ڪهاڻيوننئون

مول هندي ڪهاڻي: پنھنجي اندر جو خوف

جڏھن ذهن جي اُڏام آڪاش کي ڇھڻ جي تمنا رکي ۽ اُن جي هيٺان زمين تي اميد جي پرن سان اڀرڻ لڳي، تڏھن لڳي ٿو ڪاميابيءَ جي چوٽيءَ تي پھچڻ ۽ پنھنجي گھربل اميدن جو جھنڊو ڦڙڪائڻ جو وقت اچي ويو آھي، پر هي ته فقط اکين ۾ سمايل سپنا آهن، حقيقت ته ڪجهه ٻي آھي.

ڌنيِرام اوچتو گھٻرائجي اُٿيو، پنھنجي ڪرسيءَ تان ٽپو ڏئي، اڳتي ھلندي، رڌڻي جي لائيٽ ٻاري، پنھنجي بدن جي ٻوجھه کي پنھنجي ڪمزور ٽنگن تي ڍوئيِندي، پاڻيءَ لاءِ ٿانوَ جي ويجھو وڃي پهتو. اوچتو ئي اوچتو ڌنيرام جي هٿ ۾ پڪڙيل گلاس سندس ھٿن مان کسڪي ويو ۽ کڙڪي جي آواز سان زمين تي لڙڪي ھڪ جاءِ تي وڃي بيهي رھيو.

ڌنيرام پنھنجن پيرن تي ڪونه بيهي سگھيو ۽ پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ جي ڀرسان ڀت جو سهارو وٺي هلڻ لڳو، پر وڌيڪ نه هلي سگھيو ۽ ٿوري دير ۾ ٽانڪيءَ کي قابو پڪڙي بيهي رھيو. جيڪڏھن ائين نه ٿئي ها ته پوءِ الائي ڇا ٿئي ها؟ اِھو سوچيندي ئي ھن اَکيون بند ڪيون ۽ ٻه ٽي ٿڌا ساهه کڻي پاڻ کي تسلي ڏني. هاڻي ھُن محسوس ڪيو ته اھو هڪڙو ننڍڙو ڪُوئو آھي، جيڪو سندس پيرن تي چڙهيو ۽ پوءِ اُتان لهي ڪري ڀڄي ويو. ڌنيرام نرم لهجي سان مرڪندي پنھنجو پاڻ سان ڳالھايو “مان به چريو آهيان، ڏينھن جي روشنيءَ ۾ ھڪ ننڍڙي ڪئي جي ڇھڻ تي گھٻرائجي ويُس. پوءِ اڏامندڙ پکين کي ڪيئن شڪست ڏيِندُس؟ پنھنجي خوابن جي چوٽيءَ تي جھنڊو ڪيئن ڦڙڪائيندس؟ ڌنيِرام، حوصلو رک، پنھنجي سموري طاقت سان اڳتي وڌُ، جيڪڏھن تون پنھنجا پير زمين تي رکي ٿو سگھين ته ائين ڪر، پنھنجي بنا پرن جي سوچ تي قابو رک ۽ اڳتي وڌُ.”

هوُ ھمت ٻڌي ھيٺ جھڪيو ۽ زمين تي ڪريل گلاس هٿ ۾ کنيائين. پوءِ نلَ کي کولي گلاس کي ڌوئي، اُن ۾ ڪجھه پاڻي ڀريائين ۽ اُتي ئي بيٺو رھيو. پنھنجي اُڃ مٽائڻ لاءِ ھُن پاڻي پيتو پوءِ ٻه قدم اڳتي وڌي، رڌڻي جي لائيٽ بند ڪري، ورانڊي ۾ رکيل پنھنجي ڪرسيءَ تي اچي ويهي رهيو.

