پاڪستان اسٽيٽ آئل جون سستيون درآمدون، پيٽروليم شين جي گھٽتائي جو خدشو.

پاڪستان اسٽيٽ آئل پاران ڪيل سستين درآمدن سبب جيڪڏھن آئل ريفائنرين پيٽروليم شين جي پيداوار گھٽائي ڇڏي ته انھن شين جي گھٽتائي ٿي سگھي ٿي. آئل ريفائنرين حڪومت کي آگاھ ڪري ڇڏيو ھو ته لاڪ ڊائون کان پوءِ مارچ ۽ اپريل جي مھينن ۾ انھن کي 31 بلين رپين جو انوينٽري نقصان ٿيو آھي. آئل ريفائنرين حڪومت کي ان ڳالھ کان به خبردار ڪيو ھو ته ڪنھن به ريفائنري جي پيداوار ۾ گھٽتائي سبب سنگين اثر سامھون ايندا، جنھن جي نتيجي ۾ پيٽروليم شين جي گھٽتائي ٿي سگھي ٿي. ھاڻي آئل ريفائنرين کي مئي جي شروعاتي ٻن ھفتن ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل پاران سستن اگھن تي درآمدن سبب قيمتن جو ھڪ ٻيو بحران سامھون آھي. انھن سستن اگھن جي بنياد تي جون لاءِ ايڪس ريفائنري قيمت جو تعين ڪيو ويندو