خاصنئونناول

سمرقند (قسط ستٽيهين)

ترجمو: زاهده ابڙو

ڪنهن پلواڙي واري باغ جي گلابي شام ۾ درد ۽ تڪليف ۾ مبتلا هڪ ميڙ- باسڪر ويل کي ڪيئن سڃاڻي سگهندس؟ سڀني جا چهرا ايترا ته  ڪٿئي هئا! مان هڪ وڻ کي ٽيڪ لڳائي انتظار ڪرڻ ۽ مشاهدو ڪرڻ لڳس- هڪ جهوپڙي جنهن جي در مان روشني اچي رهي هئي اتي ڄڻ هڪ ٿيٽر لڳل هو- محرم جي مجلس، قصا ٻڌائڻ وارا ۽ نوحا پڙهندڙ، عقيدتمندن جون اکيون ڳوڙهن سان آليون ڪري رهيا هئا ۽ ڇاتي پٽيندي پنهنجو پاڻ کي رتوڇاڻ ڪري رهيا هئا-

ڪو شخص ڇانو کان ٻاهر نڪتو، درد ۽ الم لاءِ خود کي رضاڪاراڻه طور تي پيش ڪرڻ لاءِ- پير اگهاڙا، ڌڙ اگهاڙو، زنجير ٻنهي ٻانهن کي ويڙهيل: هن زنجير کي هوا ۾ اڇلائي پنهنجن ڪلهن ۽ پٺ تي ڪرڻ ڏنو: زنجير هڪ سري هئي سندس بدن تي گهاوَ هڻڻ لاءِ تيار، پر ان ماڻهو کي زير نه ڪري سگهي- ٽيهن کان پنجٽيهه گهاوَ لڳڻ کانپوءِ وڃي مس سندس جسم جي مٿان هڪ ڪاري داغ طور خون جو پهريون ڦڙو اڀريو ۽ پوءِ سڀني جو ڌيان  ڇڪائيندڙ انداز ۾ رت جي ٻي هڪ ڦوهار نڪتي- اهو ڏک جو ٿيٽر هو رنج ۽ الم جي راند جيڪا ازل کان جاري آهي-

جيئن جيئن هن جو ڌوڻ جهڙو تيز تيز ساهه کڻڻ جو آواز ميڙ ۾ گونجڻ لڳو پِٽ ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي- ڌڪ هڻڻ جو سلسلو ۽ قصه گو هاڻي رڙيون ڪري ڪري ڳالهائڻ لڳا ته جيئن سندن آواز پِٽڻ وارن جي پِٽ جي آواز کان مٿي ٿي ٻڌي سگهجي- پوءِ هڪدم هڪ اداڪار وچ ۾ اچي ٽپو ڏنو ۽ پنهنجي تلوار هوا ۾ لهرائي اتي بيٺل ماڻهن جي دلين ۾ هيبت پيدا ڪرڻ لڳو- هو مختلف شڪليون ٺاهڻ لڳو جنهن تي ماڻهن کيس تعنا تنڪا ڏنا ۽ مٿس پٿراءُ ڪيو- هو جلد ئي منظر تان غائب ٿي ويو جلد ئي سندس شڪار ظاهر ٿيو ۽ ميڙ مان رڙيون اچڻ شروع ٿيون- مان پاڻ به هڪ زوردار آواز ڪڍڻ کان پنهنجو پاڻ کي جهلي نه سگهيس. ڇو ته اهو شخص جيڪو زمين تي پنهنجو پاڻ کي گهلي رهيو هو سندس سسي ڌڙ کان ڌار ٿي چڪي هئي-

مان تمام گهڻو گهٻرايل انداز ۾ ريورينڊ طرف مڙي ڏٺو، هن مون کي هڪ پرسڪون مرڪ سان اطمينان ڏياريو ۽ ڪن ۾ چيو:

