نئون

ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي بجلي ۽ هائيڊروجن گيسن ۾ بدلائڻ وارو انقلابي نظام تيار

عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته موجوده صدي جي پڄاڻي تائين نه رڳو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي پکڙجڻ کي گهٽايو وڃي پر ماحول ۾ موجود ڪاربان ڊاءِ آڪيسائيڊ کي ختم ڪرڻ به ضروري آهي. آمريڪا جي جارجيا ٽيڪ ۽ السن انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ماهرن ملي ڪري هڪ اهڙو نظام ايجاد ڪري ورتو آهي جيڪو ماحول ۾ موجود ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪري ان مان بجلي به ٺاهي سگهي ٿو ۽ ان ۾ موجود هائيڊروجن مان ٻارڻ پڻ تيار ڪري سگهي ٿو. ان نظام کي Hybred NA-CO2 جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو هڪ لڪئڊ بيٽري وانگر آهي هن سسٽم ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڀرڻ سان هڪ خاص قسم جي ڪيميائي عمل ذريعي گئسن کي الڳ الڳ ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف هائيڊروجن تيار ڪئي وڃي ٿي. شروعاتي تجربن ۾ هي نظام 1000 ڪلاڪن تائين ڪنهن به نقصان کان بغير بهتر انداز ۾ ڪم ڪندو رهيو. واضح رهي ته دنيا ۾ هن کان اڳ ۾ به اهڙا تجربا ڪيا ويا آهن پر هي تجربو انهن کان بهتر ڪم ڪري رهيو آهي هن طريقي ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ مان بجلي ۽ هائيڊروجن تيار ڪئي وڃي ٿي ۽ آخر ۾ ڪاربان به خارج نٿي ٿئي. پوري دنيا اندر هر سال 40 ارب ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس فضا ۾ شامل ٿي رهي آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ تجربا ڪرڻ ضروري آهن.