گذريل ڏينهن ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسن جي آپريشن دوران پاڪ فوج جو ميجر سبطين حيدر شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسن ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڀارتي اسپانسر ڪيل فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ۽ سيڪيورٽي فورسن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 ڀارتي اسپانسر ڪيل خوارج مارجي ويا. جڏهن ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران فرنٽ تان اڳواڻي ڪندڙ ميجر سبطين حيدر شهادت جو جام نوش ڪيو. 30 ورهين جي شهيد ميجر سبطين حيدر جو تعلق ضلعي ڪوئيٽا سان هو. جڏهن ته خبرون اهي آيون آهن ته شهيد سبطين حيدر جي پلاند ۾ پاڪ فوج افغانستان جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ دهشتگردن مٿان بمباري ڪئي آهي۔ جڏهن ته افغانستان جي طالبان حڪومت پاڪستان تي ڪابل جي “خود مختيار علائقي” جي خلاف ورزي جو الزام لڳايو آهي، ان کي “بي مثال، پرتشدد ۽ اشتعال انگيز عمل” قرار ڏنو آهي. هي الزام خميس ڏينهن شهر ۾ ٻن زوردار ڌماڪن جي ٻڌڻ کانپوءِ آيو آهي. طالبان جي دفاع واري وزارت جمعي ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان افغانستان جي ڏکڻ اوڀر ۾ سرحدي صوبي پتيڪا ۾ هڪ شهري مارڪيٽ تي بمباري ڪئي هئي. اتي جي مقامي ماڻهن بي بي سي جي افغان سروس کي ٻڌايو ته ڪيترائي دڪان تباهه ٿي ويا آهن. پاڪستان نه ته تصديق ڪئي آهي ۽ نه ئي ترديد ڪئي آهي ته انهن افغانستان اندر حملو ڪيو آهي. جڏهن ته جمعي تي پشاور شهر ۾ منعقد هڪ پريس ڪانفرنس دوران، هڪ اعليٰ جنرل الزام لڳايو ته افغانستان کي “پاڪستان خلاف دهشتگردي جي آپريشن جي بنياد” طور استعمال ڪيو پيو وڃي. جنرل احمد شريف چوڌري وڌيڪ چيو ته “پاڪستاني جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ جيڪي به قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اهي ورتا ويندا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 15 سيپٽمبر 2025 تائين خيبر پختونخواهه ۾ 10، 15 انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ 917 دهشتگرد مارجي ويا آهن. هن چيو ته هن سال خيبر پختونخواهه ۾ آپريشن دوران 516 قيمتي جانيون شهيد ٿيون، جن ۾ پاڪ فوج جا 311 آفيسر ۽ سپاهي، 73 پوليس اهلڪار ۽ 132 بيگناهه شهري شامل آهن. هن چيو ته اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته اڄ دهشتگردي ڪهڙي سببن جي ڪري موجود آهي. ان جا 5 بنيادي سبب آهن. قومي ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ، دهشتگردي جي مسئلي تي سياست ۽ ان سياست ۾ قوم کي پريشان ڪرڻ، ڀارت پاران افغانستان کي دهشتگردي لاءِ بيس ڪيمپ طور استعمال ڪرڻ، افغانستان ۾ دهشتگردن کي جديد هٿيارن ۽ پناهگاهن جي دستيابي، مقامي ۽ سياسي پٺڀرائي سان دهشتگردن ۽ ڏوهاري عنصرن جو ڳٺ جوڙ شامل آهي.