بلاگخاصنئون

محترم شاهنواز مھيسر جو نئون ڪتاب “فلسطين”

سنڌ صوبي ۽ وفاق جي اعليٰ منصبن تي پنهنجي خداد صلاحيتن سان فرض شناسي جا رڪارڊ قائم ڪندڙ ڪيترن ڪتابن جو ليکڪ سائين شاھنواز مھيسر 7 فيبروري 1946ع ۾ بکر مھيسر تعلقو ميرو خان ضلعو لاڙڪاڻو (ھاڻ قمبر ضلعو) جھڙي پوئتي پيل علائقي مان جنم وٺندڙ ڳوٺاڻي زندگي ۽ ماحول جي وچ مان علم جي روشنيءَ واري سھائي سان خاص عزم رکندي اڳتي وڌندو رھيو. علم جيڪو بيشڪ! بادشاھ سمجھيو وڃي ٿو تنھن مھيسر صاحب جھڙي قدآور علمي بلندي، ذھانت ۽ لائق شخصيت سبب گھڻن سرڪاري عھدن تي رھندي پنهنجي قابليت کي مڃرايو. سنڌ جو ھي ٻھراڙي واري طرز زندگيءَ ۾ پڙهيو لکيو ۽ نوڪري ڪئي دورا ڪيا، “ڪم ۽ فقط ڪم” تي ڀاڙيندي پنهنجو نالو مڃتا سان روشن ڪري ڏيکاريو آھي.
جيئن ته مھيسر صاحب پنهنجي ذھانت، صلاحيتن، لڳاءُ خدمت توڙي محنت کي اوليت ڏيندي نيڪ نامي ۾ واڌارو ڪيو، جيڪو اسان لاءِ باعث عزت ۽ سبق جو درجو رکي ٿو. اھڙي جستجو خدمت واري جذبي جو نتيجو اھو نڪتو جو شاھنواز صاحب سن 2006ع ۾ رٽائر ٿيو تنھن کانپوءِ به پاڻ عام لوڪ تائين ڪنھن متڀيد کانسواءِ پنهنجو علمي ڏاھپ، ادبي معلومات، مشاھدن، تجربن، لاھن چاڙھن وارو سبق ونڊ ڪندا، ھاڻوڪن استادن، شاگردن ۽ ساڃاهه وندن تائين پھچائيندا رھن ٿا. سائين شاھنواز انھيءَ ڏس ۾ مختلف موضوعن تي سنڌي توڙي انگريزيءَ ٻولين ۾ ڪالم ۽ شاندار ڪتاب لکيا جن سان سنڌي ٻولي ۽ ادب وڌيڪ شاھوڪار ٿيندا رھن ٿا. مھيسر صاحب پنهنجي نرالي طبعيت مزاج اصولن تي ھلندڙ ھڪ باضمير سچار ڪنھن جي ڪاڻ نه ڪڍندڙ شخص طور ڏٺو وڃي ٿو. ڪم سان ڪم رکندڙ ۽ ادبي ذوق کي پنهنجي گھڻ پاسائين شخصي ڪردار واري منصب سبب مشاھدن تحقيق ۽ تجربن سان پنهنجين لکڻين کي ڪتابي شڪل ڏيڻ وارن ڏکين مرحلن مان سرخرو ٿي پار پوي ٿو. سندس تازو انگريزي ۾ ڪتاب “فلسطين” جيڪو موجوده حالتن جي ڏکوئيندڙ منظر نامي ۾ انگريزي ٻولي ۾ لکيل آھي. تنھن جي پڌرائي 5 مئي تي حيدرآباد جي مقامي ھوٽل جي ھال ۾ رکي وئي. ياد رھي ته اڳ به سندس مشهور ڪتاب (1) چين ياترا سنڌي ۾ ۽ (2) سنڌ ويلي سولائيزيشن (جيڪو انگريزيءَ ۾ لکيل آھي) جھڙا شاھڪار ڪتاب سنڌي ادب کي وڌيڪ سگھارو ڪري چڪا آھن.
آئون سينئر سٽيزن، پر بظاھر ھڪ ننڍڙي شاگرد جي حيثيت ۾ محترم شاھنواز مھيسر کي سندس علمي، انساني، تعليمي، اخلاقي ۽ قومي پورھئي جي لاڳيتو سفر کي لاڀائتو بنائڻ واري ڪاوشن تي کيس جس ڏيان ٿو. بيشڪ، پاڻ سينيئر سٽيزن ايسوسيئيشن ۾ باوقار شخصيت طور ڳڻيو وڃي ٿو. ھن قربائتي ماحول ۾ اسان جهڙو ماڻهو به ڪنڊ پاسو وٺيو مھيسر صاحب جي دانائي وارين ڳالھين کي دلچسپيءَ سان ٻڌندو آھي، جيئن ٿوري وقت ۾ گھڻو پرائي سگھجي. بزرگ مھيسر صاحب پنهنجي مشغول مزاج توڙي طبيعت سان گھڻو ڪري لکڻ واري ڏات سان نڀاءَ ڪندي ڏسڻ ۾ ايندو. ٻئي طرف سندس لکڻ واري سگھ جوان رهڻ ڪري پاڻ، اسان، توھان، سنڌ واسين پاڪستان ۽ عالمي سطح جي شاگردن جي علمي ڄاڻ واسطي پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪندي ڪتاب لکي پڌرا ڪندو رھي ٿو. سندس اھڙي خدمتن ۽ قومي جذبن تي کيس اڻ ڳڻيا سلام پيش ڪجن ٿا.