***

هو اڄُ به اڪيلو آھي ۽ تڏھن به اڪيلو ئي هو جڏھن ھوُءَ ھئيِ. هاڻي سندس غير موجودگيءَ ۾، اڪيلائي کيس ايترو ته ڌڪڻ لڳي آھي جو ڪنھن اَجنبيءَ جو آواز به ھُن جي دل جي ڌڙڪن کي ترسائي ڇڏيندو هو. ڌنيرام پنھنجي ناڪام زندگيءَ جي رستن تان گذرندي واقعي ڏاڍو ٿڪجي پيو هو. کيس خبر ھئي ته رستي ۾ رڪاوٽون آھن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اُنھن کي هٽائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونھي. شڪست زندگيءَ جو اَنت ته ناهي. اُٿڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو ئي اَسان جيِ رهنمائي ڪري ٿو. مون گھڻو وقت اڳُ ڪٿي پڙھيو هو، جيڪو اڄُ به منھنجي دل جي ديوارُن تي نقش ڇڏي ويو آھي. اڄُ تائين مان پاڻ به اُنھن يادگيرين مان جان نه ڇڏائي سگھيو آهيان. ڇا لکيل هو، ها:

“صرف ڪتابي ڪھاڻيون نه پڙھو، زندگيءَ کي به پڙھو، ماڻھن کي به پڙھو، سماج کي به پڙھايو.”

پڙھندڙ شخص ھُن نقاد وانگر آھي، جيڪو هيِرن جي اَصل قيمت کي سڃاڻي ٿو. اُن پٿر کي تراشي، اُن کي قيمتي بڻائي ٿو ۽ اُن کي مُنڊيءَ ۾ سجائڻ لائق بڻائي ٿو. ائين ناهي ته ڌنيرام کي قيمتي شيُن جو قدرِ نه سجھندو هو. کيس اِن ڳالهه جي چڱي ڄاڻ ھئي ته پاڻيءَ ۾ لڪيِرون ڪڍڻ سان پاڻي ڌار نه ٿيندو آھي. ڪي اھڙا رشتا ھوندا آھن، جيڪي ٽُٽي پوندا آھن، حدُن کان به اڳِتي نڪري ويندا آھن، ڪنھن ٻرندڙ بم وانگر، تنھن ھوندي به، جيئن ئي اُنھن کي هِڪ وَجھه ملندو آھي ته اُهي وري پنھنجي حدُن ۾ محدود ٿي جذب ٿي ويندا آھن. اھوئي دنيا جو چلن آھي جيڪو ھلندو رھيو آھي ۽ اڳتي به ھلندو رھندو.

پوءِ هو ھُن کي ڇو نه قبول ڪري سگھيو؟ ھُن جي پيشانيءَ تي ڪلنڪنيءَ جو نشان ڇو لڳايو ويو؟ هو ته سندس گھوٽ هو، سندس رکوالو. ڪيئن ھن عين وقت تي بزدليءَ جون حدون پار ڪيون ۽ پنھنجي ئي گھر جي دروازي تي ھڪ لڪشمڻ ريکا ڇڪي ورتي، جنهن جي ھڪ پاسي هوُ پاڻ هو ۽ ٻئي پاسي ھوءَ. اِن جو سبب بلڪل صاف هو، ھن ماڌويءَ تي ڪلنڪنيءَ جو الزام لڳايو ۽ کيس گھر جي چانئٺ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

***

ماڌويِ رشتن کي سمجھندي ھئي، اُنھن کي سمجھندي ھوءَ پنهنجي حدن ۾ رھندي ھئي، پر هاڻي سڀ رشتا بي معنيٰ ٿي ويا آهن. پنھنجن ئي ڪونه اپنايو ۽ اجنبيُن هر قدم تي دوکو ڪيو، ٺڳي ۽ لُٽي ويا. ھوءَ ايتري غريب ٿي وئي جو پنھنجي وجود کي به سنڀالي نه سگھي.

