بلاگنئون

آمريڪا ايران جي مٿان پابندي مڙهيندو

صليبي جنگين کان وٺي مغرب جي اها مڳي رهندي آئي آهي ته هو جيئن سلطنت عثمانيه کي سبوتاج ڪري ويا تيئن هاڻي به اسلامي ايٽمي طاقتن کي سبوتاج ڪري، تباھ ڪري ويندا، انهن جي اڪانامي کي، انهن جي سياست کي، انهن جي معيشت ۽ معاش جي ذريعن کي نٻل ڪري ويندا ۽ ائين اهي زيونسٽ ۽ صيهوني جنگين ۾ سوڀارا ٿيندا. آمريڪا جيئن عراق تي بم ڪيرايا ۽ 2012 ۾ ٽوني بليئر اها ڳالھ مڃي ويو ته انهن غلط ڪيو، پر اهي صيهوني ۽ زيونسٽ طاقتون هڪٻئي سان ٻِٽُ آهن اهي، چاهين ٿيون ته شخصي نرم دلي ۽ ندا ڀلي مسلمانن جي حق ۾ هجي جيئن ٽوني بليئر جڏهن حڪومت ۾ هو ته اهو عراق تي حملي جو حامي هو يا انهن نائن اليون جهڙيون سازشون ملي ڪيون يا جيڪڏهن انهن سازشن ۾ رڳو يهودي لابي هڪُ ۽ ٻِٽُ هئي ته به اهي حڪومت ۾ رهي آمريڪا سان سينو نه ساهي سگهيا ۽ انهن جي ڪانگريس ۽ يهودي ٿنڪ ٽينڪ کي نندين نه، پر اهي به ڪانگريس مان قراداد پاس ڪرائي مسلمان ملڪن تي حملا ڪرائي ويا. اسلامي تبليغي ۽ توسيعي پروگرام پنهنجي جاءِ تي، پر مسلمان ملڪن جي باشندن جي تعليم ۽ معيشت ۽ انهن مغربي ملڪن ۾ سندن آبرو ۽ عزت سان گڏ انهن جا روزگار، معيشتون ۽ تعليمي ڪارڪردگيون ڦٽائي ويا ۽ جنهن رفتار سان مسلمان باشنده انهن غير مسلم ملڪن ۾ پلجي ۽ وڌي رهيا هئا سي رڪجي ويا، نائن اليون کانپوءِ هاڻي آمريڪي ۽ يهودي بربريت مسلمان ملڪن جي نڙي تي لت رکي ڇڏي آهي، ڪير نٿو ڪڇي ته فلسطينين جو رت سستو ڇو آهي يا ايران جي ايمبيسيءَ تي بي سبب حملا ڇو؟ يا ايراني جرنيل ڇو ٿا ماريا وڃن؟

