قومي سلامتي: سياست جي اولين ترجيح
(قومي سلامتي جو مقصد رڳو قوم جي بقا نه آهي، پر ان جي آدرشن جي بقا پڻ آهي: جان ايف. ڪينيڊي)
شروعات:
قومي سلامتي هر ملڪ جي سياسي ايجنڊا آهي. گهڻو ڪري قومي سلامتيءَ کي فوج جي نسبت سان ڏٺو ويندو آهي. اِهو خيال جيڪو ماضيءَ ۾ ته صحيح هو، پر هاڻي ان جي وصف وسيع ٿيندي وڃي ٿي. پهرين قومي سلامتي سرحدن جي حفاظت لاءِ سوچيو ويندو هو، پر هاڻي ان ۾ مختلف شعبن جي سلامتي کي به شامل ڪيو وڃي ٿو. آڳاٽي دور ۾ پنھنجي ملڪ جو بچاءُ ۽ ان جي اندر نظم و ضبط قائم ڪرڻ کي قومي سلامتي چئبو ھو. ان سلامتيءَ کي قائم رکڻ لاءِ پراڻي وقت ۾ بادشاھن ٻين بادشاھن سان مٽيون مائٽيون ڪيون ۽ اتحاد جوڙيا ته جيئن ان جا پاڙيسري ملڪ دشمن نه، پر دوست هجن. مثال طور؛ نيپولين ميري لوئيس سان شادي ڪري آسٽريا ملڪ سان اتحاد کي مضبوط ڪيو ۽ نادر شاھ افشار پنهنجي سلطنت اندر بغاوت کي ختم ڪرڻ يا اتحاد جوڙڻ لاءِ مختلف قبيلن جي عورتن سان شاديون ڪيون. جيئن جيئن دنيا جي آبادي وڌي نوان مذهب نروار ٿيا تيئن تيئن ڪيترن ملڪن والار جي پاليسي اختيار ڪري ٻين ملڪن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. يورپ ۾ جڏهن مذهب جي بنياد تي جنگيون شروع ٿيون ته گهڻو ڪري هر ملڪ جي سلامتي خطري ۾ پئجي وئي، آخر 30 سالن جي مذهبي جنگ (1618-1648) جنهن ۾ ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽس ملڪ شامل هئا ۽ ان ۾ تقريبن 10-12 ملين (يعني 1 ڪروڙ کان 1.2 ڪروڙ) ماڻهو مارجي ويا ته ان وقت يورپ جا سياسي بردبار حڪمران جنگين کان تنگ 24 آڪٽوبر 1648 تي پيس آف ويسٽفيليا(Peace of Westphalia) جي امن جو معاهدو ڪيو، جنهن ۾ قومي رياست جو تصور اڀريو. ان معاهدي ۾ طئي ڪيو ويو ته قومي رياست جي سرحدن جو احترام ڪيو ويندو ۽ هڪڙو ملڪ ٻئي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪندو. اُهي طئي ٿيل اصول اقوامِ متحده جي چارٽر ۾ به شامل ڪيا ويا. پهرين جنگ عظيم ۾ اٽڪل 1.5 ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ اٽڪل 4 ڪروڙ 7.5 ڪروڙ ماڻهو ماريا ويا. ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ قومي سلامتي هر هڪ ملڪ جي سياست جي اولين ترجيح بڻجي وئي.SIPRI سپري (Stockholm International Peace Research Institute-SIPRI) جي مطابق، سڀني ملڪن جي قومي سلامتي جي بجيٽ 2001 ۾ 839 بلين ڊالر هئي، جيڪا 2024 ۾ وڌي 2,460 بلين ڊالر ٿي وئي.
قومي سلامتيءَ لاءِ حڪمت عملي:
مختلف سياسي اڳواڻن ۽ عالمن قومي سلامتيءَ جي مختلف وضاحت ڏني آهي. مثال طور: جان ايف ڪينيڊي ۽ براڪ اوباما جي چوڻ مطابق، حقيقي قومي سلامتي نه صرف سرحدن جي حفاظت آهي، پر انساني قدرن کي به سلامت رکڻو آهي. مثال؛ آزادي، انساني حق ۽ انصاف. جڳ مشهور بين الاقوامي ماهر هينري ڪسينجر مطابق، قومي سلامتي نه صرف فوجي دفاع جو معاملو آهي، پر ان کي سياسي، اخلاقي ۽ قانوني هجڻ به ضروري آهي. نوبيل انعام يافته امرتياسين جي چوڻ مطابق، سلامتي جي معنى آهي خوف، بک ۽ ناانصافي کان آزادي. آمريڪا جي عوامي دانشور نوم چومسڪيءَ مطابق، قومي سلامتي جي معنى اها آهي ته “عوام نه فقط ٻاهرين خطرن کان محفوظ هجي، پر اهو غربت، ناانصافي ۽ اڻبرابريءَ کان به محفوظ هجي.”
