“سنڌ هيپا ٽائيٽس پروگرام” ۾ غير معياري دوائون خريد ڪري 56 ڪروڙ ڦٻائڻ جو انڪشاف
هيپا ٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام لاءِ نومبر 2016 ۾ 87 ڪروڙ رپين جون دوائون خريد ڪري سرڪاري خزاني کي 56 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو ويو. سموريون دوائون مناسب ٽيسٽنگ جي طريقي کان بغير سينٽرن تائين پهچايون ويون. جڏهن ته اينٽي ڪرپشن پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪندي مک ذميوار پروگرام مئنيجر عبدالخالق شيخ ۽ ان جي 4 ساٿين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي درخواست گهري ورتي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊرگ ٽيسٽ نه ڪرائي وئي آهي. ان کان علاوه اهي دوائون خريد ڪيون آهن جيڪي ڪجهه عرصي کانپوءِ مدو پورو ٿيڻ واريون هيون جڏهن ته رولز موجب هميشه اهي دوائون خريد ڪيون وينديون آهن جن جو مدوسئو سيڪڙو يعني 3 سال هوندو آهي.