“اها پراڻي چال آهي- ڪو ٻار کڻي ايندا آهن، يا ڪو بونو ماڻهو، ان جي مٿي تي ڪنهن رڍ وڍ جي سسي اونڌي ڪري رکي ڇڏيندا آهن اهڙي طرح سان ان جي رت ۾ ٻڏل سسيءَ جو رخ مٿي هوندو آهي- پوءِ ان کي اڇي ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيندا آهن جنهن ۾ خاص مناسب جڳهه تي سوراخ ڪيل هوندو آهي- تون ڏسي رهيو آهين نه، ته هيءَ شيءِ ڪيڏي نه چريو ڪرڻ جهڙي آهي-” هن هٿ ۾ جهليل پائپ مان ڪش هنيو- سسيءَ لٿل ماڻهو گهڻي دير تائين اسٽيج جي چوڌاري ڪڏندو گهمندو رهيو تان جو هڪ عجب جهڙي ماڻهو جنهن جون اکيون پاڻيءَ سان ڀريل هيون ان سندس جاءِ والاري-

“باسڪر ويل!”

مون ريورينڊ تي ٻيهر سواليه نظر وڌي- پر هن بس ڏاڍي پراسرار انداز ۾ ڀرون مٿي ڇڪيا-

سڀ کان وڌيڪ حيرت جهڙي ڳالهه اها هئي ته هاورڊ آمريڪي لباس ۾ هو، ۽ هو مٿي تي هيٽ کي عجيب طريقي سان پائي بيٺو هو جيڪو هتي ان غمزده ماحول ۾ ڏاڍو کل جهڙو لڳي رهيو هو- ميڙ مان رڙيون اچڻ لڳيون ۽ جيستائين منهنجي نظر وئي ٿي، ڪنهن به چهري تي معمولي قسم جو به تفريح جو شڪ نٿي پيو سواءِ ريورينڊ جي چهري جي- آخرڪار هن مهرباني ڪندي وضاحت ڪئي:

“انهن ماتمي رسمن ۾ هميشه کان هڪ يورپي موجود هوندو آهي، ۽ عجيب ڳالهه آهي، ان کي ‘پسنديده’ ماڻهن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي- روايت ڪئي ٿي وڃي ته اموي درٻار ۾ هڪ فرنگي سفير موجود هو جيڪو شيعن جي سيد الشهداءَ حسين، جي موت کان ڏاڍو متاثر ٿيو هو- هن ان موت جي ڏوهه جي مذمت ايڏي بلند آواز ۾ ڪئي هئي جو ماڻهن کيس ئي موت جي منهن ۾ اڇلائي ڇڏيو- ظاهر آهي ته هاڻي هر اهڙي تماشي وقت هتي ڪو يورپي ته موجود ناهي هوندو، پر ماڻهو ان جي جاءِ تي ڪنهن ترڪ يا ڳوري رنگ جي ڪنهن ايراني کي استعمال ڪندا آهن- جيئن ته باسڪر ويل تبريز ۾ ئي موجود آهي، هو هر ڀيري ان ڪردار جي ادائگي لاءِ کيس سڏي وٺندا آهن- ۽ هو ڏاڍو سٺي طريقي سان اهو ڪردار ادا ڪندو آهي- هو ته سچ ۾ روئندو به آهي!”

بلڪل انهيءَ لمحي، اهو تلوار بردار ماڻهو واپس اچي ويو ۽ باسڪر ويل جي چوڌاري چڪر لڳائڻ لڳو، انهيءَ دوران باسڪر ويل پهريان ته چپ چاپ بيٺو رهيو پوءِ هڪ جهٽڪي سان پنهنجو هيٽ مٿي تان لاهي پنهنجي ساڄي طرف نڪتل سينڌ وارن سونهري وارن جي نمائش ڪرڻ لڳو- پوءِ انتهائي سست رفتاري سان، گوڏن ڀر زمين تي پکڙجي پيو- روشني جي هڪ شعاع سندس صاف شيو ٿيل ٻارن جهڙي چهري جي هڏين کي جيڪي روئڻ جي ڪري سڄيل هيون روشن ڪري ڇڏيو، ۽ هڪ ويجهي بيٺل هٿ جنهن ۾ گلن جون پتيون هيون ان جي ڪاري سوٽ تي وجهي ڇڏيون-

