هن خطي ۾ ڪير نه روئي رنج ٿئي، نه ڪير کلي خوش ٿئي، پر اهو خوش ضرور ٿئي جنهن ملڪ جون پاليسيون عوام دوست هجن، جن جي معيشت ۽ سياست سگهاري هجي، ان ڪري آءِ ايم ايف جي ڪلهن تي سوار ملڪن جي همت ناهي هوندي ته اهي ڪنهن جنگي جهول ۾ پئجي سگهن. آمريڪا ۽ مڙني مغربي ملڪن جي ۽ خاص اسرائيل جي معيشت مضبوط آهي، ان ڪري انهن جو مقابلو ٺهي نٿو. باقي رهي ڳالھه ته اسان جهڙن ملڪن کي اها ڳالھه سمجهڻي پوندي ته جتي چين ۽ سعودي جي ٽياڪڙي هوندي يا جتي سعودي ۽ چين جا گڏيل مفاد به هوندا ته اتي جنگي صورتحال ممڪن ناهي، ان ڪري ٻنهي پاڙيسري ملڪن کي ٽارو ڪرڻ کپي، ڇو ته جنگين ۾ نقصان رڳو عوام جو ٿو ٿئي، جتي ٻار يتيم ٿين ٿا ۽ زائفون بيواھ ۽ ٻار ٻچا دربدر ٿي ٿا وڃن. جنگ ڪرڻ کان اڳ هزار دفعا سوچڻو پوندو ته جيڪي ڀارتي ڊرون ڪيرايا ويا انهن تي اربين رپيا خرچ ٿي ويو ۽ ٿيو ڪجھه به نه ۽ اها ڳالھه دنيا به سمجهي ٿي ته ٻنهي ملڪن وٽ ايٽمي طاقت آهي، اهي ٻئي ملڪ معاشي حساب سان کڻي گهٽ وڌ هجن، پر ايٽمي طاقت ۾ هڪٻئي جي برابر آهن. هاڻي زور آزمائي ٺهي ئي نٿي، پر خطي ۾ امن جا پکي اڏرڻ کپن. ڀارت ۽ پاڪستان جو واپار وڌڻ گهرجي، اسمگلنگ ۽ ڳهجن رستن ذريعي هلي ته پيو، جيڪو رڪجڻ وارو ناهي، کڻي پهلگام واري حملي پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ تڪرار ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ جي امڪانن کي وڌائي ڇڏيو ۽ ٻيو وري سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ڪري ڀارت اڳ ۾ ئي هڪ وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي، جنهن جا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا.