ڪهاڻيوننئون ڪهاڻي: بارُود May 14, 2025 Zahida Abro سڀ ڳالهيون ڳُڙ ٿي ويون هيون ۽ هو سڀ انهن کي چٽي رهيا هئا، ماڪوڙن وانگر. ماڪوڙي جو مونث ڇا آهي؟ لِپ اسٽڪ چپ چوريا.واهه واهه! ڊارڪ گلاسز داد ڏنو.ڇا مطلب؟ اهو جوتن جو آواز هو، جيڪي ٽيبل تي رکيا هئا، پيرن سوڌا.ڇا جو؟ واهه واهه جو! لِپ اسٽڪ چَپ چوريا.ماڪوڙي جو مونث جو مطلب! اهو مُڪ جو آواز هو. جيڪا پوري زور سان اچي ميز تي لڳي هئي ۽ ميز کان رڙ نڪري وئي هئي. هونئن به مُڪ کي لپ اسٽڪ ڏٺي نه وڻندي هئي. لپ اسٽڪ ته هن کي سدائين ائين لڳندي هئي، ڄڻ ڪنهن جو تازو تازو رت پي آئي هجي. ڪوسو ڪوسو رت، ڳاڙهو ڳاڙهو رت.مان ڄاڻان ٿو! انڌي کوهه ۾ پڙاڏو ٻُريو.ڇا؟ نيل پالش کان رهيو نه ٿيو.ته ماڪوڙي جو مونث ڇاهي؟ پر رر…! انڌي کوهه ۾ پڙاڏو ٻُريو.هڪڙو ته تنهنجي انهيءَ “پر” مان اچي ڦاٿا آهيون.سنڌي جيڪڏهن انهيءَ “پر” کي ڇڏين نه، ته سڄي دنيا تي سندن راڄ هجي! مُڪ ميز تان کڄي، پوري زور سان اچي ميز تي لڳي.هي تون ماڪوڙن جي ڳالهه ۾ سنڌين کي ڪٿان گهلي آئين؟!جوتا ٽيبل تان هيٺ لهي آيا، پيرن سوڌا.سنڌي رڳو تون آهين ڇا؟ لائٽر جو شعلو چمڪيو.تو وري سگريٽ دُکايو! نيل پالش چيو.دُکايو نه، پر دُکائي! دونهين اوڳاڇيو.دُکايو ڇو نه؟ نيل پالش پڇيو.ان ڪري جو منهنجي چپن ۾ آهي! دونهين جو ڇلو ٺهيو.واهه واهه! ڊارڪ گلاسز داد ڏنو.انهيءَ ۾ واهه واهه جي ڪهڙي ڳالهه هئي ڀلا! مُڪ ميز تان کڄي چنبي جي روپ ۾ کُلي، مُٺ جي روپ ۾ بند ٿي، ميز تي رکجي وئي.هَل دُکائي، پر ڇو دُکائي؟ نيل پالش مڇڏ ٿي پئي.منهنجو جڏهن به اندر دُکندو آهي، تڏهن مان سگريٽ دُکائيندو آهيان! دونهين اوڳاڇيو.واهه واهه! ڊارڪ گلاسز ڀُڻڪيو.وري واهه واهه! مُڪ هڪڙو ڀيرو وري ميز تان کڄي، چنبي جي روپ ۾ کُلي، مُٺ جي روپ ۾ بند ٿي، ميز تي رکجي وئي.ايئن ڇو نٿو چوين ته ڪاغذ کي باهه ڏيکاريندو آهيان! جوتا وري ٽيبل تي رکجي ويا، پيرن سوڌا.ڪاغذ کي ئي ته ڏيکاريندو آهيان نه باهه! دونهين جو ڇَلو ٺهيو.ته ڇا مان- مان- ڇا- ته! جوتا ٽيبل تان هيٺ لهي آيا، پيرن سوڌا. پوءِ انهن پيرن تي ٽنگون اٿي بيٺيون، ڌڙ کي کڻي ڌڙ مٿان هڪ مُنڍي رکيل هئي، مُنڍيءَ ۾ هڪ چهرو هو. چهري تي ٻه اکيون رتاڻيون اکيون.پوءِ اُهي رَتاڻيون اکيون هئڊيون، سايون ٿينديون اڇيون ٿي ٿيون وڃن. صفا ڪفن جهڙيون اڇيون اکيون.ڪارو منهن ۽ اڇيون اکيون هڪ ڀيانڪ منظر ٿيون پيش ڪن.واهه واهه! ڊارڪ گلاسز اُٻڙڪيو.ڇا چيئي؟ مُڪ ميز تان کڄي هوا ۾ لهرائي ۽ وري ميز تي زور سان اچي لڳي.اصل ڳالهه ته اتي ئي رهجي وئي! ڪَٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.