بلاگنئون

هريش جو قاتل قانون کان آجو؟ جيجل جون انصاف لاءِ درن ۾ ديدون

ههڙا هاڃان ٿين بُري هن ڀنڀور ۾ يا، پاڙي ناهي، پروڙ، ڪا رات به رنج ۾ گذري، رهزن سماج ۾ اکيون ته انيڪ اڄ به آرام جي هندوري ۾ آرامي آھن، پر هڪ جيجل ماءُ جون اکيون گذريل پنجن مهينن کان پُٽ جي وڇوڙي جي ڏُک ۾ بي آرامي آھن. ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي پُٽ جي بي گناھ قتل جي ڏُک ۾ انصاف لاءِ وقت جي عدالتن جي دردن ۾ اڄ به ديدون لڳائي، ويهڻ سان گڏ هاڻي ويچاري بيحس بڻجي پئي آھي. سچ پڇو ته هڪ جيجل ماءُ سان بي رحم، سفاڪ وحشين هٿان ٿيل ظلم ۽ مامئي ڏيوَ جي ساموئي.. ننگر ۾ هڪ ڳڀرو نوجوان شھزادي پُٽ جي وارتا لکندي هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڄڻ هڪ ماڻھو جا لڱ ڪانڊارجي پون ٿا، ڇا شھزادن جي شھر مڪلي، ٺٽي جي هوائن ۾ اڃان به خاموشي آخر ڪيستائين ماٺ جو زهر پي سُتل رهندي.  هاڻ  ته  ساموئي ننگر ٺٽي جي هر ڪنڊ ۾ هڪ سوال پڙاڏي جي گونج بڻجي انصاف جي گهُر ڪري رهيو آھي. سوال باشعور ذھنن کي جهنجهوڙي ٿو ته آخر هريش ڪمار جو قصور ڇا  آھي. پنج مهينا گذري چڪا آهن، پر هريش جي گهر ۾ اڄ به ساڳي خاموشي، ساڳيو درد ۽ ساڳي انتظار جي گهڙي موجود آهي. هريش ڪمار کي ٺٽي شهر ۾ مامئي ڏيو جي ياترا دوران بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو ۽ اڄ تائين انصاف جو ڏيئو روشن نه ٿي سگهيو آهي. هريش جي پوڙهي امڙ جنهن جي اکين مان روئي روئي نور ختم ٿي ويو آهي، ٻڌائي ٿي: پٽ هريش جي وڇوڙي بعد منهنجو ساهه به نڪري ويو۔ انهيءَ رات مون کي خواب ۾ آيو، چيائين: ‘امان، مونکي بچاءِ… امان، مونکي بچاءِ مون خواب ۾ رڙيون ڪيون، پر ڪجهه به نٿي ڪري سگهيس۔ صبح جو ٻڌو ته پٽ کي گولي لڳي آهي، پر ٿوري دير بعد اها آخري خبر آئي ته منهنجو جگر جو ٽڪرو هن دنيا ۾ نه رهيو. اهو ٻڌائي امان ڳوڙهن ۾ ڳالهيون ٻوڙي ڇڏي ٿي.

هن لاءِ هر ڏينهن هڪ امتحان بڻجي ويو آهي، پر هريش جي ڀاءُ ڪشن ڪمار لاءِ به زندگي جدوجهد ۾ بدلجي وئي آهي۔ ڪشن ٻڌائي ٿو: “منهنجو ڀاءُ بيگناهه هو۔ هو ياترا تي مرشد جي پوڄا لاءِ ويو هو، پر واپس نه آيو، پنج مهينا ٿي ويا، آئون انصاف لاءِ هر در کڙڪائي چڪو آهيان، پوليس، عدالتون، ادارا، سڀني وٽ ويس، پر اڃان تائين ڪو جواب نه مليو. هر ڪو واعدو ڪري ٿو، پر ڪوبه عملي قدم نٿو کڻي.” لياري ۽ ٺٽي جي وچ ۾ هڪ ماءُ جيڪا پنهنجي پٽ لاءِ رڙيون ڪري رهي آهي ۽ هڪ ڀاءُ، جيڪو انصاف لاءِ ڀٽڪندو پيو گهمي، ٻنهي جا درد سماج جي ضمير لاءِ هڪ سوال بڻجي بيٺا آهن. هريش جي ڪيس ۾ خاموشي، رڳو عدالتن جي نه، پر ضميرن جي به آهي. امان هر رات پٽ جي تصوير ڏسي چوندي آهي “پٽ هريش، توکي وڃائي مون سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو، پر تنهنجو ڀاءُ ڪرشن اڃا به تنهنجي انصاف لاءِ وڙهي رهيو آهي، مان ڄاڻان ٿي، ڪنهن ڏينهن ضرور انصاف ٿيندو، پر وقت گذري رهيو آهي ۽ انصاف اڃا تائين پري بيٺو آهي. هريش جي رت جو سوال اڃان تائين هوائن ۾ گونجي رهيو آهي. هريش لاءِ انصاف، امان لاءِ سڪون ۽ ڀاءُ لاءِ اميد گهرجي.