اڪيلائي جي بن ۾ ڀٽڪندي يادن جي تکن مٺن ۽ ڪڙن ذائقن جو به پنهنجو مزو ھوندو آھي، پر يادگيرين جي جھان ۾ الائي ڇو سرھا لمحا گھٽ ڪسارا پل وڌيڪ ويجھا ھوندا آھن ۽ هميشه تلخين جي ڪڙاڻ مان ئي حساسيت جنم وٺندي آھي اھا حساسيت اسان جي من ۾ اھا اٿل آڻيندي آھي جو لفظ ھيرا بڻجي تخليقي روپ ڌاري لفظن جون مالاهون بڻجي ويندا آھن. اھي مالاهون جيڪي ٻيا به پائي پنهنجي ذھنن جي آبياري ڪندا آھن اھڙي ئي ھڪ ٻالڪپڻ جي ڪساري ياد جيڪا اندر ۾ ائين لڇي جو اکين ۾ نمي آڻي لفظن جا تحفا ڏئي وئي ۽ ذھن ماضي جي ان ننڍڙي عائشه ۾ اٽڪي پيو، جنهن وٽ کيڏڻ لاءِ رانديڪا نه هئا، سو مون پنهنجي پراڻن رانديڪن جو جھول ڀري عائشه کي ڏنو ھوءَ منهنجي پراڻن رانديڪن کي ڏسي خوشي مان ائين ٻھڪي پئي ڄڻ ڪو وڏو خزانو ملي ويو ھجيس مون حيرت مان کيس ڏٺو، پر ان ئي گھڙي پنهنجي ڏنل رانديڪن سان ساڻس گڏجي کيڏڻ لڳس سندس ماءُ روز جيان اڄ به اڻڀي ماني کي چٻاڙيندي پاڻي ڍڪ سان ڳڙڪائڻ ۾ ڪامياب وئي پاسي ۾ ويٺل ننڍڙو ڀاءُ عائشه جي رانديڪن کي غور سان ڏسڻ لڳو. ھڪ ڀاءُ ماءُ سان گڏ ويٺل ته ھڪ ڀاءُ ماءُ جي ھنج ۾ ليٽيل جيڪو ايترو ته ڪمزور ھو جو سندس روئڻ جو آواز به ٻڌي نه سگھبو ھو بس ھڪ ڪنجھڪار محسوس ٿيندي هئي جيڪا ماءُ ئي سمجهي سگھي ٿي ته کيس بک لڳي آھي.
خشڪ ٿيل ڇاتيل مان ٻه ڦڙا کير جا سندس بک ته ختم نٿي ڪري سگھيا، پر پوءِ به پيٽ ڀرڻ جو ڏڍ ضرور هئا. مون ٻڌو ھو ته وقت جي رفتار تمام تيز ھوندي آھي، پر مون عائشه جي گھر ۾ ھميشه وقت کي بيٺل ڏٺو ساڳي غربت، ساڳي بک. عائشه جي ڀيڻن ڀائرن جا وساميل چھرا، ڏرا ڏنل اکيون، ڏٻرا جسم، ڦاٽل ڪپڙا ڪکائون گھر، ٽٽل ۽ جھول ٿيل کٽون، ميريون رليون، گھر جي ڪلراٺي آڳر تي اڌ سڪل وڻ جنهن جي ڇانو ۾ به اس مليل هئي ايئن ٿي لڳو ڄڻ اھا اس عائشه جي ماءُ جي تقدير ھجي، مون کي ڪٿي ڪا خوبصورتي نظر نه ايندي هئي ھر طرف گدلاڻ جو احساس، پر انھن سڀني ڳالھين سان گڏ جيڪا شيءِ منهنجي اندر ۾ ڪوفت ۽ گھٽ پيدا ڪندي هئي اھو ھو عائشه جي پيءُ جو گھر ۾ داخل ٿيڻ.
