هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز جو ڇپيل آهي، جيڪو ڊاڪٽر مبارڪ علي (تاريخدان) جو لکيل آهي ۽ ان جو ترجمو محترم همسفر گاڏهي ڪيو آهي. هي ڪتاب تاريخي مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 24 مضمون شامل آهن، هن ڪتاب جو مهاڳ به ڊاڪٽر مبارڪ علي (لاهور) لکيو آهي، ڪتاب ۾ پنهنجي پاران ۽ پبلشر (قمر آفتاب) جو نوٽ ۽ نصير ميمڻ جو بيڪ ٽائيٽل شامل آهن. ڪتاب جي مضمونن ۾ “مادر سري نظام: عورت ۽ مرد جي برابر واري نظام جي تاريخ، ميسوپوٽوميا جي تهذيب ۾ عورت ٻئي درجي جي مخلوق، عورت انساني تهذيب جي بانيڪار، عام ماڻهو جي تاريخ لکڻ ڇو ضروري آهي؟ چنگيز خان پنهنجي اغوا ٿيل زال سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ تاريخ جو رنگين باب: لکنئو ۽ دهلي جون طوائفون، سر سيد احمد خان عورتن جي تعليم جو مخالف ڇو هو؟ انگريز جو پنهنجي عورتن سان ڪهڙو ورتاءُ هيو؟ جنت مان آدم ۽ حوا جو نڪرڻ! هندستاني مسلمان امير قيدي عورتن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هئا؟ قديم زماني ۾ هندستاني شاديءَ جون ريتون رسمون ڪهڙي ريت نڀايون وينديون هيون؟ جنگ جو کاڄ رڳو عورت ڇو ٿي ٿئي؟ جپسي عورتن جي پراسرار زندگي! موئن جي دڙي جون عورتون جيڪي سونهن ۽ سوڀيا جو خاص خيال رکنديون هيون! گلن ۾ رنگ ڀريندڙ ايراني عورتون ۽ غلط بياني ڪندڙ يوناني تاريخ، رومي جمهوريت جي شروعات ڪندڙ هڪ عورت هئي، قديم چين ۾ عورت کي گنهگار ڇو سمجهيو ويندو هو؟ تاريخ جو جبر ۽ عورت لاءِ غير انساني سزائون! ٻانهيون، مغل زاديون، محافظ ۽ شاهي محل جون ملازم عورتون! جادوگراڻين جي پراسرا دنيا! پورهيت عورتن جو الميو، يورپي وچيئن دور ۾ گناھ ۽ بدي جي ذميوار عورت! چنگيز خان جيڪو سياسي معاملن ۾ زال کان صلاحون وٺندو هو! فرانسيسي انقلاب جنهن عورت کي سرگرم ڪيو جهڙا مضمون شامل آهن جيڪي انتهائي ڀلا ۽ ڀرپور ڄاڻ وارا آهن.
