فلپائن ۾ ٽيمبن نالي طوفان 133 ڄڻا اجل جو شڪار

فلپائن ۾ ٽيمبن نالي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، 133 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. فلپائني حڪومت چيو آهي ته طوفان سبب 133 ڄڻا فوت ۽ سوين ڄڻا لاپتا ٿي ويا آهن. فلپائن جي آفت کي منهن ڏيندڙ اداري جي سربراهه چيو آهي ته جزيره منڊانائو جي ڪجهه حصي ۾ طوفان آيو ۽ ڇپون ڪريون جنهن ڪري ڪيترائي گهر مٽي جو ڍير ٿي ويا تيز برسات بعد بجلي به معطل ٿي وئي ۽ مواصلاتي نظام کي به نقصان پهتو. امدادي ڪارروائين ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. محڪمه موسميات جو چوڻ آهي ته هاڻي اهو طوفان 80 ڪلو ميٽرن جي رفتار سان پلاوان جي علائقي ڏانهن وڌي رهيو آهي، جتان اهو ٽن ڏينهن ۾ ويٽنام پهچندو. فلپائن ۾ هميشه طوفان ايندا رهندا آهن پر منڊانائو تي اهي طوفان نه ايندا آهن پر هاڻي ان طوفان اتي به تباهي مچائي ڇڏي آهي. فلپائن ۾ 2013 ۾ هڪ خطرناڪ طوفان آيو هو جنهن ۾ پنج هزار ماڻهو فوت ٿي ويا هئا ۽ هزارين ماڻهو متاثر ٿيا هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *