سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود به 9000 کان وڌيڪ عيسائي ورڪرن کي ڪرسمس جي پگهار نه ملي
ڪرسمس جي آمد جي سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جاري ٿيل حڪم نامي باوجود به سنڌ جي 9000 کان مٿي عيسائي ورڪرن کي پگهارون نه ملي سگهيون. ان ڏس ۾ عيسائي برادري احتجاجن پنهنجي ڪرسمس جو تهوار پريس ڪلب آڏو ملهائڻ جو اعلان ڪري چڪي هئي. عيسائي ورڪرن جو تعداد ڪراچي ميونسپل ۾ 7000 جي لڳ ڀڳ آهي ۽ ڪراچي واٽر بورڊ ۾ 2500 جو آهي جنهن کي پنهنجي مذهبي تهوار تي هن سال به پگهار کان محروم رکيو ويو آهي. 19 ڊسمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم نامون جاري ڪيو هو ته عيسائي ورڪرن کي انهن جا پگهار 20 ڊسمبر تائين ادا ڪيا وڃن پر ان حڪم نامي تي عمل نه ٿي سگهيو. هن موقعي تي عيسائي ڪميونٽي جي ماڻهن ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جي هن مجرماڻي عمل تي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي سوئو موٽو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ان موقعي تي هنن وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت هميشه هر مذهب جي تهوار تي ورڪرن کي پوريون پگهارون ڏيندي رهندي آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ اڪثر حڪومتن جو رويو اهڙو ئي رهندو آيو آهي.

