مون سون جي هوائن ۽ مينهن جو هڪ سلسلو آهي، اهو ڏکڻ ايشيا، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ اوڀر ايشيا ۾ اونهاري ۾ مينهن جو سبب بڻجندو آهي. اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ آفريڪا جي اوڀر ساحل جي ڀر ۾ خط استوا جي ويجهو هندي سمنڊ تي گرمي جي ڪري آبي بخارات جو عمل ٿيندو آهي. اهي آبي بخارات ڪڪرن جي صورت اختيار ڪندا رهندا آهن. پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين ۽ مون سون جي جاري برساتن ۽ طوفانن سبب سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ برساتي ٻوڏن، طوفانن ۽ تيز هوائن نه صرف پنجاب، پر سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. مون سون جي برساتن ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو فوت ٿين ٿا ۽ عوامي ملڪيتن جي نقصان ٿيڻ جا اطلاع به موصول ٿي رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ سوين ماڻهو زخمي ۽ لاتعداد ماڻهو بي گهر ٿيڻ جي به تصديق ٿي چڪي آهي.
جڏهن ته خيبر پختونخواهه ۾ به مون سون جي برساتن ۾ به تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. سياحتي مقامات سوات، ڪالام، ناران، ڪاغان ۽ مري ۾ به تفريح لاءِ ايندڙ ڪيترن خاندانن جي جاني ۽ مالي نقصانن بابت خبر پئي آهي. خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ مون سون جي برساتن سبب فوتين جو انگ وڌنڌو پيو وڃي، اهڙيءَ ريت ملڪ جي ٻين صوبن خاص طور سنڌ ۽ پنجاب ۾ به فوتين جو انگ روزانو وڌي رهيو آهي. موسمياتي ادارن ۽ ملڪي اختيارين ايندڙ ڪجھه ڏينهن اڃان وڌيڪ مون سون جي برساتن جي تصديق ڪئي آهي. جيئن ئي ڪارا ڪڪر آسمان تي نظر اچن ٿا ويتر مسڪين ماروئڙن جون ننڊون حرام ٿي وڃن ٿيون، تيز برساتن جي سلسلي ملڪي مواصلاتي نظام جو به راز فاش ڪري ڇڏيو آهي. هن مون سون جي وسڪاري اسلام آباد، راولپنڊي، چڪوال، لاهور، فيصل آباد، ڪراچي، حيدرآباد، دادو، گهوٽڪي، ڄامشورو، سيوهڻ، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، خيرپورميرس، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن سميت ملڪ جي وڏن وڏن شهرن جي مواصلاتي نظام جا ترقياتي راز کولي ڇڏيا آهن.
پاڪستان ۾ شهري ڊرينيج لاءِ رکيل بجيٽ جو جائز خرچ نه ٿيڻ ۽ وقت کان اڳ مون سون جي تيارين نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ عوام جو جاني مالي نقصان ٿي رهيو آهي. بروقت قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ رکيل بجيٽ هڙپ ڪندڙ آفيسرن ۽ ذميوارن خلاف ڪابه قانوني ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري اسان جو ملڪ ننڍين ننڍين برساتن کي به منهن نٿو ڏئي سگهي. جڏهن ته آسمان تي کنوڻن جا خوفناڪ چمڪاٽ شهرن ۾ لائٽنگ اريسٽر سسٽم نه هئڻ ڪري کنوڻن جي بجلي ڪرڻ سبب ڪيترائي انسان اجل جو شڪار بڻجي وڃن ٿا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مون سون جي برسات افسوسناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي. پنجاب ۾ گهٽ گهٽ 250 ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جي به تصديق ٿي چڪي آهي.
راولپنڊي کان راڄڻپور ۽ ڪراچي کان ڪشمور تائين مون سون جي وسڪاري سبب افراتفري پکڙيل آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب جون جي آخر کان وٺي مون سون سان لاڳاپيل واقعن ۾ ملڪ گير فوتگين جو انگ 111 ٿي ويو آهي، جن ۾ تقريبن گهڻائي ٻارن، عورتن ۽ ٻڍڙن جي آهي. برسات جي تيز طوفان ملڪ جي ڪيترن ئي حصن کي بي رحم طاقت سان متاثر ڪيو آهي ۽ جنهن سان انفرااسٽرڪچر مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي، هيٺانهين وارا علائقا پاڻي سان ڀريل هئڻ ڪري ڪچين آبادين ۾ رهندڙ ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي. تيز طوفاني برساتن بجلي جا گرڊ اسٽيشن ۽ هٿرادو ڊيم ٽوڙي ڇڏيا آهن جنهن سبب بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. تيز برسات پوڻ ڪري ڪچن گهرن جون ڇتيون ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهون فوت ٿيڻ جي به تصديق ٿي چڪي آهي، حڪومت پاڪستان هنگامي طور ايمرجنسي جو اعلان ڪندي پوري ملڪ ۾ آرمي کي طلب ڪري ورتو آهي. اهڙيءَ ريت وزيراعظم ۽ چئني صوبن جي اعليٰ وزيرن برساتي ايمرجنسيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپيشل ميڊيڪل اسٽاف جون ٽيمون تشڪيل ڏئي برسات سٽيل علائقن لاءِ روانيون ڪري ڇڏيون آهن. پنجاب جي گهڻن علائقن بشمول اسلام آباد، راولپنڊي، چڪوال ۽ لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان آرمي جي جوانن هيليڪاپٽر جي مدد سان برسات جي گهڻي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي تاريخ جي تمام گھڻي برسات ملڪي سسٽم کي نست نابود ڪري ڇڏيو آهي.
اين ڊي ايم اي جهڙا ادارا جن جو ڪم اهو آهي ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ بروقت انتظام ڪن، پر هن برسات ۾ اين ڊي ايم اي جو خاطر خواھ ڪو ڪردار نظر نٿو اچي، اڃان به مون سون جي برساتن جي پيشنگوئي ڪئي پئي وڃي. هن سال موسمياتي تبديلين ترقي يافتا ملڪن جو سسٽم به ويهاري ڇڏيو آهي، موسمياتي تبديلين جي زد ۾ ايندڙ ملڪن ۾ پاڪستان به شامل آهي. تازين برساتن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ جا امڪان وڌي رهيا آهن. اگر ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي ته ملڪ تباهه ٿي سگهي ٿو اڳي ئي ملڪ ۾ غربت، بک بدحالي واري صورتحال ڪر کنيو بيٺي آهي. مسڪين ماروئڙن جي دردن ۾ اضافو ڪندڙ مون سون جي برسات به ظالم حڪمرانن وانگي بي رحم بڻجي تيزي سان وسي رهي آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي حڪومتن کي وقت کان اڳ اهڙين ٻوڏ آڻيندڙ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا بندوبست پورا ڪرڻ گهرجن ۽ انفرااسٽرڪچر ۾ جن تبديلين جي ضرورت آهي اهي تبديليون آنديون وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ پاڻيءَ جو نيڪال هڪ نظام تحت ٿي سگهي ۽ غريب عوام ٻڏڻ کان بچي سگهي.