جنگين جي پراڻن اصولن ۾ اهو به هو ته ڪنهن به آبادي، ڪنهن به پوڙهي پڪي، ٻار ٻڍي، عورتن، معذورن ۽ بيمارن تي حملو نه ڪبو ۽ جيڪي به حملا آور هوندا آهن (يا هوندا هئا) اهي سڀ کان پهرين بادشاھ جي تخت کي نشانو بڻائيندا هئا ۽ پوءِ عوام الناس کي اهو پيغام ملندو هو ته هاڻي تخت اونڌو ٿي چڪو آهي، بادشاھ، راڻي يا حڪمران ته يا مري کپي ويا آهن، انهن جون منڍيون لاٿيون ويون آهن، اهي ان دشمن جي حملي ۾ ماريا ويا آهن. ان ڪري حملا آور هاڻي جي اعلان ڪري پنهنجي حڪومت هلائيندا ته رعايا به انهن جي ها ۾ ها ملائيندي، ان ڪري ان حڪمران کي رڳو تخت تان لاهڻ جي ضرورت هوندي هئي بس، پر هاڻي جي جنگن جا اصول ۽ ضابطا ٻيا آهن، اهي پهرين عوام جي مٿان بم ڪيرائي ان حڪومت کي اهو عنديو ٿا ڏين ته هاڻي پوئتي ٿيو جيڪو اصول 6 آگسٽ ۽ 9 آگسٽ 1945 تي آمريڪا پاران ناگا ساڪي ۽ هيرو شيما تي بم ڪيرائي ڪيو ويو. هاڻي ايران تل ابيب جهڙي شهر ۾ انساني آبادين، ماڻهن جي گهرن، پلازائن ۽ رهائشي علائقن کي نشانو نه بڻايو، پر رڳو اسرائيلي تنصيبات، هوائي اڏن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ اها درستگي ايتري ته متاثر ٿي جو ايران گڏيل قومن ۾ پنهنجي حملي جو جواز وڏي فخر سان پيش ڪيو ته ”ايران دفاع جو حق استعمال ڪندي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ جنگي اصولن تي عمل ڪيو آهي ۽ اهڙا ميزائل فائر ڪيا آهن جيڪي خالي هنڌن، ميدانن، ريگستانن ۾ ڪري رهيا آهن، پر ڪي به رهائشي علائقا، انساني آباديون، گهر تباھ ناهن ڪيا، جنهن ۾ عام شهرين جا گهر ۽ دڪان ڊهي پيا هجن، ڇاڪاڻ ته صيهونزم ۽ اسلام جيڪو امن جو مذهب آهي انهن ۾ فرق رڳو اهو ئي آهي ته اسرائيل غزه، يمن، شام ۽ لبنان ۾ شهري آبادي، انساني آبادين کي بيدردي سان تباھ ڪيو. پلازائن، رهائشي علائقن، اسڪولن، اسپتالن، پناهگيرن جي ڪئمپن، بين الاقوامي ادارن جي آفيسن ۽ گڏيل قومن جي مرڪزن کي ڊاهي پٽ ڪري، ماڻهن کي ماريو پيو وڃي. جڏهن ته ايران اهڙو ڪجھ به نه ڪيو ۽ ايران ڪنهن به اسڪول، اسپتال ۽ ڪنهن به عام ماڻهوءَ کي قتل ناهي ڪيو يا حملي ۾ ڪنهن به عمارت کي نقصان ناهي پهتو. ڇاڪاڻ ته انسانيت ايران جو نشانو نه هو، جڏهن ته يهودين جي فطرت ۽ تاريخ ان جي ابتڙ آهي، تنهنڪري ايران، سخت صدمي، غم ۽ انتقام جي باوجود انسانيت جو مظاهرو ڪندي، اسرائيل جي جارحيتي طاقت تي حملو ڪرڻ لاءِ تل ابيب جي شهري علائقن جي بدران صرف تنصيبات تي حملو ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو اسرائيلي شهري خود پنهنجي گهرن مان ايراني ميزائلن جون وڊيوز پنهنجي موبائيل فونن سان ٺاهي رهيا هئا.

ايران جا حملا ڀلي ڪنهن حڪيم جي ڦڪي وانگي ئي هجن جو فائدو نه ڪندا ته گهٽ ۾ نقصان ته ڪندا، پر ڳالھ اها به منجهائي ٿي ته اسرائيل جي شهرن جي لڏپلاڻ جا منظر ڪير رڪارڊ ڪري يا ڪير اهو ٻڌائي ته اسرائيلي هڪ مرڻ ڊپ کان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا آهن، انهن جا ڪاروبار متاثر ٿيا آهن يا مغربي ميڊيا اهو ٻڌائي ته ايراني، انصارالله (هوثي) حماس جي حملي ۾ ڀلي ڪيترائي مرن يا جهنم رسيد ٿين پر ڪابه مغربي اخباري يا ٽيلي ميڊيا (بي بي سي، سي اين اين يا فوڪس نيوز) ان ڳالھ جي کڙڪ نه ڏيندي ته اسرائيلي بزدل آهن اهي پنهنجو ملڪ ڇڏي ڀڄي ٿا وڃن يا جيئن 1945 ۾ مغربي ملڪن اسرائيلين جي مغربي ملڪن مان هٿ وٺي ڀاڄ ڪرائي هئي ۽ پنهنجن ملڪن ۾ يهودي جي اميگريشن تي پابندي هنئي هئن ته جيئن اهي ”عاليه“ جي نعري تحت رڳو فلسطين ۾ وڃي رهن ۽ آمريڪا، فرانس، برطانيا ۽ اٽلي پاڻ انهن جي الڳ وطن جي گهر ڪئي هئي ته فلسطين جي ڌرتي انهن کي موٽائي ڏني وڃي ۽ انهن کي مسلمان ملڪن وانگي پنهنجو ملڪ ٺاهڻ جي اجازت ملي، جنهن ۾ عرب به راضي هئا ۽ سعود بن عبدالعزير توڙي جو اعترض واريا هئا، پر انهن يهودين کي آخر اجازت ملي وئي ۽ انهن فلسطينين کي سوري پوَري پنهنجو ملڪ ٺاهيو ۽ دنيا يا خاص مسلمان ملڪن ۽ عرب ملڪن جي لاءِ عذاب ڪري ويهي رهيا، سي معمولي انسانن ۽ خاص عربن کي ڪيئن جيئرو ڇڏيندا ۽ سک جو ساھ کڻڻ ڏيندا، پر ڪنهن به ان ڳالھ کي نه ڄاتو.

