اها ڳالھ به مڃون ٿا ته ڪجھ يهودين ۽ عيسائين جي دولت ۽ ملڪيت ايتري گهڻي ٿي وئي آهي يا ٿيندي رهي ٿي جو اها غريب ملڪن جي سموري ”جي ڊي پي“ جي برابر هوندي ۽ ساڳي جاءِ اهي شخص جيتري به چيرٽي (خيرات) ڪندا رهن ٿا ته اهي وري اوترا وڌي ٿا وڃن، مثال طور: بل گيٽس جو وٺون ته انگريز خراب آهي، پر انهن جي ڪيل چيرٽي (خيرات) ڀلي آهي جن جي مدد سان خيراتي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، اسپتالون، شيلٽر هائوسز ۽ جي ڊي سي، جيلاني، سيلاني، رمضان، ڇيپا ۽ ايڌي جهڙا ادارا هلن چلن ٿا ۽ ايشيائي ملڪ جيئن ٿا. ٻي صورتحال اها به آهي ته ميڪڊونلڊ پنهنجي بزنس شروع ئي ”هيم برگر“ سان ڪئي هئي يا اتي ٻين جا نالا نه به کڻون ۽ رڳو بل گيٽس (مائيڪروسافٽ)، اِسِٽيوِجابس (آءِ فون) يا زڪر برگ (فيس بُڪ) جهڙن اميرن کي ڳڻي ٿا وٺون ته اهي ماڻهو ايترا ته امير آهن جو انهن وٽ دنيا (ملڪيت) اڻ کٽ آهي ۽ جيتري چيرٽي اهي ٽين دنيا جي ماڻهن جي لاءِ ڪن ٿا اها خدا جي ڪاڳر ۾ لکيل آهي ته اهي ماڻهن جي لاءِ ڪيترا فائديمند آهن يا نقصانڪار به آهن. اهو به مڃون ٿا ته انهن ماڻهن جي پئسن سان ٽين دنيا جا ملڪ غريب ۽ متوسط طبقي جي تعليم، صحت، صاف پاڻيءَ واريون اسڪيمون هلنديون رهن ٿيون، جيڪي به خيراتي ڪم هلن ٿا اهي هلن ئي انهن شخصن جي توسط ۽ امداد سان ۽ اهي سڀ اين جي اوز جي صورت ۾ روان دوان به آهن ان ڪري ڳالھ خيراتي ڪمن ۽ انسانيت جي خدمت جي ٿي ڪجي ته جيڪي شخص، ملڪ يا ادارا انفرادي يا اجتماعي طور ڪمن ۾ لٿل يا مصروف آهن يا دل ۽ جان سان اهي ڪم سرانجام ڏيندا رهن ٿا، اهي ان ڳالھ جو يقين ٿا رکن ته انهن وٽ مذهب کان وڌيڪ انسانيت عظيم آهي، اهي رڳو انسانيت جا پرچارڪ آهن، ان ڪري اهي سڀ ڳالهيون اسان جي معاشري ۾ به ڏسيون ۽ ٻڌايون وڃن ته جيئن انسانيت جي پرچار ڪجي ۽ جيڪي ڪم انسانيت جي فائدي جا آهن اهي سرانجام ڏجن. هڪ ٻيو درد اهو به آهي ته اسان وٽ جيڪي به اين جي اوز يا سوشل ورڪر تنظيمون آهن، جيڪي به دستر خوان ٽائيپ تنظيمون آهن اهي هلن ئي لسانيت جي پرچارڪ تي پوءِ انهن وٽ اها انسانيت ڪٿان اچي.