بلاگنئون

پاڪستان جو فرسوده تعليمي نظام تبديل ٿيڻ گهرجي

تعليم جو نظام ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جو بنياد هوندو آهي، تعليم جي نظام سان ئي سماج جي مضبوط عمارت جي پيڙهه رکي ويندي آهي. اهوئي اوزار آهي جنهن سان سماج ۾ شعور، فڪر، اخلاق ۽ علم جو اجالو پکڙجي ٿو، پر جڏهن تعليم جو مقصد رڳو “امتحان پاس ڪرڻ” يا “نوڪري حاصل ڪرڻ” رهجي وڃي ته پوءِ مٿيان ٻڌايل مقصد حاصل نٿا ٿي سگهن ۽ سماج ڪمزور ۽ خود غرض بڻجي وڃي ٿو. پاڪستان جو تعليمي نظام، بدقسمتي سان، ڄاڻ ۽ فڪر جي بدران رڳو معلومات تي ٻڌل آهي. هتي شاگرد کي ياد ڪرڻ سيکاريو وڃي ٿو، پر سمجهڻ ۽ سوال ڪرڻ نه. اهو فرق ئي آهي جيڪو ترقي يافته ملڪن کي ذهني ۽ سائنسي طور اڳتي وڌائي ٿو ۽ اسان کي پوئتي رکي ٿو.

معلومات ۽ ڄاڻ ۾ ايترو وڏو فرق آهي، جيترو پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ فرق آهي۔ معلومات صرف حقيقتن، انگن اکرن يا لفظن جو مجموعو آهي. مثال طور: جيڪڏهن ڪو شاگرد ياد ڪري ٿو ته “پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو”، ته اها معلومات آهي، پر جڏهن اهو سمجهي ٿو ته ان آزاديءَ جي جدوجهد جا سبب، نتيجا ۽ مقصد ڪهڙا هئا ته اها ڄاڻ آهي. ڄاڻ، معلومات مان پيدا ٿيندي آهي، پر تڏهن، جڏهن ذهن تجزيو ڪري، سوال ڪري ۽ ان معلومات کي عمل سان جوڙي. بدقسمتي سان، پاڪستان جي تعليمي نظام ۾ معلومات ته تمام گهڻي ڏني وڃي ٿي، پر ڄاڻ پيدا ڪرڻ جا موقعا گهٽ آهن. پاڪستان ۾ تعليم کي ٽن بنيادي حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

سرڪاري نظام (پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج)

خانگي نظام (پرائيويٽ اسڪول ۽ يونيورسٽيون)

ديني مدرسن جو نظام

انهن ٽنهي نظامن جا پنهنجا ڪمزور ۽ مضبوط پاسا آهن، پر هڪ ڳالهه سڀني ۾ ساڳي آهي اها آهي ته شين کي ياد ڪرڻ جو نظام. استاد پڙهائي ٿو، شاگرد ياد ڪري ٿو، امتحان ۾ لکي ٿو ۽ پوءِ وساري ڇڏي ٿو. پاڪستان جي تعليمي نظام ۾ تحقيق، تجزيو، تنقيدي سوچ ۽ تخليقيت کي گهٽ اهميت ڏني وڃي ٿي. ڪتابن جو مقصد شاگرد کي “سوچڻ” نه، پر “ياد ڪرڻ” بڻايو ويو آهي.

ياد ڪرڻ وارو تعليمي نظام شاگرد کي ذهني غلام بڻائي ڇڏي ٿو. اهو شاگرد نه سوال ڪري ٿو ۽ نه ئي نئون خيال پيدا ڪري ٿو، نه ئي عملي زندگيءَ ۾ علم کي پنهنجي معلومات سان ڳنڍي ڪنهن شيءِ تي لاڳو ڪرڻ ڄاڻي ٿو. اهوئي سبب آهي جو اسان جا شاگرد ڊگريون ته حاصل ڪن ٿا، پر عملي مهارتون نٿا رکن. اسان جا ڊاڪٽر مريض کي انسان کان وڌيڪ “فائل” سمجهن ٿا، اسان جا انجنيئر ڪتابي فارمولن تائين محدود آهن، اسان جي استادن وٽ پڙهائڻ جو نئون طريقو ناهي. هن يادگيريءَ واري تعليمي نظام جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سماج ۾ فڪر، تجزيو ۽ تخليق جو فقدان هر جاءِ تي نظر اچي ٿو.

