ايڊيٽوريلنئون

اسپيڪر قومي اسيمبلي جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ تي غور

            تازو جڏهن باني تحريڪ انصاف جي وڪيلن ۽ سندس ڀينرن سان ملاقات ٿي ته هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خلاف عدم اعتماد جي معاملي کي اڳيان وڌائڻ لاءِ پلان ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي سابق اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آهي ته اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد تحريڪ جو پارٽي جو آئيني اختيار غور هيٺ آهي. سياسي جماعتن کي پنهنجي ملڪ ۽ ان جي عوام جو خيال سڀني کان پهرين رکڻ گهرجي، پر لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف جو ماڻهن ۽ ملڪ سان ڄڻ ڪو واسطو ئي نه هجي. ملڪ تازو هڪ ننڍي جنگ مان گذري فتحياب ٿيو آهي. سڄو ملڪ ڀارت جي خلاف پاڪستان جي فتح تي خوش آهي. سڄي دنيا انهيءَ ڪري پاڪستان کي مبارڪون ڏئي رهي آهي، جو انهيءَ مڙهيل جنگ جو چٽو جواب ڏئي ڀارت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو آهي.

            ٿيڻ ته ائين کپي ته سڀ سياسي جماعتون، سول سوسائٽي ۽ سماج جا ٻيا طبقا رياست پاڪستان جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪن. تعليم، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان جي ترقي گهربل آهي. اڙان پاڪستان پروگرام جي تحت ايندڙ پنجن سالن ۾ 60 ارب ڊالرن جي برابر برآمد کي کڻي وڃڻو آهي ته جيئن ملڪ خوشحال ٿي سگهي ۽ گڏوگڏ عوام تائين خوشحالي جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. تحريڪ انصاف کي ملڪ جي بهتري ۾ ساٿ ڏيڻ گهرجي. اها ملڪ جي هڪ مقبول پارٽي آهي. جنهن کي نوجوانن جي وڏي پئماني تي حمايت حاصل آهي. موجوده حالتن ۾ ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت ۽ انهيءَ سان گڏ حزب اختلاف جي رهنمائن کي هن وقت رياست سان گڏ بيهڻ کپي. پر اها پارٽي سوشل ميڊيا جي ٺاهيل پنهنجو پاڻ کي زنده رکيو ويٺي آهي. انهيءَ کي روز ڪو نئون موضوع کپي، جنهن تي اهي پنهنجي سياست چمڪائين. تحريڪ انصاف جي قيادت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته انهن جي سياست ناڪام ٿي چڪي آهي. تحريڪ انصاف کي هڪ پارٽي طور ملڪ جي سياسي ماحول ۾ پنهنجو پاڻ کي زنده رکڻو آهي ته انهيءَ کي مثبت قدم کڻڻ گهرجن.

            انهيءَ پارٽي پاران منفي سياست وڏي پئماني تي ٿي چڪي آهي. سابق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ واري آئيني اختيار تي اڃا غور پيو ٿئي. پارٽي جيڪڏهن تياري نه ڪئي آهي ۽ عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪرڻ ۾ پارٽي سنجيده ناهي ته پوءِ اهڙا شوشا نه ڇڏڻ گهرجن. پارٽي کي اهو زمانو ياد ڪرڻ گهرجي، جڏهن وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي آئيني تحريڪ پيش ٿي هئي، تڏهن تحريڪ انصاف جي ساڳئي اسپيڪر اسد قيصر انهيءَ سان ڪهڙو غير قانوني ورتاءُ ڪيو هو کيس ياد ناهي، پر پاڪستان جي عوام کي ڪجهه به وسريو ناهي. سڌ سماءَ جي ذريعن وٽان معلوم ٿيندڙ انهيءَ خبر کي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ تي غور شروع ڪرڻ جو ڪم باني پي ٽي آئي ڏنو آهي. ملاقات ڪندڙ وفد پارٽي جي باني کي حزب اختلاف ۽ محمود خان اچڪزئي کي اسپيڪر جي خلاف عدم اعتماد جي موقف کان واقف ڪيو ويو. سڀ سمجهن ٿا ته تحريڪ انصاف جو جمهوري ۽ آئيني ضابطن تي گهڻو اعتبار ڪونهي. سال کان مٿي وقت ٿيو آهي ته پارٽي رهنما قيد ۾ آهي، پر اهو سياسي جماعتن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. جمهوري پارٽيون پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪن. اهو سندس سياسي سوچ ۽ فڪر ۾ نه آهي. تحريڪ انصاف هڪ مقبول پارٽي ضرور آهي پر اها جمهوري پارٽي تي انهي لاءِ لڳي ٿو ته گهڻو انتظار ڪرڻو پوندو. پارٽي موجوده قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. پر انهي جي خلاف عدم اعتماد تي غور ڪري رهي آهي.

            پارٽي سياسي ڳالهه ٻولهه جي حق ۾ نه آهي اها سڌو رياست سان ڳالهائڻ چاهي ٿي. پارٽي جي غلط حڪمت عملين جي ڪري پارٽي پنهنجي لاءِ سياسي رستا وڃائي رهي آهي. اڃان به وقت آهي ته تحريڪ انصاف اسانجي ملڪ جي ترقي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ۽ ملڪ جي عوام جي ترقي ۾ مدد ڪري. لڳي ٿو تحريڪ انصاف کي جمهوريت ۽ عوام سان ڪوبه واسطو ڪونهي. انهيءَ ڪري وقت بوقت پارٽي پنهنجو پاڻ کي متضاد بيانن جي ذريعي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته تحريڪ انصاف کي هڪ سياسي جماعت جي حيثيت ۾ پنهنجي ذميداري محسوس ڪرڻ گهرجي. تحريڪ انصاف سمجهي نه سمجهي وقت اهو سڀ ڪجهه تحريڪ انصاف کي سيکاري رهيو آهي.