بلاگنئون

اچو ته سنڌ لاءِ نئون ڪيمياگر بڻجون!

قوم جنهن اثاثي تي وڌ کان وڌ فخر ڪري سگهي ٿي اهي ان جا نوجوان آهن، نوجوان پيڙهي ڪنهن به ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن ڏس ۾ هي ملڪ خوش نصيب آهي جو ان جي آبادي جو 65 سيڪڙو پندرهن کان ٽيهن سالن جي نوجوانن تي مشتمل آهي، اهي تازو رت رکندڙ ملڪي مشينري لاءِ هڪ ٻارڻ جي حيثيت رکن ٿا ۽ اسان سڀني کي ان تي فخر ڪرڻ گهرجي. ملڪن جي معاشي تقاضي جو دارو مدار پڻ انساني سرمائي، نوجوانن، پڙهيلن ۽ قابل ماڻهن تي هجي ٿو ۽ ٻيو آهي جسماني سرمايوPhysical Resource  جسماني سرمايو مطلب ڪنهن به ملڪ ۾ اتي ڪتب ايندڙ يا گهرج پٽاندر ڪيتري مشينري يا ڪلون Instruments آهن. اهي سڀ شيون گڏجي ملڪ جي معيشت جي ڦيٿي کي هلائڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿيون، پر مشين يا جسماني سرمايو وقت گذرڻ سان اڻ ٺهڪندڙ ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ بلڪل ئي ڪم جو نٿو رهي، جو هر لمحي نئين جدت ۽ نئين ٽيڪنالاجي ان جي جاءِ والاري ٿي. جڏهن ته انساني سرمايوHuman Capital  وقت گذرڻ سان وڌيڪ سگهارو ۽ طاقتور ٿيندو وڃي ٿو ۽ ان ۾ کوجنا ۽ تحقيق ان کي ويتر ئي لاڀائتو ۽ ڪامائتو بڻائي ڇڏين ٿيون.

اسان وٽ آبادي جو ايترو حصو نوجوان آهي، پر پوءِ به اسان مشڪل ۾ آهيون ته آخر ائين ڇو آهي. اچو ته هن منجهيل سُٽ کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪريون. هي دور جنهن ۾ پاڻ جيءُ رهيا آهيون، اهو جديد بعد جديد ۽ انسانيت پڄاڻPost Human  دور چئجي ٿو، يعنيModern, post modern and post human هي دور گيجيٽس، ڪمپيوٽر موبائل سان لاڳاپيل شين، ڪنزيومرزم جو دور آهي ۽ ان ۾ اسان جا پراڻا توڙي جو اهي اعتقاد پنهنجي پر ۾ معياري هئا، پر هن وقت بلڪل ناڪارهObsolete  ٿي رهجي ويا آهن. هي سائنس جي جوڀن ۽ ڪاري سرمائيداري جو دور آهي، جنهن ۾ انفارميشن جي ٻوڏ مها ٻوڏFlood of information ايتري تيز ۽ گهڻي آهي جو ان ۾ اسان سڀ هڪ لڙهندڙ نسل بڻجي رهجي ويا آهيون. اسان سڀئي انسان مان بدلجي هڪ سائبورگCyborg  بڻجي ويا آهيون، جتي اسان نالي ۾ ته ماڻهو آهيون اسان جو جسم هڏن، گوشت ۽ رت جو ٺهيل آهي، پر حقيقت ۾ ان ۾ احساس، ادراڪ، تدبر، غور، فڪر ۽ تغير Intuition نالي ڪابه شيءِ ناهي رهي. جديد ٽيڪنالاجي ۽ تڪڙي شهر ڪاري اسان جي رهڻي ڪهڻي سان گڏوگڏ اسان جي نفسيات تي گهرا اثر ڇڏيا آهن اڃان ته اهو ڪجهه نه آهي، هن جي پٺيان ايندڙ اجگر ڪجهه ٻيون آهن، شايد توهان اسان ان کي منهن نه ڏيئي سگهون. اهڙي مونجهاري ۾ اسان جا نوجوان ڪٿي بيٺا آهن، اچو ٿوري جاچ ڪريون.

