اين اي ڊي يونيورسٽي مٺي ڪيمپس لاءِ 300 ايڪڙ زمين جي منظوري.

اين اي ڊي يونيورسٽي مٺي ڪيمپس جي قيام لاءِ 300 ايڪڙ زمين جي منظوري. ان حوالي سان ڪالھ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ جي صدارت ھيٺ لينڊ ريزرويشن ڪاميٽي جو اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاھد پرويز، ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقوي، لينڊ يوٽيلائيزيشن سيڪريٽري اعجاز حسين بلوچ، سيڪريٽري بلديات روشن علي شيخ ۽ سيڪريٽري يونيورسٽي ۽ بورڊ محمد رياض الدين سميت لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبي جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري زمين عوامي مقصد لاءِ مختلف سرڪاري ادارن لاءِ مقرر ڪئي وئي. اجلاس ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي مٺي ڪيمپس لاءِ 300 ايڪڙ زمين، مٺي ۾ پبلڪ ڊيزرٽ سفاري پارڪ لاءِ 10 ايڪڙ زمين، سکر ۾ لينڊ فل سائيٽ بڻائڻ لاءِ 100 ايڪڙ زمين، سنڌ مدرسته الاسلام لاءِ ڪراچي جي ضلعي ويسٽ ۾ ڪيمپس قائم ڪرڻ لاءِ 10 ايڪڙ زمين، ڄامشورو پوليس لائن لاءِ 90 ايڪڙ زمين ۽ ڄامشوري ۾ پوليس ٿاڻي لاءِ 4 ايڪڙ زمين جي منظوري ڏني وئي، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڏھرڪي لاءِ 4 ايڪڙ زمين ۽ بلڙي شاھ ڪريم ۾ گورنمينٽ ڪمپريھينسو اسڪول بڻائڻ لاءِ 12 ايڪڙ زمين مقرر ڪئي وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ چيو ته سرڪاري زمينن جي ڪورٽ ڪيسن ۾ ڀرپور پيروي ڪئي وڃي. ھن سمورن ڪمشنرن کي ھدايت ڪندي چيو ته سرڪاري زمين جي رڪارڊ ۾ جعلسازي ڪندڙ ماڻھن خلاف ڪاروائي يقيني بڻائي وڃي