قومي سلامتيءَ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت، رياست ۽ ان جا شهري ٻاهرين خطرن ۽ دهشتگردي کان ته محفوظ هجن، پر ان سان گڏوگڏ معاشي سلامتي، توانائي سلامتي، ماحولياتي سلامتي، کاڌي جي سلامتي، سائيبر سلامتي ۽ ٻيا شعبا به شامل هئڻ گهرجن. جهڙوڪ؛ نشو، رٿيل ڏوھ ۽ قدرتي آفتن کان ماڻهو محفوظ هجن. قومي سلامتيءَ کي محفوظ رکڻ لاءِ مختلف ملڪ پنهنجي حڪمتِ عملي ٺاهيندا آهن، جيڪا رهنمائي طور ظاهر ڪئي ويندي آهي، پر ان جا تفصيل مڪمل رياستي رازداري ۾ محفوظ هوندا آهن. مثلن؛ يوڪرين جي سلامتيءَ لاءِ هي لفظ چيا ويندا، خود اختياري، علاقائي سالميت، قومي سلامتي، دفاع، آزادي، مزاحمت، امن ۽ استحڪام وغيره. قومي سلامتيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ هر ملڪ پنهنجا خاص ادارا ٺاهيندو آهي. دفاع جنهن ۾ (فوج، نيوي، ايئرفورس)، معلومات گڏ ڪرڻ ۽ هٿيارن جي پيداوار جي ادارن کي گڏ ڪري هڪ قومي سلامتي ڪائونسل جوڙي ويندي آهي، جنهن جي سربراھ کي گهڻو ڪري قومي سلامتي جو صلاحڪار چيو ويندو آهي جيڪو ملڪ جي صدر يا وزيرِاعظم جي ماتحت ڪم ڪندو آهي.
قومي طاقت:
قومي سلامتي صرف هڪ نظام ناهي، پر ان ۾ مختلف نظام گڏجي قومي طاقت پيدا ڪن ٿا. قومي طاقت ۾ هي حصا(Components) اچي وڃن ٿا؛ 1. فوج (آرمي، نيوي، ايئرفورس) ۽ حساس معلومات گڏ ڪرڻ. 2. اقتصادي ترقي. 3. سياسي مضبوطي. 4. ملڪي امن امان. 5. سفارتڪاري. 6. پاڻي. 7. توانائي. 8. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي. 9. قدرتي وسيلا. 10. طبعي انفرااسٽرڪچر (روڊ، پليون، بجلي گهر ۽ خاص جڳهيون وغيره). 11. موسمي تبديليءَ کان بچاءُ. 12. سائيبر سلامتي (انٽرنيٽ، سافٽ ويئر ۽ فني نظام) ۽ 13. خلائي سلامتي.
هنن حصن مان هر حصي جي پنهنجي اهميت آهي ۽ ان جي ڪمزوري قومي سلامتي جي سموري نظام کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي. ايران جي محقق سيد حادي زرغاني قومي طاقت تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، هُن پنهنجي ڪتاب(Measurement of National Power) ۾ تفصيل سان واضح ڪيو آهي ته قومي طاقت ڇا هوندي آهي. قومي سلامتي معاشي ترقيءَ سان سڌو سنئون لاڳاپو رکي ٿي. مثال: فرانس جي سالياني جي ڊي پي 2024 ۾ 4,416 بلين ڊالر هئي، جڏهن ته بنگلاديش جي سالياني پيداوار صرف 461 بلين ڊالر هئي. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فرانس جي قومي طاقت بنگلاديش جي نسبت تمام وڏي طاقتور آهي.
قومي سلامتي لاءِ خطرا:
جنگ جي صورت ۾ يا جنگ کان پهريائين هميشه دشمن ملڪ يا ملڪن کان خطرا ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته قومي سلامتيءَ لاءِ خطرن جو هڪڙو نقشو ٺاهجي جنهن لاءِ حڪومت مستقل طور انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهي. تحقيق ۽ اڀياس ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته ملڪن ۾ هيٺيان خطرا ٿي سگهن ٿا؛
فوجي خطرا، (دشمن ملڪن طرفان حملا، ملڪي سرحدن جي ڀڃڪڙي ۽ جنگي ماحول).
دهشتگردي، (انتهاپسندن جون ڪارروايون جنهن ۾، بم ڌماڪا، خودڪش حملا ۽ ٻين سرگرمين ذريعي ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪرڻ).
سائبر خطرا، (ڪمپيوٽر سسٽم، ڊيٽا يا سرڪاري ادارن جي سافٽ ويئر تي هيڪرن جا حملا ۽ آن لائين جاسوسي ڪرڻ جو ڦهلاءُ).
معاشي خطرا، (معاشي تنزلي، بيروزگاري، غربت، مهانگائي ۽ ڪرپشن).
سياسي ۽ سماجي خطرا، (حڪومت جو عدم استحڪام، بغاوت، سازشون يا غير ملڪي سياسي مداخلت، فرقيواريت، نسلي تڪرار يا مذهبي جنونيت).
ماحولياتي خطرا، (قدرتي آفتون جنهن ۾ زلزلا، ٻوڏون، برساتون، طوفان ۽ پاڻي جي کوٽ).
صحت جا خطرا، (موتمار وبائون جهڙوڪ؛ ڪووڊ-19).
هنن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سلامتيءَ جي ادارن کي مضبوط ڪري ۽ سياسي ۽ معاشي نظام کي بهتر بڻائي منهن ڏئي سگهجي ٿو.
قومي سلامتي تي تنقيد:
تجربو ۽ تحقيق ٻڌائي ٿي ته قومي سلامتي جتي تمام ضروري آهي اُتي ان جي نالي ۾ ڪنهن به ملڪ جي شهرين سان زيادتي ٿي سگهي ٿي. ان جا ڪيترائي مثال موجود آهن. جهڙوڪ؛ اتر ڪوريا، ترڪمانستان، بادشاهتون، آمراڻيون حڪومتون ۽ هائبرڊ جمهوريتون، انساني حقن جي ڪمزوري، فوجي خرچن ۾ وڌا، تعليم، صحت ۽ شهرين جي ٻين بنيادي ضرورتن کي نظرانداز ڪرڻ قومي سلامتيءَ جو نالو استعمال ڪري سياسي مخالفن سان زيادتيون ڪرڻ ۽ انهن کي سياست مان خارج ڪرڻ، قانون کان مٿانهون ٿي قتل، ٽارچر ۽ ٻيا ڪيس ڪرڻ ۽ مخالفن کي نقصان پهچائڻ آهي. ان سان گڏ قومي سلامتي جي نالي تي اقليتن يا مخصوص قومن سان زيادتيون ڪرڻ، ملڪ ۾ خوف جو ماحول پيدا ڪري حڪومتي ڌر پنهنجي حڪمراني مضبوط ڪري ٿي. ان سان گڏوگڏ جمهوريت کي ڪمزور ڪري سياسي هڪ هٽي قائم ڪري ٿي، جتي قومي سلامتي وڌائي پيش ڪري عوام جي ٽيڪسن کي شهرين جي ڀلائي تي خرچ ڪرڻ بجاءِ هٿيار، فوجي قوتون وڌائڻ ۽ غير ضروري فوجي خرچ وڌايو ويندو آهي ۽ ايئن ان ۾ سياسي سلامتي جي نالي ۾ مڪمل طور جمهوريت سياست، انساني حق، انصاف ۽ شهرين کي ڏهڪاءُ هيٺ رکيو ويندو آهي. ان جا ڪيترائي مثال ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا ۽ يورپ ۾ موجود آهن ۽ خاص ڪري جتي جتي هائبرڊ جمهوريت يا سياسي نظام موجود آهي اُتي قومي سلامتيءَ جي خطري کي ناجائز طور استعمال ڪري ملڪ ۾ خاص طبقا پنهنجي آمريت جو نظام قائم ڪن ٿا. ضروري آهي ته جتي قومي سلامتي جون جائز گهرجون پوريون ڪجن اُتي قومي سلامتي جمهوري نظام جي تابع هجي، نه ته ٻي صورت ۾ هائبرڊ يا آمراڻو سياسي نظام قائم ٿيندو آهي.
اسان کي ياد هوندو ته آمريڪا ۾ 11 سيپٽمبر 2001 ۾World Trade Centre تي جيڪو دهشتگرد حملو ٿيو ان ۾ تقريبن 2,977 ماڻهو مارجي ويا، ان جي ردِ عمل ۾ آمريڪا خاص قانون ٺاهي قومي سلامتي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ 26 آڪٽوبر 2001 ۾ اهم قانونUSA PATRIOT ACT منظور ڪيو ويو، جنهن سان آمريڪا جي حڪومت کي وڌيڪ اختيار مليا، ان ۾ ٽيليفون، اي ميل، بينڪ رڪارڊ ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي شهرين جي سرگرمين تي نظر رکي وڃي ٿي، شڪي ماڻهن کي وقت کان اڳ بنا ڪنهن ڏوھ جي گرفتار ڪري سگهجي ٿو ۽ غير ملڪي رهواسي جن تي حڪومت جو شڪ هجي انهن کي بيدخل ڪرڻ جهڙا قانون شامل آهن. آمريڪا جو ٻيو مثال جڏهن جاپان 7 ڊسمبر 1941 ۾ آمريڪا جي بحري اڏي پرل هاربر(Pearl Harbor) تي حملو ڪيو ته آمريڪا جاپاني نسل وارن شهرين کي جيل ۾ بند ڪيو. اهڙا ساڳيا مثال مختلف ملڪن ۾ موجود آهن، جيڪي جنگ جي خطري جي موجودگيءَ ۾ انهن پنهنجي قومي سلامتي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ قانون ٺاهيا ان ڪري جمهوري حڪومت لاءِ لازمي آهي ته قومي سلامتيءَ جي نالي ۾ شهرين جي بنيادي انساني حقن جي لتاڙ کان پاسو ڪري.
ٽيڪنالاجي ۽ قومي سلامتي:
جڏهن کان انسان ۾ شعور جي شروعات ٿي آهي ته پاڻ کي بچائڻ لاءِ هن ٽيڪنالاجي جو سهارو ورتو، جنهن ۾ پٿر، پٿرن جا اوزار، تير، تلوارون ۽ باھ جي ايجاد کانپوءِ باھ وارا ھٿيار جنھن کي(Primitive Technology) ابتدائي ٽيڪنالاجي چيو وڃي ٿو ۽ ائين ئي ٽيڪنالاجيءَ ۾ واڌاري سان جنگين جي سائنس جي ٽيڪنالاجي ۾ تبديل ٿيندي رهي ۽ اڄ 21 هين صدي هلي رهي آهي ۽ ان ۾ جيڪا مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجي جنم ورتو آهي اها انساني سماج جي هر شعبي ۾ تبديلي آڻي رهي آهي، پر قومي سلامتيءَ جي شعبي ۾ اڃا تيزيءَ سان واڌارو ڪري رهي آهي. مثال طور؛ هوائي جهاز، پاڻيءَ جا جهاز، ائٽمي هٿيار، ميزائل ۽ ليزر هٿيار، نينو (باريڪ) ٽيڪنالاجي جي بنياد تي روبوٽ، ڊرون، سائبر حملا، رِموٽ ڪنٽرول ۽ خلائي هٿيار اچي وڃن ٿا. هاڻي مصنوعي ذهانت جي شروعات آهي ۽ اها تيزيءَ سان تبديل ٿيندي رهي ٿي، وڏيون ۽ مقامي طاقتون ۽ شاهوڪار ملڪ ته پنهنجي معاشي ترقي جي بنياد تي تيزيءَ سان دفاع ۽ لاڳاپيل ادارن ۾ تبديلي آڻي پاڻ کي چٽاڀيٽيءَ جي اڳئين صف ۾ بيهاري بيٺا آهن، پر غريب ملڪ جنهن جي معاشي ترقي ڪمزور آهي. يقينن اُهي پوئتي رهجي ويا آهن ۽ انهن جي قومي سلامتي يا قومي طاقت وڌيڪ ڪمزور ٿي رهي آهي.
پڄاڻي:


(قومي سلامتي جو مقصد رڳو قوم جي بقا نه آهي، پر ان جي آدرشن جي بقا پڻ آهي: جان ايف. ڪينيڊي)