هن وقت اسان جو نوجوان اٿاهه ويڳاڻپ، يڪسيانيت ۽ هڪ عجيب قسم جي گهڻ رخي وڻ ويڙهي ٽائيپ مسئلن جو شڪار آهي. ذهني طور تي تمام گهڻو مجهول ۽ جسماني طور تي يا ته نٻل ڪمزور پٽاٽن جي چپس تي گذارو ڪندڙ يا ته پرڏيهي ڪمپنين جا ڪنگ سائيز برگر کائي ننڍڙي وهي ۾ پاڻي واري جهاز جهڙي جسامت کڻي پيو هلي. مطلب ته هڪ ايراني سرڪس آهي ۽ اسان جو نوجوان ان جي موت واري کوهه ۾ موٽرسائيڪل پيو ڦيرائي، هاڻ ان مان ڪهڙي طرح اميد ڪجي ته هو اٿي کڙو ٿئي ۽ هڪ ويڙهاڪ، جهيڙاڪ ۽ جنگجو ٿئي. روزاني ڪاروهنوار ۾ نوجوان پنهنجي وڏڙن جي ڪچهرين کان گهڻا پري ٿي ويا آهن، انهن جو گهڻو وقت موبائيل جي ڪچري(Junk)  تي گذري ٿو، جنهن ۾ سواءِ تباهي جي ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي. هاڻي توهان سڀ سمجهندا ته آئون شايد ڪو ٽيڪنالاجي دشمني تحت اها ڳالهه ڪريان ٿو. اسان جو نوجوان سڄو ڏينهن ٽڪ ٽاڪ، رِيل ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه جيڪو شايد لفظن ۾ لکڻ کان مٿي هجي ان ۾ وڪوڙجي ويو آهي. سياڻن جي سگهڙائپ ويئي، وڏڙن جو احترام ويو، خانداني ڪچهريون ويون، اوطاقون ويران ته اڻ سڌي ريت نوجوانن جي تربيت به ويئي، سلام دعا ۽ ادب آداب سڀ ڪجهه هليا ويا، بس سڄو ڏينهن اها مُئي موبائيل آهي ۽ ڇوڪرا آهن، هاڻي ڪجي ته ڇا ڪجي؟ اسان چوڌاري ڏسون ته ان ۾ صرف اسان جي نوجوان جو قصور آهي يا پورو وايو منڊل ئي ائين لڳو پيو آهي. اسان جي چوڌاري هڪ عجيب لقاءُ آهي جن بابت ڪيترائي داستان لکجي سگهن ٿا. مذهبي ويڳاڻپ، فرقاواريت ۽ منافقت جا ماسڪ پاتل چهرا، سموري سماج ۾ گُهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول هر ڏسان هر طرف هڪ خوف حراس، هڪ اڻ چٽو خوف اغوا ٿيڻ جو، ريپ ٿيڻ جو، زيادتي ٿيڻ جو، ايڪسيڊنٽ ٿيڻ جو، لاقانونيت جو راڄ ڳوٺن ۾ وڏيرا شاهي جا هيڏا ڏند شهرن ۾ پڻ مافيائون تعليمي ادارن ۾ چند ماڻهن کي ڇڏي باقي ڪل خير آهي. سوال پڇڻ تي پابندي تعليم خود پنهنجي ڀر ۾ هڪ سوال ته ايڪيهين صدي پٽاندر هي تعليم آهي يا اسان پاڻ سان دوکو ڪري رهيا آهيون؟ مهانگائي، سماجي اڻ برابري، هڪڙن وٽ ڪروڙين اربين رپيا ۽ ٻيا اٽي ۾ سوگها، اهڙي ماحول ۾ هاڻ ڪهڙا اسان ارسطو، افلاطون، سقراط پيدا ڪنداسين؟

هر طرف گهگهه اوندهه ڪو سڻائو واءُ ناهي، ڪوبه اهڙو رستو پيچرو ناهي جتان نڪري پار پئون، سڀ هڪ وڏي ريس ۾ نڪتل آهيون، سڀ ڊوڙي رهيا آهيون منزل جي خبر ڪنهن کي به ناهي ۽ ڊوڙي به گول دائري ۾ رهيا آهيون، ڪهڙي منزل ٿيندي؟ هي حال آهن ۽ هي ويچار ڌارا آهي، اسان جي آڱرين جي ريکا ڳڻپ ۾ ڪاميابيون معنيٰ وڌيڪ مالياتي پئسن ڏوڪڙن جا ذريعا نه ڪي اهڙيون ڪاميابيون جيڪي عام ڀلي لاءِ هجن اهڙو ڪجهه ڪونه آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن صرف نوجوانن کي دوشي ٺهرائجي ته مان سمجهان ٿو اها انصاف جي تقاضا جي ۽ منطق جي خلاف ڳالهه آهي. حڪومت شاهوڪارن جي بلڪه اميرن ڪبيرن خود پراسرار ننڍن جا محتاج. ملڪي ناڻو آخري پساهن ۾، هڪڙي وٺ پڪڙ ۾ نوجوان ڪنهن جي ايجندا تي آهن، ڪڏهن ڪنهن اسيمبلي سينيٽ ۾ اسان جي يوٿ اسان جي نوجوانن جي باري ۾ هڪ تقرير ڪئي آهي؟

ڪڏهن ڪنهن سينيٽر وزير نوجوانن کي مفت ۾ هزارين لکين ڪتاب لائبريريون ڏنيون آهن، ڪڏهن به نه بلڪه تعليم، نوجوان انهن بابت ڳالهيون، رانديون وغيره اسان جي سرمائيدار حڪومت جي ايجندا تي ئي ڪونه آهن. اهڙي گهٽ واري ماحول ۾ نوجوان راهه فرار نه وٺن ته ٻيو ڇا ڪن؟ انهن سان ڪڏهن اسان سڌي منهن ڳالهه ڪئي آهي؟ يا انهن جي ڳالهين کي سڌي منهن ويهي ٻڌو آهي؟ صرف ۽ صرف پنهنجي مرضي انهن جي مٿان مڙهي آهي. ائين ته ٿيندو به ڪونه آهي جو ريل جي ڊرائيور جو پٽ ريل جو ڊرائيور ئي ٿئي ان جي من ۾ ڇا آهي، ان جي اندر کي کولڻ جي ان کي ويجهو ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر هن بدترين بحراني حالتن ۾ ڪير ويٺو آهي، جيڪو نوجوانن جي ڳالهين کي ٻڌندو؟ انهن جي سوالن کي حل ڪندو؟

