هڪ عربي چوڻي جو ترجمو آهي ته: “زندگيءَ مان جيڪو ڪجھ ڪِري پوي، ان کي کڻڻ لاءِ نه جهڪندا ڪريو، جيڪڏهن توهان جهڪيا ته مزيد ٻيو ڪجھ ڪِري پوندو، توهان پنهنجي زندگي جو سفر جاري رکو، توهان کي ان کان وڌيڪ بهتر ملي ويندو.”
مطلب ته جيڪو ھٿان ويو، تنهن تي افسوس ڪرڻ کان بهتر آهي، اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش جاري رکجي. هونئن به اها انساني فطرت رهي آهي، جڏهن ڪو نقصان ٿيندو آهي يا ڪو مقصد حاصل ناهي ٿيندو يا ڪنهن امتحان ۾ فيل ٿيندا آهيون ته اڪثر اسان مان ڪيترائي هار مڃي ويهي رهندا آهن، ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جو ڄڻ اهو آخري موقعو سمجهندا آهن ۽ انهن جي زندگي ۾ ڄڻ ڪو نئون موقعو نه ايندو. چوندا آهن ته “جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جا پير سلامت هجن، پر دل ڀڳل هجي ته اهو ڪڏهن به منزل طرف نٿو وڌي سگهي.” دل شڪسته ٿيڻ کان بهتر آهي، ڪجهه نئون سوچجي. ڀلا ٿورو سوچيو جيڪڏهن هاري زمين ۾ ٻڄ نه ڇَٽي ته ڇا ٿيندو؟ يقينن اتي گاھ، ڪانڊيرا يا ڊڀَ ڦٽندا. اهڙي طرح ذهن به هڪ زمين مثل آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي ذهن کي سٺا فڪر ۽ خيال ڏيڻ بجاءِ، انهن سوچن کي جنم ڏيون، جيڪي اسان جي خيالن کي مضبوط بڻائڻ بجاءِ مفلوج ڪن ته پوءِ سواءِ ناڪامي جي رستي کان ٻيو ڪو رستو ماڻهو کي نظر نه ايندو.
آمريڪي ليکڪ ري بريڊبري لکيو آهي ته “دنيا ايتري قدر بگڙي چڪي آهي جو، جڏهن ماڻهو پاڪيزه ۽ مخلص انسان سان ملن ٿا ته اهي ان مان ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ نت نوان طريقا تلاش ڪن ٿا.” بلڪل ائين ئي آهي، هن دور ۾ لالچ ئي هڪ اهڙي مقناطيس آهي، جنهن جي ذريعي هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهو سان ڳنڍيل آهي. گهڻي قدر ماڻهو پنهنجو فائدو يا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ واسطا جوڙين ٿا، پر مقصد حاصل ڪرڻ کانپوءِ خير آباد چئي زندگيءَ مان ايئن نڪري ٿا وڃن، ڄڻ سندن ڪو واسطو ئي نه ھو. اسان کي اهڙن منفي ۽ لالچي ماڻهن جي پرواهه ڪرڻ بجاءِ پنهنجي زندگيءَ جي مقصد طرف توجھ ڏيڻ گهرجي. سنڌي ۾ عام چوڻي آهي جيڪو پوکبو سو ئي لڻبو. اسان پنهنجي ذهن کي جنهن شيءِ جو مسڪن بڻائينداسين يقينن ملندو به اهو ۽ اهوئي ورهائينداسين. سٺي ۽ مثبت سوچ سان ئي ڪاميابي ممڪن آهي. جهڙي طرح خوش مزاج ماڻهو خوشي، غمزده ماڻهو غم، عالم علم، ديندار دين، خوفزده خوف، سخي سخاوت ۽ محبتي محبت ورهائيندو آهي، اهڙي طرح منفي شخص منفي سوچ ۽ مثبتي شخص مثبت سوچ جو مالڪ هوندو آهي. اسان جي ناڪامي ۾ اڪثر ناڪامي جو خوف يا منفي ماڻهن جو هٿ هوندو آهي. گهڻا ماڻهو مثبت سوچ تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ منفي ماڻهن جي ڳالهين طرف ڌيان ڏئي پنهنجون ڪوششون ۽ ڪاوشون گهٽائي ڇڏيندا آهن ۽ پنهنجي سڄي طاقت ناڪامي جي خوف تي لڳائي ناڪام ئي ٿيندا آهن. اهڙا ماڻهو پنهنجي ناڪامي کي مقدر سمجهي پاڻ کي مطمئن ڪندا آهن. پاڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن تي يقين هڪ اهڙي طاقت آهي، جيڪا وڏي کان وڏي ڪم کي به آسان ڪري ڇڏيندي آهي. مايوسي جي موت ۾ غرق ٿيڻ کان بهتر آهي، پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ مثبت سوچ، محنت ۽ لگن سان ڪم ڪجي. اڪثر ماڻهن جي ناڪامي جو وڏو سبب اهو به آھي، جو هو ڪوبه نئون ڪم ڪرڻ کان پهريان ئي اهو سوچڻ شروع ڪندا آهن ته ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ماڻهو ڇا چوندا. حقيقت ۾ اهڙي سوچ وارا ماڻهو خود ئي منفي سوچ جا مالڪ هوندا آهن ۽ هر ڪم ڪرڻ کان پهرين ان جا نقص ڪڍي اصل مقصد کان پوئتي هٽي ويندا آهن. منفي سوچ ۾ مبتلا ماڻهو ان لاعلاج مريضن جيان آهن، جيڪي موت کان پهرين ئي پاڻ کي ڄڻ ماري ڇڏيندا آهن. منفي سوچ ماڻهن جي خيالن، مقصدن ۽ جذبن کي قتل ڪري ڇڏي ٿي. منفي سوچ ۾ مبتلا ماڻهو نه پنهنجي جذبات کي قابو رکي سگهندا آهن ۽ نه ئي انهن ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. نه ڪي پاڻ تي ڪو ڀروسو رکندا آهن نه ئي ڪجھ ڪرڻ جي سگھ هوندي اٿن. اهڙي قسم جا ماڻهو ڪنهن به هڪ ڳالھ تي نه ٽڪندا آھن.