پريشانين کي صبر سان منھن ڏيڻ تي اُهي گهٽجي ڪونه وينديون آهن. جڏھن ھُن جي ويجهن ۽ عزيِزن ھُن جو ساٿ نه ڏنو، گھرن جا در به ھُن لاءِ بند ڪري ڇڏيا، پوءِ ھوءَ ڪنھن جيئري شيءِ وانگر، سماجي بُرائين جي پاڙ پٽيِندڙ درندن ۽ لٽيرن جو شڪار بڻجي وئي. سندس رڙ ھوا ۾ پکڙجي وئي، پر ٻوڙن جي ڪنن تائين اُن جي گونج ڪونه پهچي سگھي. ماڌويِ، جڏھن خاموشيءَ جي وچ ۾ لڙڪندڙ پکين وانگر زخمي ٿي، پنھنجي ڦاٽل ڪپڙي کي ڍڪڻ کانسواءِ ئي پنھنجي گھر جي چانئٺ تي آئي ته سندس بزدل مڙس ڌنيِرام کيس گھر جي دروازي جي اندر ڪونه اَچڻ ڏنو. ائين لڳو ڄڻُ ھُن جي پنھنجي عزت سماج جي نظرن ۾ ڪلنڪ بڻجي وئي ھئي.

“تون ڪلنڪني آھين، مان توکي قبول نٿو ڪري سگھان”، ايترو چئي جڏھن ھُن دروازي جا ٻئي طاق آسي پاسي جي ماڻھن ۽ پاڙيسرين جي سامھون بند ڪيا، تڏھن ماڌويِ پنھنجي اکين ۾ ايترو ته ڪِري پئي جو پنھنجو منھن لڪائڻ لاءِ ڪنهن ڀت جو سهارو ڪونه مليس. ھوءَ پنھنجي وجود ۾ ائين سڪڻ لڳي ڄڻ ڪو ريشم جو ڪيڙو پاڻ کي پنھنجي وات مان نڪرندڙ ريشم جي تارن ۾ قيد ڪري ڇڏيندو ھجي. کيس ڄاڻ ھئي ته ڏکئي وقت ۾ پنھنجن جو ساٿ نه مليو ته حالتون ڪونه بدلجنديون آهن. پنھنجن جي ساٿ کانسواءِ، اُنھن کي منھن ڏيڻ مشڪل آھي. ارادن جي ٻُڏتر ۾ ئي، ھُن پنھنجي اندر ۾ اٽل اِرادو ڪيو ته ھوءَ ھن خود غرض سماج، جنھن کيس ڪلنڪني ڪوٺيو آھي، جي وچ ۾ رھي سماج جي نمائندن اڳيان ڇاتي ڦنڊائي بِيھندي ۽ پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪندي.

سندس لڱن تي ڪوڪي وانگر چِٽيلَ نشان “ڪلنڪني” ھُن لاءِ هِڪ ڪارو داغ بڻجي ويو هو. ھُن “ڪلنڪني” ئي چيو هو نه. ماڌويِءَ جي سامھون هاڻي فقط هِڪ آپشن بچيو هو. ھُن ھڪ بازاري عورت بڻجي پنھنجي حَق ۾ ھِڪ جاءِ تي آباد ٿيڻ بهتر سمجھيو ۽ فيصلو ڪيو ته ھوءَ اِن تي قائم رھندي.

***

سياسي ميدان جي سياسي ماحول ۾ ماڻھو ننڍڙا جيت سمجھي ھڪٻئي کي چيِڀاٽي اڳِتي وڌندا آهن. چيڀاٽيل انسانن جي ڇاتين ۾ ھڪ نه، پر گھڻيوُن ئي سُرنگون قبر بڻجي پنھنجي جاءِ ٺاھي وٺنديون آهن. ماڌوي به اڳتي وڌندي رھي. ڪارنهن هِڪ دفعو لڳي يا گھڻائي ڀيرا، ڪارو پنھنجو نشان ڇڏي ٿو۔ ڏوھه هِڪ ڀيرو ڪيو وڃي، ڏھه ڀيرا يا هزار ڀيرا وڌيڪ، سزا اها ئي آھي جيڪا پهريون ڀيرو ملي.