عائشه جي پيءُ جو گھر ۾ داخل ٿيڻ ۽ سندس ماءُ ۽ ڀيڻن جو خوف ۾ وٺجي وڃڻ ڄڻ گھر ۾ سندن پيءُ نه پر ڪو راڪاس داخل ٿيو ھجي ھڪدم روا مٿي تي اوڍي ائين ويڙھجي وينديون ھيون ڄڻ پنهنجي پاڻ ۾ لڪنديون ھجن، پل ۾ سڄي گھر جي ماحول جي وحشت سان گڏ پيءُ جي ڀئو جي وحشت به شامل ٿي ويندي هئي. مان اڪثر ھن جي پيءُ کي ڏسندي ھئس جيڪو ڀر واري مسجد ۾ پيش امام ھو ۽ ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن پڙهائيندو ھو. ڪيڏي عجيب ڳالهه هئي جو عائشه جو پيءُ پنھنجي گھر جي سڀني ڀاتين جي برعڪس نظر ايندو ھو. ڀريل صحتمند جسم، منهن تي ڏاڙھي، صاف ۽ اڇا ڪپڙا، اکين ۾ گھر جي عورتن لاءِ ايڏو رعب جو عائشه جي ماءُ به ساڻس اکيون ملائي نه ڳالهائيندي هئي. بس ھو گھر آيو ناھي پنهنجي بکين بيمار ۽ ٿڃ پيئندڙ ٻار جي ڪنجھڪار کان بي سڌ ٿي اٿي سندس حاضري ۾ بيھندي هئي. مون کي ياد آھي ھو ھٿ منهن ته پاڻ ڌوئيندو ھو، پر پير هميشه زال ڌوئاريندي هئس. ننڍپڻ کان ئي باغي طبيعت هئڻ ڪري مون کي ان سڄي ماحول کان نفرت ٿيندي هئي ۽ پوءِ عائشه کان سوالن جي وٺ ڪري ڏيندي ھئس ته تنهنجو پيءُ اھڙو ڇو آھي؟ اوھان ايڏو ڊڄو ڇو ٿا؟ توھان ايڏا غريب ڇو آھيو؟ توھان جو گھر ڪکائون ڇو آھي؟ توھان جي گھر ۾ ايڏو گند ڪچرو ڇو آھي؟ پر عائشه لاءِ منهنجا سوال ڪابه اھميت نه رکندا هئا. ھن جي لاءِ ڪا شيءِ اھم هئي ته بس منهنجو ساٿ. ڇو ته منهنجي ساٿ سان ھن سٺيون شيون وٺي کاڌيون ٿي منهنجن سٺن رانديڪن سان کيڏي ٿي، پر ھڪ ڏينھن ته ڪمال ٿي ويو مان پـنھنجيون ڪجھ گڏيون کڻي عائشه جي گھر ويس جتي اسان وڏي محنت سان گڏين جو ننڍڙو گھر ٺاھي پنهنجي خيالي دنيا ۾ خوب مزو وٺي راند ۾ رڌل هئاسين ته اوچتو سندس پيءُ مٿان اچي ڪڙڪيو ۽ عائشه پنھنجي پيءُ سامهون پنهنجو مٿو ڍڪي نه سگھي. ان گھڙي ڄڻ ڪا قيامت اچي وئي پيءُ جي دڙڪن عائشه جو ساھ سڪائي ڇڏيو، ھوءَ ايڏي ته ھيسجي وئي جو خوف مان ھڪ ئي جڳهه تي پٿر ٿي ويھي رھي ۽ مون تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي رانديڪـن جو جھول ڀري گھر ڏانهن لوھ پاتي. الائي ڇو آئون ٻئي ڏينهن عائشه جي گھر نه وڃي سگھيس. ٻن ڏينهن کانپوءِ عائشه آئي آئون ڊوڙندي گڏيون کڻي آيس چيم اچ ته کيڏون. عائشه لٿل منهن سان مون کي چيو ھاڻ آئون گڏين سان نه کيڏنديس. چيم ڇو؟ چيائين بابا چئي ٿو گڏيون بت آهن بتن سان کيڏڻ گـناھ آھي. قيامت جي ڏينهن خدا جو عذاب ايندو ۽ خدا چوندو ته انهن بتن ۾ روح وجھو جڏهن روح نه وجھي سگھنداسين ته خدا دوزخ ۾ ساڙيندو. عائشه هلي وئي منهنجي من ۾ سندس پيءُ لاءِ ڌڪار وڌندي وئي. ھڪ ڏينهن سندن گھر ڪيترين مائين کي سندس گرد ويٺل ڏٺم. مون عائشه کان پڇيو ھي ڪير آھن؟ چيائين بابا تعويذ لکندو آهي ته مائين جا ڪم ٿيندا آھن انهن جي مراد پوري ٿيندي آھي، ان مھل مون عائشه جي ڪمزور ۽ ھيسيل ماءُ ڏانھن نظر وڌي جيڪا پنهنجي اندر جي اڌمن کي لڪائڻ لاءِ وڏا جتن ڪندي هئي، پر پوءِ به رئي جو پاند ھر ھر اکين جي ڪنارن ڏانهن کڄي ويندو ھو. منهنجي ننڍڙي ذهن ۾ ڪيئي سوال جاڳندا هئا، پر پڇي نه سگھندي ھئس.