فيمينزم هڪ سماجي تحريڪ آهي، جيڪا صنفي برابري جي وڪالت ڪري ٿي. ان ۾ اهو جز شامل آهي ته عورتون، مرد، ٽرانس جينڊر ۽ غير بائنري انسانن کي برابر جا حق ۽ موقعا ملڻ گهرجن. ان ڪري فيمينزم تحريڪن جا مقصد رڳو برابر جا حق ڏيارڻ، مردن جيتريون پگهارون، پيدائشي ۽ تعليم جا برابر حق، جنسن جي سماجي، معاشي ۽ سياسي برابري وارو عقيدو وغيره شامل آهن، جيڪي تحريڪون گهڻي ڀاڱي مغرب ۾ پيدا ٿيون، اتان اڀريون ۽ اهي تحريڪون پوءِ سموري دنيا ۾ رونما ٿي پکيڙجي ويون ۽ انهن تحريڪن سبب عورتن جي حقن ۽ سندن مفادن لاءِ مختلف ادارن پاران پرعزم نمائندگي به ڪئي وئي. ان ڏس ۾ 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، پر پهرين اهو ڏينهن 1909 تائين 28 فيبروري تي ملهايو ويندو هو. شروعاتي دورن ۾ مغربي معاشرن ۾ عورتون اڪثر ڪري گهريلو دائرن تائين محدود هونديون هيون، جڏهن ته عوامي ۽ کليل زندگي رڳو مردن لاءِ مختص هوندي هئي. وچين دور تائين جنهن کي جاڳرتاRenaissance جو دور به سڏيو وڃي ٿو، ان دور تائين يورپ ۾ عورتن کي ملڪيت جي مالڪي، تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت يا حق ۽ عوامي زندگي ۾ حصي وٺڻ کان انڪار ڪيو ويندو هو. فرانس ۾ 19 صدي جي آخر تائين عورتون بازارن ۽ گهرن ۾ پنهنجا مٿا ڍڪڻ تي مجبور هونديون هيون ۽ جرمني جي ڪجھ حصن ۾ هڪ مڙس کي پنهنجي زال وڪڻڻ جو حق حاصل هوندو هو. 20 صدي جي شروعات تائين، عورتون يورپ ۽ آمريڪا جي اڪثر حصن ۾ نه ووٽ ڏئي سگهنديون هيون ۽ نه ئي چونڊيل ڪو عوامي يا سماجي، سياسي يا سرڪاري عهدو سنڀالي سگهنديون هيون. عورتن کي مردن جي نمائندي کانسواءِ ڪاروبار ڪرڻ کان روڪيو ويندو هو، پوءِ اهو پيءُ هجي، ڀاءُ هجي، مڙس هجي، قانوني ايجنٽ هجي يا پٽ هجي. مغرب ۾ شادي شده عورتون پنهنجن مڙسن جي اجازت کانسواءِ پنهنجن ٻارن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهنديون هيون. ان کان علاوه عورتن کي تعليم تائين گهٽ يا ڪابه رسائي نه هوندي هئي ۽ انهن کي اڪثر پيشن، ڪاروبارن ۽ نوڪرين کان روڪيو ويندو هو، دنيا جي ڪجھ حصن ۾ عورتن تي اهڙيون پابنديون اڄ به جاري آهن.
1980 کان وٺي “پوسٽ فيمينزم” جو اصطلاح عورتن جي مختلف زاوين کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي اصطلاح فيمينزم جي رد عمل کي ظاهر ڪن ٿا. جڏهن ته “اينٽي فيمينزم” نه هجڻ جي باوجود پوسٽ فيمينزم جو خيال آهي ته عورتن ٽين ۽ چوٿين لهر جي فيمينسٽ مقصدن تي تنقيد ڪندي ٻئي لهر جا مقصد حاصل ڪيا آهن. اهڙو اصطلاح پهريون ڀيرو فيمينزم جي ٻي لهر جي رد عمل کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو هو، پر هاڻي اهو ڪيترن ئي نظرين لاءِ هڪ ليبل آهي، جيڪي گذريل فيمينسٽ تحريڪن جي لاءِ نرم طريقا اختيار ڪري ٿي ۽ ٻي لهر جي خيالن لاءِ چئلينج بڻجن ٿا، پر ڪجھ پوسٽ فيمينسٽ چون ٿا ته فيمينزم اڄ جي سماج سان لاڳاپيل ناهي. “اميليا جونز” لکي ٿي ته 1980 ۽ 1990 جي ڏهاڪي ۾ اڀرندڙ پوسٽ فيمينسٽ خيال ٻئي لهر جي فيمينزم کي هڪ واحد وجود طور پيش ڪيو. “ڊوروٿي چن” پوسٽ فيمينسٽ مانيڪر جي خيال تحت هڪ الزام واري ڳالھ کي بيان ڪري ٿي، جتي فيمينسٽ کي پوسٽ فيمينسٽ سماج ۾ صنفي برابري جي مطالبن کي جاري رکڻ لاءِ ڪمزور ڪيو ويندو آهي يا پوئتي ڌڪيو ويندو آهي، اهي سمجهن ٿا ته اهڙين تحريڪن جي ڪري صنف جي برابري اڳ ۾ ئي حاصل ڪئي وئي آهي.Dorothy Chin جي مطابق ڪيترن ئي فيمينسٽن انهن طريقن بابت بيچيني جو اظهار ڪيو آهي، جن ۾ هاڻي حقن ۽ برابري جي بحثن کي انهن جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي.
