بلاگنئون

ماتلي ۾ بجلي جي جبري لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي

ماتلي ۾ حيسڪو وارن طرفان بجلي جي جبري لوڊ شيڊنگ ذريعي شھرين لاءِ عذاب اچي ويو آھي، 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جي کاتي ۾ روزانو 18 ڪلاڪ بجلي بند رکي وڃي پئي. ڪڏھن ڪڏھن ته ڪاروباري ٽائمنگ ۾ 10- 10 ڪلاڪ لڳاتار بجلي بند رھي ٿي، جنھن سان شھر جو بجلي تي ھلندڙ سمورو ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو، بيروزگاري ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليمي عمل پڻ متاثر ٿئي ٿو، رات ۾ به 8- 8 ڪلاڪ بجلي بند ٿيو وڃي، بجلي جي بند ٿيڻ سان واٽر سپلائي ۽ موبائل فون جا نظام به درھم برھم ٿيو وڃن ۽ اسپتالن ۾ مريضن سان به ان سان مسئلا وڌن پيا. شھري تنظيمن حيسڪو جي مقامي اختيارين جي اھڙي ناحق خلاف سخت احتجاج به ڪيا آھن، ڌرڻا ھنيا آھن ۽ مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتالون به ڪيون آھن، مگر حيسڪو جي بي حس لوڪل اختيارين جي مٿي ۾ ان سان ڪا جُونءِ به نه سُري آھي، ماتلي جي سِٽي فيڊر جنھن سان واٽر سپلائي جو پورو نظام ڳنڍيل آھي.

شھر جو 90 سيڪڙو ڪاروبار به ان فيڊر تي آھي، بينڪون، اسڪول، ڪاليج، اسپتالون، ويم گھر ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ ان ئي فيڊر تي آھي. سڀ کان وڏو ظلم به ان فيڊر سان آھي، ڪڏھن به ايئن نه ٿيو آھي جو لوڊشيڊنگ جي ٽائيم دوران بجلي ڪڏھن چالو رکي وئي ھجي.

پوري ٽائيم تي بجلي بند ڪئي وڃي ٿي ۽ بجلي اچڻ جي ٽائيمن ۾ به بجلي غائب رھي ٿي، گذريل 10 ڏينھن کان روزانو پوڻين ڇھين وڳي کان لڳاتار 6 ڪلاڪ بجلي بند رھندي اچي، رات جو پوڻين ٻين کان پوڻين چئين وڳي تائين وري ڪڏھن ڪڏھن پوڻين ٻين کان پوڻين اٺين تائين لڳاتار ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رکي وڃي پئي. بجلي چالو ڪري وري 5- 5 منٽن جا 2 ڪلاڪن ۾ 5 کان 7 جھٽڪا پڻ ڏئي شھرين کي ڄاڻي ٻجھي پريشان ڪيو وڃي ٿو جنھن سان واٽر سپلائي جو نظام بُري طرح متاثر ٿيو آھي. بجلي جي اڻ اعلانيل جبري لوڊشيڊنگ جي ڪري شاگرد نه اسڪولن ۾ ۽ نه وري گھرن ۾ پڙھي ٿا سگھن، شھرين جون ڏينھن رات ننڊون حرام آھن، چونڊيل نمائندا به اھڙن ڪلورن تي خاموش آھن.