شايد اسان سڀئي! شايد اسان مان ڪوبه نه؟ گهر پاڙي گهٽي، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۾ نوجوانن کي ۽ انهن کان ٿوري گهڻي عمر جي وڏن کي پاڻ کي هڪ دفعو ٻيهر هڪٻئي سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي. هي جيڪو رابطي جو خال آهي اهو ئي پيڙهين جو خال Generation Gap جو ڪارڻ ٿئي ٿو، ان کي ختم ڪرڻو آهي. وڏن کي پنهنجي ڪوڙي انا ختم ڪرڻي آهي ۽ نوجوانن کي پنهنجي جذبات کي هڪ پاسي رکي پهرئين وڏن جي ڳالهه ٻڌڻي ۽ پوءِ پنهنجي ٻڌائڻي آهي Dialogue جو ماحول جوڙڻو آهي، آهستي آهستي بهتري اچي ويندي، موبائيل کي ڦٽو نٿو ڪري سگهجي ان مان غير پيداواري سوشل ميڊيا ۽ ٻين شين مان جان ڇڏائڻي آهي، اجاين موبائيل گيمز مان پاڻ کي ڪڍڻو آهي، فطرت سان دوستي ڪرڻي آهي، وڻ ٽڻ پکي پرند، جاندار هي سڀ اسان جا ڏور جا مائٽDistant Relatives  پڙهيل اڻ پڙهيل دوستن سان ڪچهريون ڪرڻيون آهن، سنڌي، اردو، انگريزي اخبار جي پڙهڻ جي رجحان کي وڌائڻو آهي، بحث مباحثا ڪرڻا آهن، ڪتابن جي فهرست تيار ڪري ان ۾ ڪهاڻيون، ناول، جيون ڪٿائون، اتساهيندڙ ڪتاب سڀ شامل ڪرڻا آهن، آهستي آهستي پاڻ کي مطالعي طرف وٺي اچڻو آهي، پڙهڻ وڏي ڳالهه آهي، پڙهڻ جادوگري آهي، هڪ دفعو پڙهڻ جو جادو چڙهي ويو ته بس پوءِ اوهان کي ڪنهن به مينٽورMentor  جي ضرورت ڪونه آهي شاندار ۽ معياري ڪتاب پڙهڻ جي ضرورت آهي.

اسان وٽ سائنس کي ڏکيو علم سمجهي ان مان هٿ ڪڍيو ويندو آهي، بلڪه سڀ شيون ايجادون انهن ئي ڪيون آهن، جيڪي اسڪول ئي ڪونه ويا بلڪه ڪن مجبورين تحت ائين ئي امتحان ڏنائون. سائنسي منطقي ادراڪ وارا فڪري ڪتاب پڙهڻ جي ضرورت آهي. پنهنجو اسٽڊي سرڪل پنهنجو اسٽڊي پلان/رٿا تيار ڪيو ۽ پنهنجي سولائي سان انهيءَ مطابق هلو ڏسو ته سهي ڪيئن ٿي تبديلي اچي. ننڍڙا ننڍڙا فورم ٺاهيو ڪهاڻيون، ناول، ڪٿائون سڀ توهان کي سياست جي پيچري تي وٺي وينديون جڏهن ذهن مضبوط ٿي وڃي تڏهن سياسي ۽ ذهني ڇيد وارا ڪتاب پڙهو. پنهنجي شخصيت کي جاذب نظر بڻايو. وقت تي سمهو، وقت تي اٿو، کائو پيئو، ها ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ ڦيرو اچي ٿو ته ان ۾ ڪا برائي نه آهي، امتحان ۾ فيل ٿيڻ گهٽ مارڪون اچڻ يا فلاڻي يونيورسٽي ۾ داخلا نه ٿيڻ جي رنج ۾ ڳوڙها نه ڳاڙيو، دنيا پئي آهي ڪجهه ختم ڪونه ٿيو، ڪڏهن ڪڏهن هزارين ڪوششون ناڪام ٿي وينديون آهن، پوءِ به ماڻهو همت نه هاريندا آهن، بهادر ٿيو، توهان ڇا ٿا سمجهو هي خلا ۾ ويندڙ ماڻهو بس ائين صبح جو ٽڪيٽ وٺي ناسا ۾ وڃي پهتا. انهن وڏا امتحان ڏنا، وڏيون مشڪون ڪيون، نوجوانو پنهنجا ذهن مضبوط ڪريو ڇا به ٿي پئي زمانه بدلجن زمينون بدلجن جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اوهين ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪابه طاقت اوهان کي ان حاصلات کان روڪي نٿي سگهي. يقين رکو پنهنجي صلاحيت تي پنهنجا هيرو پاڻ ٿيو پراڻن فرسوده هيروز مان جان ڇڏايو. هميشه معياري ماڻهو جي چونڊ ڪريو طرز زندگي ۾Career  ۾ تمام گهڻا محتاط ٿيو. هونئن ته اسان جي ملڪ ۾ ڪو ايترو ڪيريئر طرف ڌيان ڪونه ڏبو آهي خاص ڪري مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس لاءِ اپر ڪلاس ته هونئن ئي سئو سالن جي رٿا ۾ جيئندا آهن، پر پوءِ به توهان اها هنري علمي شعبا کڻي سگهو ٿا جيڪي اوهان جي ذهنن کي سيراب ڪن.