تعليم جو حقيقي مقصد ذهن کي سوچڻ، پرکڻ ۽ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت ڏيڻ آهي، پر پاڪستاني نظام ۾ شاگرد کي شروع کان اهو سيکاريو وڃي ٿو ته “جيڪو ڪتاب ۾ لکيل آهي، اهوئي صحيح آهي.” اهڙي سوچ تجسس ۽ سوال ڪرڻ واري فطرت کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. جڏهن شاگرد کي سوال ڪرڻ کان روڪيو وڃي ته علم جو در بند ٿي وڃي ٿو. سڀ کان وڏو علم اهو آهي، جيڪو سوال پيدا ڪري، نه اهو جيڪو جواب ياد ڪرائي. قديم دور ۾ استاد علم جو سرچشمو هوندو هو، جيڪو شاگرد کي سوچڻ سيکاريندو هو، پر اڄ جو استاد گهڻو ڪري “امتحان پاس ڪرائڻ” جو ذريعو بڻجي ويو آهي. “هيءَ ڳالهه امتحان ۾ ايندي، اها ياد ڪريو۔” اهڙي ماحول ۾ استاد علمي رهنمائي ڪندڙ نه، پر معلومات ورهائيندڙ بڻجي ويو آهي. ٻئي پاسي شاگرد به مارڪون حاصل ڪرڻ تائين محدود ٿي ويو آهي. جيئن ته پاڪستاني امتحاني نظام رٽي يا يادگيريءَ تي ٻڌل آهي، اهو شاگرد جي سوچ، تجزئي يا تخليق کي پرکڻ بدران، رڳو ياد ڪيل جملا چڪاسي ٿو، جيڪو بهتر ياد ڪري ٿو، اهو بهتر نمبر به کڻي ٿو، جيڪو سمجهي ٿو، پر ياد نٿو ڪري سگهي، اهو ناڪام سمجهيو وڃي ٿو. اهو نظام اصل ۾ علم جو دشمن آهي، اهو نه رڳو شاگرد جي ذهني صلاحيت کي ختم ڪري ٿو، پر نقل، دوکيبازي ۽ غير اخلاقي طريقن کي به وڌائيندو آهي.

ايڪيهين هين صديءَ ۾ دنيا ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ تخليق تي هلي رهي آهي. Artificial Intelligence، Robotics، Data Science، ۽ Sustainable Development جا موضوع عالمي سطح تي تعليم جو حصو بڻجي چڪا آهن، پر پاڪستان ۾ اڃان تائين نصاب پراڻي زماني جا آهن۔ هتي شاگرد کي اهو نٿو سيکاريو وڃي ٿو ته ڪيئن سکڻو آهي؟ پر اهو سيکاريو ٿو وڃي ته ڇا ياد رکڻو آهي، هيءَ سوچ اسان جي نوجوان نسل کي عالمي مقابلي کان پري ڪري رهي آهي. ڏٺو وڃي ته ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان تعليم جي ميدان ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو، پر ان لاءِ شعور جي ضرورت آهي. اسان وٽ ٽيڪنالاجي ته پهچي چڪي آهي، پر ان جو استعمال رڳو تفريح تائين محدود آهي. جيڪڏهن آن لائين تعليم، ڊجيٽل اوزار ۽ جديد طريقا صحيح نموني استعمال ڪيا وڃن ته علمي معيار ۾ وڏو اضافو ٿي سگهي ٿو. استاد کي گهرجي ته ٽيڪنالاجي کي علم جو ذريعو بڻائي ۽ شاگرد کي ٽيڪنالاجيءَ جو عملي طور تي زندگيءَ سان لاڳاپو ڳنڍڻ سيکاري، نه رڳو پريزنٽيشن جو اوزار بڻائي.

حل ۽ تجويزون: 1. تعليم جو مقصد نئين سر بيان ڪيو وڃي تعليم کي نوڪري حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ سماجي ۽ عملي ذميواري سمجهيو وڃي. 2. نصاب ۾ تجزيي ۽ تحقيق کي اهميت ڏني وڃي ڪتابن ۾ اهڙا سوال شامل ڪيا وڃن جيڪي شاگرد کي سوچڻ تي مجبور ڪن. 3. استادن جي تربيت جديد طريقي سان ڪئي وڃي استاد کي سيکاريو وڃي ته تعليم رڳو ڄاڻ ڏيڻ نه، پر سوچ پيدا ڪرڻ جو عمل آهي. 4. امتحاني نظام ۾ تبديلي Multiple Choice جي بدران Analytical ۽ Practical امتحان متعارف ڪرايا وڃن. 5. تعليمي ادارن ۾ تخليق کي همٿايو وڃي شاگرد کي ليبارٽرين، مباحثن ۽ تحقيق جي پروجيڪٽن ۾ حصو وٺڻ جا موقعا ڏنا وڃن. 6. سماجي شعور وڌائڻ لاءِ ميڊيا ۽ والدين کي به تعليم جي حقيقي مقصد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

پاڪستان جو تعليمي نظام جيستائين ڄاڻ بدران معلومات تي ٻڌل رهندو، تيستائين ترقي خواب رهندي. اسان کي اهڙو نظام ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جيڪو شاگرد کي ياد ڪرڻ بدران سوچڻ، سمجهڻ ۽ دنيا کي بهتر بڻائڻ سيکاري. تعليم جو مقصد امتحان پاس ڪرڻ نه، پر زندگيءَ کي سمجهڻ آهي، جيستائين اهو احساس نه ٿيندو، تيستائين اسان وٽ ڊگريون ته هونديون، پر علمي روشني نه هوندي.