ھوءَ ڄاڻي ٿي، ھوءَ هر حقيقت کان واقف ھئي، شايد اِن ڪري ئي ھوءَ اندر مان لوهه جهڙي ٿي وئي ھئي. ھُن جا خيال پٿر جي بلنديُن کي ڇھي رهيا هُئا. ھوءَ اُن وقت تائين پراڻين ٻيڙين کي ساڙي آئي ھئي، تنهنڪري پوئتي ڏسڻ جو ڪوبه فائدو نه هو. ھُن پنھنجي چوُنڊيل رستي تي هلڻ جو فيصلو ڪيو. ماڌويءَ کي اھڙين حالتن کي منھن ڏيڻو پيو، جو ھُن وٽ چونڊ جو گھڻو موقعو نه بچيو هو.

ناري هِڪ دفعو غلاميءَ مان آزاد ٿيندي ئي وري زنجيِرن ۾ جڪڙجڻ کان اڳُ سئو ڀيرا سوچيندي آھي، اهوئي نه، پر ڪڏهن ڪڏهن حالتن جي بدران چونڊ ڪرڻ جو دائرو به ختم ٿي ويندو آھي.

***

غير محفوظ ماحول مان نڪري ۽ محفوظ ماحول ۾ رھي پاڻ کي بچائڻ به جسم لاءِ ڌرم نيوٽريشن مثل آھي. اھو جسم ئي آھي جيڪو خواھشن جي پوُرائيءَ جو ذريعو بڻجي ٿو. انصاف ۽ ناانصافيءَ جي وچ جي فرق کي ختم ڪرڻ ۽ پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافيءَ جي خلاف پنھنجو آواز بُلند ڪرڻ ڪا بزدلي ته ناهي. اها صرف پنھنجو پاڻ تي وشواس جي گهٽتائي آھي.

ماڌوي به ساڳئي سماج ۾ ساڳين بگھڙن جي وچ ۾، ھڪ اھڙي جڳھه تي پهتي ھئي جنهن کي ڪوٺي جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جتي لاشون خريد ۽ وڪرو ڪيون وينديون ھيوُن، جتي هر جاندار کي وڪري جي شيءِ سمجھي تارازيءَ ۾ توريو ويندو هو، هر شيءِ جي قيمت جو اندازو لڳايو ويندو هو، قيمت اَدا ڪرڻ وقت خريد ڪري، سامان جو استعمال ڪري، خريدار هليو ويندو هو. اِن قطار ۾ ڪوبه مرد اهڙو نه هو، جيڪو ڪنھن عورت کي چيز نه سمجھندو ھجي، اُن کي خريد ڪرڻ جي خواهش ڇڏي اُن کي پنھنجو بڻائي وٺي. کيس ھن انڌي کوھه مان ٻاهر ڪڍي ڇڏي.

هيل تائين ماڌوي اِن روايت کان چڱيءَ طرح واقف ٿي وئي ھئي ته جتي کيس پناھه ملي آھي، اُتي سندس آزادي کسيِ وئي آھي. اُتي ماڻهو عورت جي ننگي بدن کي لٽيندا آھن، اُنھن لاءِ عورت رڳو ڀوڳ جو سامان آھي. مرد عورت کي قيد ڪري ٿو ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق سندس لاءِ لڪشمڻ ريکا ٺاھي ٿو. ڇا هي اهو لڪشمڻ آھي جنهن سيتا ماتا جي رکيا لاءِ لڪير ڇڪي ھئي؟ اڄُ جو لڪشمڻ؟ ڇا اڄُ جو رام اهڙن لڪشمڻن جي ھن فيصلي تي راضي ٿي ويو آھي.

ڪيترائي سوال اٿاريا ويا آھن، بي بنياد جواب سامھون آهن، جن جي ڪا پٺڀرائي ناهي. پردي جي پويان راز رهجي ويا آهن، جن تي نه ڪو ڳالھائيندو آھي ۽ نه ڪنھن کي خبر به پوندي آھي. ڪنھن تمام وڏي ڳالھ چئي آھي،” مان جنهن به ڪناري تي بِيھندو آهيان، اُتي ئي غرق ٿيندو آهيان.”