سمهڻ کان هڪ ڪلاڪ پهرين ۽ اٿڻ کان هڪ ڪلاڪ بعد موبائيل هٿ  ۾ کڻو وڏن سان ڪچهري دوران ۽ کاڌي کائڻ مهل، موبائيل کان پاسو ڪريو. پنهنجي ٻولي ۾ نرمي، شائستگي ۽ مٺاس آڻيو، مائٽن کي گهرجي ته هو نوجوانن جا دوست ٿين، هنن سان هر ڳالهه سلڻ ۽ انهن جي هر ڳالهه ٻڌڻ ۽ ان جو مثبت فيڊ بيڪ ڏين. پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ذريعي ذريعا مسئلا حل ڪرڻ جو حسن اختيار ڪري ڏسو بهتري اچي ٿي يا نه؟ ٽي سال، ٽي مهينا، ٽي ڏينهن اڪيلا رهڻ جي مشق ڪري ڏسو، ڪنهن به ماڻهو کي ان جي عهدي ان جي دولت سان نه ماپيو، ان جي علم ۽ ان ۾ موجود اخلاقي پيماني کي نظر ۾ رکو، باصلاحيت نوجوان ڪنهن به ڪٽنب قوم لاءِ اثاثو ٿين ٿا. سنڌ جو شعور اڃان سنڍ ڪونهي ٿيو، جن توهان تي وبائون آنديون جن توهان تي ٻوڏون آنديون، انهن کي وساري نه ڇڏجو، پر انهن کي پنهنجي علم سان جواب ڏيڻو آهي. انسان ڪڏهن ڪڏهن ٿڪجي به پئي ٿو، پر ڪوشش ڪري ٿڪ صرف ڪاميابي ۽ ٻئي جي ڀلي کانپوءِ ئي ڀڃڻ گهرجي. سنڌ جو نوجوان اهو ڪجهه ڪري سگهي ٿو جيڪو ڪنهن به ملڪ جو نوجوان ڪري سگهي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته توهان اسان ان نوجوان جي راهه ۾ رنڊڪ ٿي نه بيهون ان کي همت ۽ حوصلي لاءِ همٿايون. ٻيو وڏو مسئلو نفسياتي آهي اسان جا نوجوان نئين ماڻهو کي ڏسن ٿا انهن کيAnxiety  يا ڳاراڻو شروع ٿيو وڃي ڪوشش ڪري انهي ڊس آرڊر مان جان ڇڏايو.

ڪجهه ڪونه آهي ڪنڌ مٿي ڪري سڌا ٿي هٿ ملايو، ڳالهايو، اکيون اکين ۾ ملائي هڪ بردبار بهادر ماڻهو جيان ڳالهايو، وڏي اعتماد سان دنيا جي مسئلن تي نظر رکو، دنيا جي سماجي اٿل پٿل کي جاچيو، نشو زهر قاتل آهي ان کان پڙهيز ڪريو. هر نشي آور سرگرميءَ کان پاسيرا ٿيو. علمي ادبي روشن خيالي ڪتاب ماڻهن جي رهنمائي سنڌ ۽ لطيف جي ويجهڙائي اسان جي نوجوان کي دنيا جو هڪ عظيم ماڻهو بڻائي سگهي ٿي. اچو ته سنڌ لاءِ نئون ڪيمياگر بڻجون، نوجوانو منهنجو سڏ ورنائيندوَ؟

***