هاڻي مون کي ميڙ مان ڪوبه آواز ٻڌڻ ۾ نٿي آيو- منهنجون اکيون منهنجي دوست ۾ کتل هيون ۽ مان ڏاڍي بيچيني سان کيس ٻيهر اٿي بيٺل ڏسڻ جو منتظر هئس- لڳي ٿو رسم ابد تائين جاري رهندي ۽ مان ان جي بحال ٿيڻ جي لاءِ بي صبرو محسوس ڪري رهيو هئس-

هڪ ڪلاڪ کانپوءِ اسان “مشن” ۾ ڏاڙهونءَ ڪڻن جي سوپ جي پيالن مٿي ملياسين- پادري اسان کي اڪيلو ڇڏي اتان روانو ٿي ويو ۽ اسان سوچ ۾ ٻڏل خاموشيءَ سان ويٺا کائيندا رهياسين- باسڪر ويل جون اکيون اڃان تائين ڳاڙهيون هيون-

“مون کي واپس مغربي ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو آهي،” هن وساميل مرڪ سان معذرت ڪئي-

“ڪا جلدي ناهي، صدي ته بس اڃان هاڻي شروع ٿي آهي-”

هو کنگهيو گرم گرم پيالي کي پنهنجي چپن سان لڳايائين ۽ ٻيهر سوچ ۾ گم ٿي ويو-

پوءِ آهستي آهستي، هن چيو:

“جڏهن مان هن ملڪ ۾ پهتس ته مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته چڱا خاصا جوان ۽ ڏاڙهين مُڇين وارا ماڻهو هڪ قتل تي جيڪو ٻارنهن سئو سال پهرين ٿيو هو ائين ويهي روڄ راڙو ڪن- هاڻي سمجهه ۾ اچي ويو آهي- جيڪڏهن ايراني ماضيءَ ۾ زنده رهن ٿا ته ان لاءِ جو ماضي سندن وطن آهي ۽ حال هڪ غير ملڪ جنهن ۾ سندن ڪابه ملڪيت ناهي- هر اها شيءِ جيڪا اسان جي لاءِ جديد زندگي ۽ گهڻي آزاديءَ جي علامت آهي، ان لاءِ غير ملڪي اقتدار جو عَلم آهي: رستا-روس، ريلوي، تار ۽ بينڪ جو نظام- انگلستان، ٽپال- آسٽريا- هنگري…”

“۽ سائنسي تعليم، ان جو مطلب آهي ‘آمريڪي پريس بٽيرين مشن’ جو مسٽر باسڪر ويل-”

“بلڪل، بلڪل تبريز جي ماڻهن وٽ چونڊ لاءِ ٻيو رکيو ئي ڇا آهي؟ پنهنجي ٻارن کي روايتي مدرسن ۾ موڪلين جتي انهن کي ساڳيا پراڻا جملا رٽائين جيڪي انهن جي ابن ڏاڏن ٻارهين صديءَ ۾ رٽيا ٿي، يا منهنجي ڪلاس ۾ موڪلين جتي انهن کي اها ئي تعليم ملي ٿي جيڪا ڪنهن نوجوان آمريڪي کي ملندي آهي، پر صليب ۽ ستاري سان ٽانڪيل جهنڊي جي ڇانوَ هيٺ؟ منهنجا شاگرد سٺا نڪرندا، وڌيڪ هنرمند ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ وڌيڪ ڪارائتا، پر اسان ٻين کي ڪهڙيءَ ريت انهن کي غدار سمجهڻ کان روڪي سگهنداسين؟ منهنجي قيام کان هفتو پهرين مون پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ڪيو هو، ۽ هڪ اهڙي ئي رسم ۾ جيڪا تو اڄ ڏٺي هئي ان ۾ مون کي ان جو جواب ملي ويو-