ڪنھن به صورت ۾، ڪوبه اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪندو آھي ته ڪنھن شيءِ جي هيٺان ڇا موجود آھي جيڪا مٽيءَ سان پوريل آھي؟ اِن کانپوءِ به رات جي خاموشيءَ ۾ درد جي داستان گونجندي آھي. بزدل ڌنيِرام پاران ماڌويءَ کي ڏنل سزا ڏينھون ڏينھن وڌندي رھي ۽ سندس اندر ۾ خوف پيدا ٿي ويو. اھو هِڪ ڀيرو نه، پر ڪيترائي ڀيرا ٿيو، پر گناھه ۽ بخشش گھر جي دروازي تي بند ٿي ويا. غلطين کي جڏھن معافي ڏيڻ کانپوءِ به ورجايو ويندو آھي جو اُنھن جو مطلب بدلجي ويندو آھي. اھڙي ڏوھ جي ڪا معافي ناهي. ڪڏهن معاملو وقت تي حل ٿي ويندو آھي، ڪڏهن گهڻي دير لڳي ويندي آھي ۽ جيڪو وقت وڃايل ھوندو آھي، اهو ٻيھر حاصل نه ٿيندو آھي. ھن ڀيري معاملو اسان جي ھئڻ کانپوءِ به ڪنھن ٻئي جو ٿي ويو. ھُن نه رڳو ماڌويِءَ جي دل کي ايِذاءُ رسايو، پر ھُن جي دل کي به ٽوڙي ڇڏيو، جنهن جا ڪنڊا هاڻي سندس چوڌاري پکڙجي رهيا هُئا.

هر اِنسان پنهنجي شخصيت پاڻ سان گڏُ ٿو کڻي ھلي. ماڌوي پنھنجي حال کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار ھئي. ھُن پنھنجي اندر جو هر شڪ، هر خوف ڪڍي ڇڏيو هو ۽ پنھنجي چوُنڊيل رستي کي پنھنجي منزل سمجھي اڳتي وڌي، پر ڌنيِرام اُن خوف کي پنھنجي اندر ۾ پالي رکيو. کيس خبر ھئي ته ھُن غلطي ڪئي ھئي. جيڪڏھن هو چاهي ها ته هِڪ ماڻھو بڻجي سگهي ها، پنھنجي آسپاس جي ماڻھن کي منھن ڏِئي ها ۽ خاندان جي عزت کي گمراهيءَ جي رستي تي نه ڌڪي ها. معافي نه ڏيڻ به ڪنھن ڏوھه کان گھٽ ناهي. اھوئي داغ خوف جي صورت ۾ ھُن ۾ داخل ٿي ويو هو.

هو هاڻي اڪيلو رهجي ويو هو، جنھن جو سبب به هو پاڻ ئي هو. هوُ جنهن شاخ تي بيٺو هو، اُن کي پاڻ ئي ڪٽي ڇڏيائين. هاڻي ته ھڪ آواز به کيس ڊيڄارڻ لاءِ ڪافي هو. ھڪ ڪوئي جو ڇھاءُ به کيس ڊيڄاري رھيو هو. سماج جيِ کوکليِ ويوَسٿا جو خيال رکندي هو پاڻ اندر کان کوکلو ٿي ويو هو. حالت اھڙي ھئس جو ڀِتيُن اندر محفوظ ھئڻ جي باوجود، سندس دل ڌڙڪندي رھي. هر آواز جو خوف سندس اندر ۾ اهڙو ته پيھجي ويو جو سِج ۾ پنھنجو عڪس ڏسي به هو ڊڄڻ لڳو. اِن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي سزا ٿي سگهي ٿي ته جنهن گھر ۽ زال جو هو سنڀاليندڙ هو، اهو هاڻي پنھنجي ئي پاڇي کان ڊڄي رھيو آھي. چوندا آهن، “ضمير کان وڏو ڪوبه شاهد ناهي۔ دل کان وڏي ڪابه عدالت ناهي.”

مول ھندي ڪهاڻي “اپني ڀيِتر ڪا ڊر” جو سنڌي ترجمو.

***