بلاگنئون

2 آڪٽوبر واري رات ڪا عام رات نه هئي!

ڪير سوچي نٿي سگھيو ائين ٿي سگھي ٿو؟ پر ائين ٿيو. انڌيرن کي روشني بڻجي ڪو للڪاري به سگھي ٿو بلڪه ان کي ان جي ئي زبان ۾ ڪو جواب به ڏئي سگھي ٿو. بکايل بگھڙ کان ڪو بي ڏوھي ھرڻين جو حساب به وٺي سگھي ٿو. نيٺ اھو ٿيو ۽ دنيا ڏٺو. اھو ھڪ غير معمولي وار ھو، جيڪو ايران جي سر زمين تان اٿندڙ بيلسٽڪ ميزائلن جي روشني صيھوني ظلمتن تي ڪيو. ھي عظيم جرئت جو قابل تحسين مظاھرو ھو. اڱاري ۽ اربع واري وچ واري رات 2 آڪٽوبر تي وچ اوڀر جي اُڀ تي ايراني بيلسٽڪ ميزائلن مزاحمت جي پرواز سان انساني رت پياڪ رياست اسرائيل تي وار ڪيو. ھن وار سان بدمست ھاٿي کي سونت ۾ آندو ويو. رھزن جي ناسن ۾ نٿون وڌيون ويون. ھي وار طاقت جي نشي ۾ چُور نيتن ياھو جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي ھو. اڱاري ۽ اربع واري رات 57 اسلامي ملڪن جي دلين مان دورِ جديد جي جلاد جو خوف ختم ٿيڻ واري رات ھئي. جڏھن مسلسل پابندين کي منھن ڏيندڙ ھڪ ملڪ مظلومن جي حمايت ۾ ان ناپاڪ صيھوني رياست تي اپريل بعد آڪٽوبر ۾ هي ٻيو وار ڪيو. ھي وار ان رياست تي ٿيو آھي جيڪا پاڻ کي ناقابل تسخير سمجھي ڪمزور ملڪن تي چڙھايون ڪندي آھي. جيڪا بي ڏوھي ماڻھن جي رت پيئڻ جي عادي آھي. جنھن جي دفاع لاءِ آمريڪا ۽ برطانيا وغيرہ جھڙا رھزن بلڪه ڪجھ ”ھمسايه“ به چوڪس رھن ٿا، پر ان ناپاڪ صيھوني رت پياڪ رياست کي بچائڻ ۾ انھن نام نھاد سنگتين جي ڪا جديد ترين ٽيڪنالاجي ڪم نه آئي. اھا رات اونداھين جي مات واري رات ھئي، ان رات روشنين جي سوڀ ٿي. اھا رات وحشي بگھڙن تي ڀاري ھئي. اھا رات ڏاڍ کي ڏارڻ واري رات طور ياد رکي ويندي. ڪلھ جي ڪربلا وانگر دورِ جديد جي ڪربلا ۾ سيد اڄ به اڪيلو ڏسجي ٿو. ھن عالم، خدا پرست، مستقل مزاج، ثابت قدم، دلير ۽ مدبر رھنما سيد علي الحسيني خامنه اِي اھو ڪري ڏيکاريو جنھن تي ھڪ طرف حق پرستن ۽ مظلومن جي عزت افزائي ٿي ته ٻئي پاسي قبلهءِ اول بيت المقدس جي آزادي لاءِ برسر پيڪار مزاحمتي تنظيمن کي اُتساھ مليو آھي. پيرسني واري ڄمار ۾ ايراني سپريم ليڊر سيد علي الحسيني خامنه اِي پنھنجن پيارن شھيد جنرل قاسم سليماني جھڙي ذھين جرنيل، شھيد ابراھيم رئيسي جھڙي مدبر ۽ مسلم اتحاد جي قائل رھنما ۽ صدر، شجاع پرڏيھي وزير، اسماعيل ھانيه جھڙي سياسي ليڊر ۽ حسن نصرالله جھڙي با وفا اڳواڻ کي شھيد ٿيندي ڏٺو مگر ان جي عزم ۾ ڪمي نه آئي. نيٺ ھن شھيدن جي خون جو انتقام وٺي دنيا ۾ حُريت پسندن جو ڳاٽ اوچو ڪيو.