“مان ميڙ ۾ شامل ٿي ويو هئس ۽ منهنجي اوسي پاسي رڳو روئڻ ۽ پٽڻ جا آواز اچي رهيا هئا- انهن ويران چهرن کي ڏسي، جيڪي ڳوڙهن سان ڀنل هئا، ۽ انهن پريشان حال ۽ رحم جي طلبگار اکين کي تڪيندي، ايران جي سڄي بدحالي منهنجي سامهون ظاهر ٿي پئي- اهي شڪست کاڌل روح هئا جن کي نه ختم ٿيندڙ ماتم پنهنجي گهيري ۾ وٺي ورتو هو- مون کي خبر ئي نه پئي ته منهنجي اکين مان آب جاري ٿي ويو- منهنجو روئڻ ميڙ مان ڪنهن ڏسي ورتو، ان جا جذبا به اڀري پيا- پوءِ اهي مون کي ڌڪيندا مٿي اسٽيج تي وٺي آيا ۽ مون کان فرنگي سفير جو ڪردار ادا ڪرايو- ٻئي ڏينهن منهنجي شاگردن جا مائٽ مون سان ملڻ آيا، اهي ان ڳالهه تي خوش هئا ته هاڻي اهي انهن ماڻهن کي جيڪي کين پنهنجن ٻارن کي ‘پريس بٽيرين مشن’ موڪلڻ سبب گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا انهن کي جواب ڏيڻ جهڙا ٿي پيا- ‘مون پنهنجي پٽ کي هڪ اهڙي استاد جي حوالي ڪيو آهي جيڪو امام حسين خاطر ڳوڙها ڳاڙيندو آهي-’ ڪجهه مذهبي اڳواڻ ناراض ٿيا، پر انهن جي دشمني کي منهنجي ڪاميابيءَ سان ڳنڍي سگهجي ٿو- اهي ان ڳالهه کي ترجيح ڏين ٿا ته غير ملڪي، غير ملڪين وانگر ئي پنهنجن طور طريقن تي عمل ڪن-” هن جا طور طريقا مون کي سمجهه ۾ اچي ويا، پر منهنجو شڪ اڃان تائين ختم نه ٿيو هو-

“ته تنهنجي خيال ۾ ايران جي مسئلن جو حل اهو آهي ته ماتم ڪرڻ وارن جي ميڙ ۾ شامل ٿي وڃجي!”

“مون اهو ڪڏهن چيو آهي- روئڻ پٽڻ ڪنهن به مرض جو علاج ناهي- ۽ نه ئي اها ڪا مهارت آهي- اها ته بس هڪ سڌي، سادي ۽ قابلِ رحم حرڪت آهي- ڪنهن کي به روئڻ تي مجبور نه ٿيڻ گهرجي- اهم اهو آهي ته انسان کي ٻئي جي ڏک تي کلڻ نه گهرجي- جڏهن انهن مون کي روئندي ڏٺو، ۽ مون جڏهن هڪ غير ملڪي جي انتهائي بي نيازي جو لباس لاهي ڦٽو ڪيو، ته هو مون وٽ رازداريءَ سان اهو ٻڌائڻ اچي ويا ته روئڻ جو ڪو نتيجو ڪونهي ۽ ايران کي ڪنهن وڌيڪ نوحاگر جي ضرورت ناهي ۽ مان جيڪو بهترين ڪم ڪري سگهان ٿو اهو تبريز جي ٻارن کي مناسب تعليم ڏيڻ آهي-”

“ڏاڍا عقل وارا لفظ آهن- مان پاڻ به توکي اهو ئي چوڻ وارو هئس-”

“پر جيڪڏهن مان روئان نه ها ته اهي ڪڏهن به مون سان ڳالهائڻ نه اچن ها- جيڪڏهن انهن مون کي روئندي نه ڏٺو هجي ها ته اهي ڪڏهن به مون کي پنهنجن شاگردن کي اهو چوڻ جو حق نه ڏين ها ته موجوده شاهه بدنما آهي ۽ تبريز جا مذهبي سربراهه به مشڪل سان ان کان ڪي چڱا آهن!”

“ڇا واقعي به تو ڪلاس ۾ ايئن چيو هو؟”

“ها، مون اهو چيو هو- مان بي ڏاڙهيو آمريڪي نوجوان، مان پريس بٽيرين مشن جو نو عمر استاد مون تاج ۽ پڳڙين جو مذاق اڏايو ۽ منهنجن شاگردن مون سان اتفاق ڪيو- ۽ سندن والدين به- صرف ريورينڊ ئي ڪاوڙ ڪئي-”

منهنجي عقل ۾ فتور کي ڏسندي هن وضاحت ڪئي:

“مون ڇوڪرن سان خيام جو ذڪر به ڪيو آهي- مون هنن کي ٻڌايو آهي ته لکين آمريڪي ۽ يورپي سمهڻ کان اڳ رباعيون پڙهندا آهن ۽ مون انهن کي فٽز جيرالڊ جا شعر به زباني ياد ڪرايا- ٻئي ڏينهن هڪ ڏاڏا سائين مون سان ملڻ لاءِ پهتو- سندس پوٽي گهر وڃي جيڪو ڪجهه ٻڌايو هو ان کان هو ڏاڍو متاثر ٿيو هو- چيائين ‘اسان به آمريڪي شاعرن جي ڏاڍي عزت ڪندا آهيون!’ ظاهر آهي هو بلڪل به ڪنهن آمريڪي شاعر جو نالو نه کڻي سگهيو، پر ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي- اهو سندس فخر ۽ شڪر جي اظهار جو طريقو هو- افسوس جو سڀني والدين جو رد عمل ساڳيو نه هو هڪ مون سان شڪايت ڪرڻ پهچي ويو- پادري جي موجودگيءَ ۾ مون تي ڇوهه ڇنڊيائين:

“خيام شرابي ۽ بددين هو!” مون جواب ڏنو: ‘اهو سڀ چئي اوهان خيام جي مذمت نه پيا ڪريو، پر شراب پيئڻ ۽ بدديني جي تعريف ڪري رهيا آهيو! ان ماڻهو جو ڄڻ ته اتي ئي ساهه گهٽجي ويو هو-”

هاورڊ ڪنهن ٻار وانگر کليو- سندس درستگي نا ممڪن هئي ۽ سندس انداز ۾ ڪنهن ماڻهو کي تنها ڪري ڇڏڻ واري عجيب خاصيت موجود هئي-

“ته هر اها ڳالهه جنهن جو الزام تنهنجي مٿان مڙهين ٿا توکي قبول آهي! ته ڇا تون ‘ابن آدم’ به آهين؟”

ته ڇا ريورينڊ به توکي اهو به چئي ڇڏيو؟ مون کي لڳي ٿو ته توهان ٻنهي گهڻي دير تائين مون بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي-”

“اسان گڏيل طور ٻئي ڪنهن کي ڀلا ايترو ڪٿي ٿا سڃاڻون-”

“مان توکان ڪجهه به نه لڪائيندس- منهنجو ضمير ڪنهن نئين ڄاول ٻار وانگر پاڪ ۽ صاف آهي- ٻه مهينا ٿيا جو هڪ ماڻهو مون سان ملڻ آيو- ڏاڍي مضبوط ڏيل ۽ مُڇن وارو ماڻهو هو، پر ڏاڍو بزدل ٿي لڳو- پڇيائين ته ڇا مان هن انجمن ۾ تقرير ڪري سگهان ٿو جنهن جو هو رڪن آهي، اهڙو موضوع جنهن جو خيال توکي خواب ۾ به نٿو اچي سگهي! ڊارون جي نظرئي تي- هن ملڪ جي سياسي طور طريقن ۽ ماحول جي پيش نظر مون کي ڪافي تفريح جهڙو ۽ اثرانگيز لڳو ۽ مون ها ڪري ڇڏي- مون کي ڊارون بابت جيڪو ڪجهه هٿ آيو مون هن کي برو ڀلو چوندڙ سڀني جا نظريه پيش ڪيا- منهنجو خيال آهي منهنجي ڪارڪردگي چڱي خاصي بيزار ڪندڙ هئي، تڏهن به ڪمرو صفا ڀريل هو تر ڇٽڻ جيتري جاءِ نه بچي هئي ۽ سڀ مون کي ڏاڍي شوق سان ٻڌي رهيا هئا- ان کانپوءِ مون ٻين جلسن ۾ به وڃي ٻين موضوعن تي ڳالهايو- اهي ماڻهو علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍا آتا هئا- ۽ اهي ڏاڍا ڪٽر دستوري به آهن- ڪڏهن مان تهران جون تازيون خبرون ٻڌڻ لاءِ انهن جي جلسه گاهن مان گذرندو آهيان- توکي هنن سان ضرور ملڻ گهرجي، اهي سڀ هن دنيا جو خواب ڏسن ٿا جنهن جو خواب تون ۽ مان ڏسون ٿا-”

***