سڄي دنيا جا لکيل ڪتاب نئين ميموري ڪارڊ ۾ محفوظ ڪري سگهجن ٿا
نيدرلينڊ جي سائنسدانن ٽپال جي اسٽيمپ جي سائيز جي هن ڪارڊ جي طاقت ايتري قدر وڌيڪ رکي آهي جو ان ۾ اڄ تائين دنيا ۾ لکيل سڀني ڪتابن کي محفوظ رکي سگهجي ٿو. ايتري طاقت هن وقت تائين ڪنهن به هارڊ ڊسڪ ۾ نه آهي. هي ڪارڊ نينو ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندڙ سائنسدانن پاران ٺاهيو ويو آهي. جيئن ته هر وقت ۽ هر ڏينهن نئين معلومات اچي رهي آهي ان کي ڪنهن مخصوص جڳهه تي رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهندا آهن جنهن جي لاءِ هن وقت تمام گهڻيون هارڊ ڊسڪون ڪتب آنديون وينديون آهن. هن تيز ٽيڪنالاجي جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کانپوءِ ان مسئلي جو حل ملي ويندو ۽ سڄي معلومات ننڍي جڳهه تي ئي محفوظ رکي سگهبي.