2 آڪٽوبر واري رات اڪيلي “سيد” پاران 400 ايراني بيلسٽڪ ميزائلن سان صيھوني وزيراعظم جو غرور خاڪ ۾ ملائي اسرائيل جا 3 فوجي بيسز ۽ گئس فراھم ڪندڙ گئس فيلڊ کي مڪمل تباھ ڪيو ويو. ايران اسرائيل جي جديد ترين بيس نفطيم ايئر بيس تي حملو ڪري اسرائيل جي 20 آمريڪي F-35 طيارن کي تباھ ڪري ڇڏيو. چيو پيو وڃي ته ھي اھو ھوائي اڏو ھو جنھن تان اسرائيلي طيارن اڏام ڪري حزب الله رھنما سيد حسن نصرالله کي شھيد ڪيو ھو. انڊين ميڊيا جي ھڪ دعويٰ به سامھون آئي ته ”ايران اسرائيل جي ان ايئربيس تي حملو ڪيو آھي جنھن کي دنيا جو سڀ کان جديد ۽ محفوظ ايئربيس سمجھيو وڃي ٿو“ آمريڪا مڇرجي پيو آھي ۽ اسرائيل کي بدلي وٺڻ تي اھو چئي اڪسائڻ لڳو آھي ته ”ھي حملو رياست جو رياست تي حملو آھي“ ايراني سپريم ليڊر سيد علي خامنه اِي اسرائيل تي واضح ڪري ڇڏيو آھي ته ”ايران جو اڳيون حملو وڌيڪ دردناڪ ھوندو“ ياد رھي سيد علي الحسيني خامنه اِي جي اھا دليري به دنيا ڏٺي جو بدلي وٺڻ جي اسرائيلي ۽ آمريڪي ڌمڪين باوجود ڪٿي لڪي نه ويٺو. ھن 4 آڪٽوبر تي جمعي ڏينھن تھران يونيورسٽي ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي مسلم حڪومتن کي اتحاد جو درس ڏنو. جتي لکين ماڻھو موجود ھئا. ايراني حملي دوران تل ابيب جي صيھونين حملي بعد سڄي رات سرنگھن ۾ گذاري. اسرائيل کي گڏوگڏ اھو به جھٽڪو لڳو آھي ته عالمي ريٽنگ ايجنسي فنچ اسرائيل جي طويل مدتي ريٽنگ وڌيڪ گھٽ ڪري ٻڙي تي آڻي ڇڏي.

 ھوڏانھن اسرائيل جي ممڪنه رد عمل تي پاسداران انقلابِ اسلامي ايران دعويٰ ڪئي ته ھن حملي ۾ پھريون دفعو ھائپر سونڪ ميزائل استعمال ڪيا ويا. پاسداران انقلاب خبردار ڪيو آھي ته ”ايران خلاف ڪنھن به جارحيت تي اسرائيل جي پشت پناھي ڪندڙ ملڪن جي اڏن ۽ مفادن کي به نشانو بڻائينداسين“ ايراني صدر چيو ته ”ھي حملو اسرائيلي جارحيت جو رد عمل آھي اسرائيل تي حملا صيھوني رياست خلاف فيصلا ڪُن رد عمل آھي. ھي فيصلا ڪُن جواب ڏنو ويو آھي. ايران ۽ خطي ۾ جائز حق جو اسعتمال ڪيو ويو. ھي اسان جي طاقت جو صرف ھڪ گوشو آھي” ايراني ملٽري چيف حملي بابت چيو ته ”تل ابيب جي 3 فوجي اڏن، گئس فيلڊ ۽ موساد جي ملٽري ھيڊڪوارٽر تي حملو ڪيو ويو”. آمريڪي دفاعي اداري پينٽاگون ايراني حملي جي تجزئي بعد بيان جاري ڪندي چيو ته ”تازو ايراني حملو اڳ واري حملي کان ٻِيڻ تي طاقتور ھو.“ صيھوني وزيراعظم چيو آھي ته ”ايران وڏي غلطي ڪئي آھي ان کي قيمت چڪائڻي پوندي“.

