پرنٽ ميڊيا تاريخ جو آئينو ۽ قومن جو شعور آهي ڪوبه ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري ته پرنٽ ميڊيا ڪنهن به قوم جو ثقافتي، دانشوراڻو ۽ تاريخي ورثو آهي. ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصر اصل ۾ عوام کي پنهنجي ڪمن ڪارڪردگين ۽ پرڪارن کان بي خبر رکڻ چاهين ٿا ته جيئن سندن ڪوتاهيون لڪي سگهن ائين پنهنجي عوام کي دوکو ڏئي سگهجي. اها هڪ وڏي سازش آهي جنهن جو مقابلو ڪرڻ هر شعور رکندڙ ماڻهوءَ جي قومي ذميداري ۾ اچي ٿو ته جيئن هو ان سلسلي ۾ عملي ڪردار ادا ڪري ۽ انهن عنصرن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائي جيڪي عوام جي آواز کي خاموش ڪرائڻ چاهين ٿا. ان ۾ڪو شڪ ناهي ته پرنٽ ميڊيا کي معاشي چئلينجن سميت تمام گهڻا چئلينج درپيش آهن. پرنٽ ميڊيا کي سڀ کان وڏو چئلينج پنهنجي جياپي ۽ بقا جو چئلينج آهي، پنهنجي وجود برقرار رکڻ جو چئلينج آهي. ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته تبديلي کي تبديل نٿو ڪري سگهجي جو اها تبديلي وقت جي ضرورت آهي، پر دنيا کي تبديليءَ سان گڏ تبديل ٿيڻو پوندو آهي، جيڪي شيون تبديليءَ موجب تبديل ناهن ٿينديون، اهي فنا ٿي وينديون آهن. تبديلي آهر پاڻ کي تبديل ڪرڻ ئي بقا جو رستو آهي. اهو ئي اصول نئين ٽيڪنالاجين جي حوالي سان پڻ صادق اچي ٿو. هن وقت سڄي دنيا ۾ اخبارون جياپي جي جنگ وڙهي رهيون آهن دنيا جي ملڪن ۾ اخبارن جي بقا لاءِ پرنٽ ميڊيا کي ڊجيٽل ميڊيا ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. اخبارون اِي-پيپرز (e-paperse) جي صورت ۾ اچي رهيون آهن. ان تبديلي کي قبولڻ ۾ ئي بقا آهي. ٽي وي، ويب سائيٽس جي ذريعي مواد پڙهندڙن تائين تيزيءَ سان پهچي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ پرنٽ ميڊيا جو ڪارج ختم ٿي وڃي ٿو. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين درست آهي، پر صفا ايئن ڪوبه ڪونهي. پرنٽ ميڊيا اڄ به دنيا ۾ ڌاڪو ڄمائي ويٺي آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته مصروفيت سبب پڙهندڙن جي تعداد ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.