندڙ ايڪسپينڊيڊ پروگرام آن اميونائيزيشن جي (EPI) جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر سکر ۽ روهڙي جو دورو ڪيو ۽ EPI جا سڀئي سينٽر ڏٺا. ٻئي طرف سنڌ حڪومت ٻنهي شهرن ۾ ٽائيفائيڊ کان بچاءُ خاطر 18 کان 30 نومبر تائين ويڪسينيشن پروگرام هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.