مطلب انهن جا ارادا اٽل ناهن هوندا. ڪامياب ٿيڻ لاءِ ارادن جو پختو هئڻ لازمي آهي. اسان غير يقيني واري صورتحال کي يقيني صورتحال ذريعي ئي شڪست ڏيئي سگهون ٿا. دنيا جا ڪامياب ماڻهو ڪڏهن به ناڪامي کان ناهن ڊنا. انهن ناڪامي کي به تجربي جو نالو ڏئي ان مان سکڻ جو درس ڏنو آهي. انهن ماڻهن ماضي کي آئندي جي بهتري لاءِ ڍال بڻايو آهي. انسان ڏھ ڀيرا ناڪام ٿيڻ کانپوءِ جڏهن يارهين ڀيري ڪاميابي ٿيندو آهي ته ناڪامي جو سڄو خسارو ختم ٿي ويندو اٿس. هڪ انگريز ڏاهي ڪولڊ پاول چيو آهي ته: “اسان مان ڪوبه شخص پنهنجي ماضيءَ کي ته بدلائي نٿو سگهي، پر ان کي سامهون رکي اسين پنهنجي مستقبل کي ته بهتر ٺاهي سگهون ٿا” اهڙو ئي مثال اسان کي فوٽ بال جي جڳ مشهور رانديگر ڪرسٽيانو رونالڊو جي زندگي مان ملي ٿو. جنهن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ماضي کي دهرائيندي ٻڌايو ته منهنجو والد ڏاڍو مسڪين ۽ غريب ماڻهو هو. مون کي فوٽ بال کيڏڻ لاءِ بوٽ نه هو، جنهن ڪري مون کي فوٽ بال راند کيڏڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. مون پنهنجي والد کي بوٽ خريد ڪري ڏيڻ لاءِ چيو، تنهن تي هن مون کي چيو ته فوٽ بال جو وڏو رانديگر ٿيڻ لاءِ پيرن جو مضبوط هئڻ لازمي آهي، جيڪڏهن تون پيرَ اگهاڙا ڪري فوٽ بال جي مشق ڪندي يا کيڏندي ته تنهنجا پير سخت، مضبوط ۽ طاقتور ٿيندا ۽ پوءِ تون هڪ بھترين رانديگر ٿي سگھين ٿو.
ڪرسٽيانو رونالڊو جي پيءُ جي هن جواب تي غور ڪيو، ان ڪيڏي فراخدلي، حوصلا افزائي ۽ مثبت سوچ سان رونالڊو کي جواب ڏئي مطمئن ڪيو هوندو ۽ ان مثبت سوچ ۽ حوصلا افزائي جي سبب ئي ڪرسٽيانو رونالڊو اڄ فوٽ بال راند جو بادشاھ آهي. قدرت طرفان هر شيءِ جو وقت مقرر ٿيل آهي، وڻ جي هڪ ئي ٽاريءَ ۾ ڪيترائي ميوا ٿيندا آهن، انهن مان ڪيترائي پهريان پچي وڃن ٿا، ڪجھ بعد ۾ پچندا آهن. فطرت اسان کي ان مان سبق سيکاري ٿي ته جڏهن اسان ٻين کي ڪامياب ڏسندا آهيون ته ان جو مطلب اهو هرگز نه سمجهڻ گهرجي ته اسان ناڪام آهيون، بلڪه اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اڃان اسان جو صحيح وقت نه آيو آهي، ياد رکڻ گهرجي ته ڪائنات هڪ راز آهي جيڪا وقت جي حساب سان ڦرندي رهي ٿي. اهڙي طرح انسان جي زندگي پڻ راز آهي جيڪا پڻ وقت جي حساب سان حرڪت ۾ آهي. اسان کي بس پنهنجي حصي جي محنت سچائي ايمانداري ۽ ثابت قدمي سان ڪرڻ گهرجي، باقي قادر جي قدرت، ان جي مدد ۽ وقت تي ڇڏڻ گهرجي. اڄ کان پنهنجن خوبصورت خيالن ۽ خواهشن سان زندگي گذارڻ شروع ڪيو. پنھنجو معيار بلند رکو ۽ پاڻ تي يقين رکي مثبت سوچ سان اڳتي وڌو.