ھڪ ڏينهن عائشه کي چيم تنهنجي پيءُ کي ته ڪڏهن سڪل ماني کائيندي نه ڏٺو اٿم تڏهن چيائين بابا کي مسجد ۾ ماني ملندي آهي ان ڪري گھر ماني ناھي کائيندو. ھڪ ڏينهن ته مسجد جي دري مان جھاتي پائي ڏٺم ته پـنھنجي زال ۽ اولاد کان بي خبر ڪيئن نه سڻڀيون مانيون ٿي ڳڙڪائين ان وقت مون کي ائين لڳو ڄڻ بک، حدبنديون، آخرت جو ڊپ رڳو عائشه ۽ سندس ماءُ جي حصي ۾ آيا هئا.
مان اسڪول وڃڻ لڳس ته ضد ڪيم ته عائشه به مون سان گڏ ھلي، پر عائشه جي ماءُ جي اکين ۾ ڪو خوف اوتجي آيو چوڻ لڳي ڇوڪريون بس قرآن پڙھنديون آھن ۽ عائشه کي به سندس پيءُ قرآن پڙهائي پيو، آئون چپ ٿي ويس، پر عائشه مون وٽ اچي ڏاڍو رني مان ٻاراڻي سمجهه سارو کيس دلاسا ڏيندي رھيس، پر الائي ڇو ھن ماٺ ئي نٿي ڪئي. وقت جي رفتار ضرور تيز ھوندي، پر عائشه جي گھر وقت جي رفتار ساڳي سست ڪجهه نه بدليو، بس بدلاءُ اھو آيو جو عائشه جي عمر تيرنھن سال اڳتي ڌڪجي وئي ۽ منھنجي سوچ ۾ گهڻي پختگي اچي وئي. ھاڻ آئون عائشه جي ماءُ سان ڪچھري ڪرڻ لڳيس ھن کي پنهنجي مڙس آخرت جي خوف ۾ ذھني طور ايڏو ته مفلوج ڪري ڇڏيو ھو جو مون کان دوزخ جي ڀئو ڀريا ڪتاب پڙهائي پئي ٻڌندي ۽ توبهه ڪندي هئي جنهن ۾ آخرت ۾ مرد سان عورت جي نافرماني جي سخت سزا “قبر جو عذاب” دوزخ جا خوفناڪ منظر، بس خوف ئي خوف. ھڪ ڏينهن سندس گھر ۾ پيل سڀني ڪتابن کي چڱي نموني ڦلھوريم پر ڪوبه اھڙو ڪتاب ھٿ نه آيو جنهن ۾ خدا رحيم ھجي خدا ڪريم ھجي جتي گناھ ۽ ثواب جي حدبندي کان آجپو ھجي، جنهن ۾ جنت جي سير جي سيرابي ھجي يا سندس وجود جي ولوڙ ۽ دردن جي درمان تي ڪجهه لکيل ھجي.
ھڪ دفعي چيم ھڪ غربت، مٿان ايترا ٻار؟ توبهه ڪرڻ لڳي چيائين نبي جي امت جيتري وڌ اوترا ڀاڳ. مون کي اھڙي امت جي واڌ سان ڀاڳ سمجهه ۾ نه آيو، بس جي سمجهه ۾ آيو ٿي ته عائشه تي لڳندڙ ھر روز نيون پابنديون ۽ سندس مٿان وڌندڙ ڪم جو بوجھ.