آمريڪا هاڻي ڄڻ ايران کي زوريءَ جنگ ۾ ڌڪڻ ٿو چاهي، آمريڪا چاهي ٿو، ٻيا نه سهي، پر ايران گهٽ ۾ گهٽ نشاني تي هجي، ان ڪري ته جيئن نائن اليون ۾ دنيا جا مسلمان نشاني تي رهيا، هاڻي فلسطين جي جنگ جو ڪو کڙ تيل نٿو نڪري ته تل ابيب ۽ گولان هائيٽس تي به ايراني ڊرون بم، بيليسٽڪ ميزائيل پڄي ٿا وڃن ته هاڻي اسرائيل ۽ ان جي پويان بيٺل آمريڪا ان ڳالھ ۾ راضي آهن ته جنگ جو دائرو ايران ۽ ڪجھ عرب ملڪن تائين وڌي جنهن ۾ ايران پنهنجي پراڪسي ملڪ جن ۾ ايران جا گروھ ڪم ڪن ٿا جنهن ۾ بحرين، يمن، لبيا ۽ اردن شامل آهن، اتان ويهي اها سستا، پر ججهي مقدار ۾ ڊرون حملا ڪري سگهي، جو اسرائيل جون وايون بتال ٿي وڃن ۽ اسرائيل پاڻ پريشان ٿي وڃي ته آخر اهي بم ڪٿان ڪٿان اڏي ٿا اچن ۽ اهي اسرائيل آمريڪي مدد سان انهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن، سمجهن ته هاڻي انهن جي دال نه ڳرندي، ان ڪري ته ان سموري جنگ ۽ وارتا ۾ سهڪي رڳو آمريڪا ٿو. ان ڪري ته اها جنگ پاڻ آمريڪا پنهنجي ليکي ٿو وڙهي ۽ سمجهي ٿو ايران تي بي سبب حملا ڪري سگهي، جيئن 3 جنوري 2020 تي قاسم سليماني جيڪو هڪ ايراني ميجر جنرل هو ۽ عراق جي بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ويجهو آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو. جڏهن عراقي وزيراعظم عادل عبدالمهدي سان ملاقات ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ۽ ان کانپوءِ وري آزربائيجان جي هٿان ابراهيم رئيسي جو هيليڪاپٽر تباھ ڪيو ويو.

ٽائيٽانڪ ۽ نائن اليون هاڻي هي جيڪي به اسرائيلي ۽ آمريڪا جي آشير واد سان گروهي، لساني، مذهبي، معاشي ۽ پراڪسي جنگيون هلن پيون، اهي ڪڏهن به ٽين مها ڀاري لڙائي نه مچائي سگهنديون. ان ڪري ته ان ڳالھ کي جي آمريڪا مڃي ته دنيا به مڃيندي. ڇو ته مغرب جو درد رڳو مسلم ملڪن جي ايٽمي طاقت آهي، جن کي اهي اهو چئي ثابت ڪري ويندا ته مسلمان ملڪن جي ايٽمي طاقت دنيا جي لاءِ خطري جو باعث آهي. ان ڪري انهن کان ايٽمي طاقت کسي وڃي يا محدود ڪئي وڃي، جو اهي ايٽمي طاقت ۾ رهي وڏا وڏا ايٽمي هٿيار نه ٺاهي سگهن. ڇو اها ٻي ڳالھ آهي ته 1945 تائين درد به انگريزن جو هو ۽ دوا به انهن جي ايجاد ڪئي. پهرين مها ڀاري لڙائي، مها ڀاري لڙائي يا ان کان اڳ مغربي جنگون ۽ جنون انهن جي مٿي جا سور هئا ۽ انهن کي اهي ڳالهيون طئي ڪيون ته پهرين مها ڀاري لڙائي ڪٿي ختم ٿي ۽ ٻي ڪڏهن شروع ٿي، پر اسان مسلمان جي سوچ ۽ ٽين مها ڀاري لڙائي آمريڪا جي اچڻ سان ئي شروع ٿي چڪي هئي سا جاري ۽ ساري آهي ۽ تيستائين هلندي جيستائين آمريڪا جو زوال نٿو اچي.