ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ڏهه جريب

پاڻهي پيئي سُئي سڳي کي سوريندي، ڳالهه پڌري پٽ ٿي پوندي، “هون” وڃ ۽ ور، کن مان پل نه ٿئي. هو به حڪم سڻندي واھ مينھن ٿي ويو ڪچڙي منجهند ٽاڻو ھو، ڪمري ۾ وڇايل کٽ، جنهن جا پاوا رڱيل ھئا، ويٺي سرڪاري ڪاغذ اُٿلايائين، ماڻس به موڙو سوري اچي ڀر ۾ ويهي رهيس. ابا ھيڪي ڳالھه ڪئيان جي ڇڙٻين نه ته؟
ھون… چئه…
اھي ھاشم ۽ علي وارا زمين ٿا کپائين ڀڳڙن مٺ، ڳنھين نٿو؟ پڻھي مرهيات جي وڏي دل ھئي، پوري ساري ڏهه جريب آهي. پئنيشن جو پئسو کوڙ اٿئي اُٺ جي مُلھه ٿي ملي منهنجي مڃين ته رک مرھيات جا روح راضي ٿي پوندا مئي مار ملڪيت آهي مرندي ڪانه.
ٺيڪ آ ڏسان ٿو… لوڪ ڪن ڳالھه متان وجهين.
ھائو ڄاڻ اٿم! ھڪ ٺاھڻ وارو سئو ڦٽائڻ وارا. غني ڪر خبر!
جيڪا پڇين!
اھي ھاشم وارا زمين ٿا کپائين…
ھا سائين، مڙئي ڳالھه واتان ڪڍي اٿن.
ڀلا زمين ڪيئن اٿئي
سائين سون سريکي آ.
پوءِ کپائين ڇو ٿا؟
اھا ته خبر ڪانه اٿم.
باقي مڙس اڙانگا اٿئي، لاٿي ھوندئون ڪنهن جي لاک، ھاڻ پيا ڀريندا چٽيون. ھا ھا سوڙھي ھوندن، تڏهن ڀڳڙن مٺ ٿا کپائين.
ير سڄي قصي کان واقف ناهيان.
چوين ته، سڀاڻ جو سڀاڻ سج اڀرڻ کان پھرين ڏسي واسي اندرئون اندر رپورٽ ڪڍي اچان.
پر منڍ جي ڪيئن خبر پوندي.
ڳالھين ڳالهين ۾ پاڻھي پئي سُئي سڳي کي سوريندي.
اصل ڳالھه پڌري پٽ ٿي پوندي، ھون وڃ ۽ ور…
کن مان پل نه ٿئي.
حڪم سڻندي واھ مينهن ٿي ويو.
اھا سڄي رات ھورا کورا ۾ گذري.
ڪڪڙن ٻانگون ڏنيون تنھن مھل موٽيو.
سائين زمين بکون ٿي لائي، باقي ڪم وڏو اٿئي.
ڪيئن ڀلا کلي چئه…
بيواهه ڀاڄائي ڪاري ڪري قتل ڪئي اٿن.
وڪيل جي في، ڪورٽ ڪچهرين جا چڪر ناڻو سو به روڪڙ ترت گهرجين.
اڙي پوءِ ته ھوندا به ڪاٺ ۾.
ٻيو نه ته وري ڇا.
ڳوٺاڻن واتان ٻڌم.
ڏھ جريب زمين ڦٻائڻ لائي ڀاڄائي ڪُٺي اٿن،
جيڪا مرھيات کي حصي ۾ آيل ھئي،
خدا نه کاراين،
مائيءَ جي وارثن جي فرياد تي، سٽي پوليس جهلي سوگهو ڪيو اٿن،
ھاشم ضمانت تي آهي، وڏي وڪيل ڪرڻ لاءِ في کپي، ڳالھه سڄي ساري اھا اٿئي،
باقي وٺين نه وٺين وسوارو آھين، ان جهيڙي ۾ پنهنجو ڇا وڃي،
وڃي وڙھي مرن.
وڏڙن کان ٻڌو نه اٿئي ڇا، شئي ٽاڻي سان ملندي آهي ناڻي سان ڪونه.
پوءِ موقعو به اٿم. ڀانئيان ھٿان نه وڃايان…
***