ھاڻ ته عائشه کي سڄي گھر جو ڪم ڪرڻو ٿي پيو ۽ آھستي آھستي اسان جي راندين تي مڪمل پابنديون پئجي ويون. مون پنهنجي اندر ۾ ڏاڍي اڪيلائي ٿي محسوس ڪئي. اڳ ته عائشه جي پيءُ کان نفرت هئي، پر ھاڻ عائشه جي ماءُ کان به نفرت ٿيڻ لڳي، پر ڪجهه ڏينھن کان مون سندن گھر ۾ ڪجهه الڳ محسوس ڪيو، نوان ماڻهو اچڻ لڳا ڪا سس پس ٿيڻ لڳي. مون کان ڄڻ ڪجهه لڪايو ٿي ويو، ڪچھري ڪندي مون کي ۽ عائشه کي اٿاريو ٿي ويو. نيٺ ھڪ ڏينهن عائشه مون کي ٻڌايو ته ماڻهو منهنجي سڱ لاءِ ٿا اچن بابا امان کي چوي ٿو ڌيءَ ويھارڻ ڏوھ آھي، گھر جي ماني کائڻ حرام آھي. تڏھن اندر ۾ الائي ڪٿان نفرت ۽ ڪروڌ ڀرجي آئي، چيم پر تنهنجو پيءُ ڪھڙي گھر جي ماني ٿو کائي جيڪا حرام آھي اڳ جيان ھاڻ به مسجد ۾ ئي کائيندو آهي. چيائين نه بابا چوي ٿو ڇوڪري ويھارڻ سان خدا جو ڏمر پوندو، مون کي ٻاراڻي وھي ۾ خدا جو ڏمر سمجهه ۾ نه آيو، مونکي ته عائشه جي شادي جو سوچي نڙي ۾ گھٽو محسوس ٿيو سندس ساٿ ڇڏجي وڃڻ جو سوچي ھانو ۾ وڍ ٿي محسوس ٿيا.
آئون هلي آيس شادي ڇا ھوندي آھي ٻاراڻي وھي ۾ ٻئي بي خبر هئاسين، پر ھڪ ڏينهن عائشه جو سڱ ٿي ويو، عائشه مون کي ڀاڪرن ۾ ڀري سڏڪا ڀري روئڻ لڳي ۽ مان پنهنجا لڙڪ لڪائڻ لاءِ وس ڪندي رھيس. ڪيڏي عجيب ڳالهه هئي سندس ماءُ اڳ جيان چپ چاپ پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ مصروف هئي، مونکي لڳو کيس پنهنجي ڌيءَ جي گھر ڇڏڻ جو ڪو ڏک نه آھي.
مھيني جي اندر عائشه جي شادي جا ڏينهن رکيا ويا، شادي جو ڏينهن به اچي پھتو سندس گھوٽ سفيد ڪپڙن، وڏي ڏاڙھي سان اسان جي سامهون ھو جيڪو به سندس پيءُ جيان ڪنهن مسجد جو پيش امام ھو، جنهن کي سندس پيءُ ان ڪري پسند ڪيو ھو جو ھو ديندار ھو ۽ ڪنهن ديندار سان گڏ عائشه جي دنيا ۽ آخرت به موچاري ٿيڻي هئي. خير عائشه جي نکيٽي جو وقت آيو ماءُ ساڳي ماٺ.
پر عائشه جيئن گھر جي چانئٺ کان ٻاھر قدم رکيا اوچتو عائشه جي ماءُ جي دردن کي آيل سڀ بند ٽٽي پيا ھوءَ پار ڪڍي ائين روئڻ لڳي ڄڻ سندس گھر مان ڌيءَ جو جنازو نڪرندو ھجي، ائين ٿي لڳو ڄڻ اڄ سندس صبر ساڻس ويڙھ ڪري کيس شڪست ڏئي پنهنجي فتح تي مرڪندو ھجي ۽ سندس اندر جو دٻيل درد ريلا ڪري وھندو ھجي. عائشه جي ماءُ اوڇگارون ڏيندي عائشه جي پراڻن ٽٽل رانديڪن جو جھول ڀري پنھنجي تالو لڳل پيتي کي کولي ان ۾ ائين لڪائڻ لڳي ڄڻ اھو خزانو کانئس ڪو کسي وٺندو. مون سندس لڇندڙ ماءُ ڏانهن ڏسي عائشه لاءِ سوچيو.
پل لاءِ ائين لڳو ھڪ دفعو ٻيھر وقت ساڳي جڳھ تي بيٺل آھي ۽ عائشه جي رخصتي بس عورت جي منتقلي آھي.