ڪهڙي اصل ڳالهه؟ جوتا وري ٽيبل تي رکجي ويا پيرن سوڌا.اهائي، ماڪوڙي جي مونث هئي! لائٽر جو شعلو ڀڙڪيو.تو وري سگريٽ دُکايو! نيل پالش چيو.دُکايو نه، پر دُکائي! دونهين جو ڇلو ٺهيو.ان ڪري جو تنهنجي چپن ۾ آهي؟ ڪٽيل وارن جو جهٽڪو آيو.ها! دونهين اوڳاڇيو.۽ جي منهنجي چپن ۾ هجي ها ته! لپ اسٽڪ آکيو.ته پوءِ هڪ ئي مُڪ سان تنهنجو ٻُوٿ ڦيهي ڇڏيان ها!مُڪ ميز تان کڄي، وري پوري زور سان اچي ميز تي لڳي، ميز کان دانهن نڪري وئي.ميز ٿو ڀڃين! دونهين اوڳاڇيو.تنهنجي پيءُ جي آهي ڇا ميز!؟ مُڪ ڀيڙجي وئي، پر ميز تي ئي رکيل رهي.ته ڇا تنهنجي پيءُ جي آهي؟ دونهين جو ڇَلو ٺهيو.اڙي، اصل ڳالهه ته ٻڌڻ ڏيو! جوتن جو آواز هو اهو.ڪهڙي هئي اصل ڳالهه؟ ڪٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.اصل ڳالهه ته اها هئي ته اسان کي پنهنجي قومي آجپي تي ويچارڻو هو! دونهين جو ڇلو ٺهيو.قومي آجپي يا پنهنجي آجپي تي؟ لپ اسٽڪ چپ چوريا.واهه واهه! ڊارڪ گلاسز آکيو.شٽ آپ! مُڪ کڄي، زور سان اچي ميز تي لڳي، ميز کان ڪنجهه نڪري وئي.ته پوءِ ويچاريون پنهنجي- قومي- آجپي تي! ڪٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.في الحال اسان کي ڪجهه ناهي ڪرڻو! جوتن چيو. جيڪي ٽيبل تي رکيا هئا پيرن سوڌا.سکڻو بيان به نه! دونهين جو ڇَلو ٺهيو.نه! جوتن چيو.ڇو نه؟ مُڪ ميز تي ئي رکيل رهي.مٿان کان اڃا آرڊر نه ٿيو آهي! جوتن چيو.مٿان کان ڪٿان کان؟ الله سائينءَ کان! دونهين اوڳاڇيو.مٿان کان معنيٰ مٿان کان! ٽيبل تي رکيل جُوتا پاڻ ۾ ٽڪرايا.ڪٿان کان؟ ڪراچيءَ کان! ڪٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.اسلام آباد کان؟ لپ اسٽڪ چپ چوريا.واشنگٽن کان؟ نيل پالش ڌُڪو هنيو.تنهنجو ڇا مطلب آهي ته اسين-! جوتا ٽيبل تان هيٺ لهي آيا پيرن سوڌا.واهه واهه! ڊارڪ گلاسز ڪُڇيو.اوندهه ۾ به ڊارڪ گلاسز! مُڪ امالڪ ميز تان کڄي، چنبو بڻجي، ڊارڪ گلاسز تي جهپو هڻي، جوتن ڏانهن اُڇليا. چورررڪ ررچ….جوتا شايد هوندائي ان لاءِ آهن، ته جيئن شيشا چُور چُور ڪري سگهن! لپ اسٽڪ ڀُڻڪيو.جوتا ان لاءِ هوندا آهن، ته جيئن ميرا پير لڪائي سگهن! دونهين اوڳاڇيو. جوتا ان لاءِ هوندا آهن ته جيئن هڪ ئي ٿُڏي سان تنهنجو ميڄالو مُڃ ڪري سگهن! جوتا ٿُڏي لاءِ سنڀريا.در کي ٿُڏو لڳو. ٿُڏي سان در جا ٻئي پَٽ پٽجي ويا ۽ ڪجهه ماسڪ اندر ڌُڪي آيا. ماسڪ جيڪي مُنڍين تي چڙهيل هئا. مُنڍيون ڌڙن تي رکيل هيون. ڌڙ جيڪي ٽنگن تي بيٺل هئا. انهن جي هٿن ۾ ڪلاشنون هيون. هو ايندي ئي برسٽ کولي ٿا ڇڏين….*** Post Views: 54