سنڌي شاعري جي وڏي نانءُ نارائڻ شيام جي شهر نوشهرفيروز ۾ 12 آڪٽوبر 1939 تي سنڌي ڪهاڻي جي هڪ وڏي نانءُ سائين حميد سنڌي جنم ورتو. ماحول جو اثر هر ماڻهو تي پوي ٿو جنهن کي به ڏات ورثي ۾ ملي ٿي اهو پنهنجي ڏانءُ آهر ان ڏات جا رنگ وکيرڻ لاءِ پنهنجي اظهار جي واٽ ڳولهي لهي ٿو. اڄ آئون جنم ڏينهن جي مبارڪ طور ٻه لفظ جنهن عالم، فاضل، اديب لاءِ لکڻ جي جسارت ڪري رهيو آهيان اهو سنڌي ادب جي افق تي چمڪندڙ هڪ روشن چنڊ وانگر آهي. مان اهو به ڄاڻان ٿو ته منهنجا هي ٻه اکر سج کي ڏيئي ڏيکارڻ وانگر هوندا، پر هن جي ٻاجهه ڀري شفيق طبيعت ۽ محبت ڀريي مزاج دل هٿان مجبور ڪري وڌو آهي ته هن سهڻي سائين تي ٻه اکر لکي يوسف جي خريدارن ۾ پنهنجو نالو ڳڻايان. سندس سالگره جي ڏينهن تي خوشي به محسوس ڪري رهيو آهيان ته حميد سنڌي جهڙي شخص تي لکي رهيو آهيان، مونکي سائين حميد سنڌي سدائين ڳڻن ۽ خوبين جو گلدستو ئي لڳو آهي. سدائين سندس صبح جهڙي اُجري مُک تي معصوم ٻار جهڙي مرڪ ۾ سنڌي ڪهاڻي جو روشن مستقبل جهلڪا پيو ڏيندو آهي، سائين حميد سنڌي جي اها خوش بختي آهي جو سندس والد سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ فارسي (جيڪا اُن وقت اظهار جي وڏي زبان هئي ۽ مشهور هوندو هو ته فارسي گهوڙي چاڙهسي) جو ماهر ۽ علم ادب جو پارکو هو، تنهنڪري کيس ننڍپڻ کان ئي ڪتابن جي گلابن جو هُڳاءُ نصيب ٿيو. پڙهڻ لکڻ جي ان پرورشي پيار کيس علم ادب ڏانهن لاڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس زندگي هڪ اهڙي انڊلٺ آهي جنهن جا سڀئي رنگ نه رڳو منفرد، پر خوبصورت به آهن. سڀني رنگن ۾ هڪ ڪهاڻيڪار وارو رنگ گهرو ۽ نمايان ضرور آهي. سو به ان ڪري جو سائين هن ديس ۽ ديس جي مٽي سان Committed ڪهاڻيڪار آهي، پر سائين جي گلدستي جهڙي شخصيت جا ٻيا گُل به ڏاڍا وڻندڙ ۽ سڀاويڪ آهن.
سندس لکيل پهرين ڪهاڻي (ڪارو رت) ٽه ماهي مهراڻ ۾ ڇپي ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ سندس پهريون ڪهاڻي جو ڪتاب (سيمي) 1958 ۾ زندگي پبليڪيشن طرفان ڇپيو، ائين سنڌ جي اهم ڪهاڻيڪارن جي لسٽ ۾ سندس نانءُ جرڪڻ لڳو. سندس ڪهاڻيون اسان جي ارد گرد جي ماحول جون عڪاس آهن، سندس ڪهاڻين جا ڪردار هن سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن، سندس ڪهاڻين جي خوبي اها به آهي ته هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ نه رڳو پنهنجي پهاڪن، اصطلاحن ۽ لوڪ چوڻين (Folkwisdom) کي ڪم آندو آهي، پر پنهنجا ٺيٺ سنڌي لفظ جيڪي هروڀرو عام استعمال نه ٿيڻ ڪري ميسارجي يا وسارجي وڃن ها تن لفظن کي ڄاڻي واڻي پنهنجي ڪهاڻين ۾ آڻي سنڌي ٻولي کي محفوظ ڪرڻ جي هڪ شعوري ڪوشش به ڪئي آهي، سندس ڪهاڻين ۾ سنڌ جي ثقافت، تهذيب، تاريخ سمايل آهي سنڌ جي سونهن ۽ سڳنڌ سندس ڪهاڻين ۾ نمايان نظر ايندي آهي، سندس اوجاڳن جي ثمر ۽ هن روشني جي سفر جي هڪ جهلڪ هيئن به ڏسي سگهو ٿا: (1) سيمي، (2) اداس واديون (3) راڻا جي رجپوت (4) ويريون (5) جاڳ به تنهنجي جيءُ سان (6) درد وندي جو ديس (7) سو مون سڀ ڄمار. (سوکي ڌرتي) جي نالي سان سندس ڪهاڻين جو ترجمو پڻ هڪ ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي.
سندس ترجمو ڪيل جاپاني ڪهاڻين جو ڳٽڪو (سوني زنجير) پڻ ڇپيل آهي. سچل سرمست جي فن ۽ فڪر تي سندس مقالن جو مجموعو (آري اچين شال) به ڇپيل آهي. ان کان علاوه ڪيترائي مضمون، تاثر، ڪالم ۽ ايڊيٽوريل نوٽ سندس تخليقي پورهئي جو ڦل آهي. دعا آهي ته سندس قلم جو عَلم سدائين بلند رهي.