اسلامي دنيا جي ماڻھن لاءِ اھا ڳالھ به افسوس واري آھي ته حملي دوران اردن جھڙي اسلامي ملڪ وري به صيھونيت جو ساٿ ڏنو، جتي آمريڪي ڊفينس سسٽم تعينات آھن. اھا دعويٰ خود اسرائيلي اخبار ڪئي ته ”اردن ايراني حملي کي روڪڻ ۾ شامل ھو“ ٻئي طرف اسرائيل تي حملي بعد تھران ۾ جشن حزب الله ۽ فلسطين جا جھنڊا ۽ سيد حسن نصرالله جون تصويرون کڻي رستن تي نڪري آيا. لبنان، عراق ۽ فلسطين ۾ آتشبازي ڏٺي وئي. ھوڏانھن آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آھي ته اسرائيل چند ڏينھن ۾ ايران تي حملو ڪري سگھي ٿو. ھوڏانھن لعنتي انڊين ميڊيا جو بدنما چھرو به سامھون آيو آھي، جڏھن اسرائيل فلسطيني ٻارڙا، عام ماڻھو ۽ لبناني عام ماڻھو شھيد ٿـي ڪيا ته انھن حملن کي انڊيا جا نام نھاد ۽ لعنتي ٽي وي اينڪر ۽ تجزيه نگار اسرائيل جي بھادري واري ڪارروائي بلڪه دهشتگردن جي سويلين آبادي ۾ لڪيل اڏن خلاف ڪارروائي“ قرار ڏيندا ۽ خوش ٿيندا رھيا آھن، پر ايران جي حملن تي سڪتي ۾ اچي ويا ۽ کين تل ابيب جي سويلين آبادي ياد اچي وئي. پھرين ته ھنن چيو پئي ايران ڪجھ نه ڪري سگھندو رڳو ڌمڪي ڏيندو، ايران کي آمريڪي نيوي گھيريو بيٺل آھي يا ٻيون اھڙيون ڳالھيون ڪيائون ٿي، پر 2 آڪٽوبر واري رات کين به جواب ملي ويو ۽ مايوسي ھنن جي بدصورت چھرن تي نمايان ھئي. اصل اھميت ان ڳالھ جي آھي ته اسرائيل جھڙي جديد ترين اسلحي سان ليس ۽ مغربي ملڪن جي لاڏلي ملڪ کي للڪارڻ به وڏي ڳالھ آھي، پر ايران پاران ان صيھوني رت پياڪ رياست کي سڌي طرح انھن حالتن ۾ نشانو بڻايو ويو، جڏھن آمريڪا جھڙو نام نھاد سپر پاور ملڪ سڄي وچ اوڀر جي مختلف ھنڌن تي پنھنجا فوجي پھچائي ۽ نيوي کي تعينات ڪري چڪو ھجي! برطانيا جا جنگي ٻيڙا اسرائيل جي ڊفينس لاءِ چوڪس ھجن. اھڙي حالت ۾ ايران جو ھي حملي وارو قدم يقينن بھادري ۽ جرئتن جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکندو. دنيا حيران آھي ته کوڙ سارين پابندين باوجود ايران پنھنجي ميزائل پروگرام کي ڪيترو نه ايڊوانس ڪري ورتو آھي. اسرائيل جي تاريخ ۾ ھي ٻيو موقعو آھي جو ايران ان تي سڌو حملو ڪيو آھي، ان کان اڳ ھن ئي سال اپريل 2024ع ۾ به ايران دمشق ۾ پنھنجي سفارتخاني تي ٿيل اسرائيلي دھشتگرد حملي جي بدلي طور بيلسٽڪ ميزائل ۽ خودڪش ڊرونز سان اسرائيل تي حملا ڪيا. ھاڻي اھو طئي آھي ته وچ اوڀر جي جنگ جي تپش ۾ شدت اچي چڪي آھي، ناقابل تسخير اسرائيلي دعويٰ واري ڦوڪڻي مان ھوا به نڪري چڪي آھي ان کي پنھنجي حيثيت جو پتو به پئجي چڪو آھي. اھا جنگ جنھن کي اسرائيل ۽ آمريڪا صرف غزه تائين محدود رکڻ چاھيو ھاڻي اھا سڄي فلسطين ۽ لبنان تائين پکڙجي چڪي آھي. آمريڪا جي پوري ڪوشش آھي ته جنگ ڏکڻ لبنان کان اڳتي نه ڦھلجي، پر نيتن ياھو جو دماغ چَرپَڻ سبب مفلوج ٿي چڪو آھي ۽ کيس سمجھ ۾ نه پيو اچي ڇا ڪجي؟ ھڪ طرف حماس آھي ته ٻئي پاسي حزب الله، ٽئين پاسي يمن وارا هوثي آھن، چوٿين پاسي عراق آھي ته پنجين پاسي ايران آھي! اسرائيل جي حماس خلاف جنگ جي شروعات کان ئي اھا ڪوشش رھي آھي ته آمريڪا کي ڪنھن صورت جنگ ۾ شامل ڪجي، پر آمريڪا کي به ان حقيقت جو پتو آھي ته ان جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ سان روس پنھنجي دوست ملڪ ايران جي مدد لاءِ اڳتي ايندو ۽ ائين ٽين مھا ڀاري لڙائي جي راھ ھموار ٿي ويندي! اسرائيل جو آمريڪا جي آسري ايران خلاف ڪوبه جوابي قدم وچ اوڀر جي باھ کي وڌيڪ ڀڙڪائيندو ۽ اھو خود اسرائيل لاءِ تباھي جو ڪارڻ بڻبو. ڇو ته جنھن آمريڪا آسري يوڪرين روس سان وڙھي پنھنجو ڪم تمام ڪرائي رھيو آھي اھو آمريڪا اسرائيل خاطر پنھنجا فوجي جنگ جو ٻارڻ ڪونه بڻائيندو. عالمي تجزيه ڪارن جو ھي تجزيو به دنيا جي امن لاءِ ڳڻتي جوڳو آھي ته ”لڳي ٿو ھيءَ جنگ انساني ھٿن مان نڪري وئي آھي“.