نسوانيت جي تاريخ جي پسمنظر ۾ قديم دنيا اندر اهڙي محدود حيثيت جي خلاف ابتدائي منظم احتجاج يا تحريڪن جا ثبوت گهٽ ملن ٿا. ٽين صدي قبل مسيح ۾ رومي عورتون “ڪيپيٽولين هِل” کي احتجاجن سان ڀريون ويٺيون هونديون هيون ۽ فورم جي هر داخلا کي بلاڪ ڪيون ويٺيون هونديون هيون، جڏهن قونصل Marks Pores Ketto عورتن جي حقن کي محدود ڪندڙ قانون پاس ڪرڻ جي ڪوششن هئي ۽ مزاحمت ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن اهي عورتون هاڻي فتح حاصل ڪري ويون ته ڇا اهي مرد ڪوشش نه ڪندا؟ ۽ جيڪڏهن اهي عورتون توهان جي برابر ٿي ويون ته اهي توهان کان اعليٰ بڻجي وينديون، ان ڪري انهن کي آزادي نه ڏيو. بهرحال، اهي بغاوتون غير معمولي ثابت ٿيون. تاريخ جي اڪثر شاهدين مان اهو ثابت آهي ته ڪجھ اينٽيFeminist تحريڪون به هليون، جن عورتن جي حيثيت جي خلاف ڳالهايو ۽ پنهنجن دليلن جي پٺڀرائي ڪندي انهن جي سماجي حيثيت کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 14 هين صدي جي آخر ۽ 15 هين صدي جي شروعات ۾ فرانس جي پهرين نسوانيت پسند فلسفيKristen De Pessan عورتن جي تعليم جي حصول جي حق ۾ هڪ جرئت منداڻو فيصلو ڏنو، جنهن عورتن جي روين کي به چئلينج ڪيو. سندس عهدو 15 صدي جي آخر ۾ اٽلي جي هيومنسٽ اسڪالر Laura Cereta هٿ ۾ کنيو، جنهن “Epistolae Familiares” 1488
جن کي فيميليئر ليٽرز به چيو وڃي ٿو، جيڪي هن پنهنجي خط و ڪتابت ۾ لکيا، جيڪي سندس ذهانت جو اظهار آهن. انهن خطن ۾ هن فلاسافي، ٿيولاجي ۽ ذاتي مسئلا ڊسڪس ڪيا آهن. هوءَ عورتن جي اڻبرابريءَ بابت تمام گهڻو آواز بلند ڪندي هئي. اهي خط عورتن جي خطن ۽ شڪايتن جو هڪ مجموعو آهي، هن مجموعي ۾ عورتون جي تعليم جي انڪار کان وٺي ۽ انهن جي ازدواجي زندگي جي ظلمن ۽ سندن لباس تائين جا بحث ڪيل آهن.
عورتن جو دفاع ۽ سندن تحريڪون 16 صدي جي آخر تائين هڪ ادبي ذيلي صنف بڻجي چڪيون هيون، جڏهن 1600 ۾ Moderata Fonte
Il Merito Delle Donne (The Worth of Women) لکيو، جيڪو هن جي مرڻ کانپوءِ شايع ٿيو. توڻي جوStatus Quo جي محافظن عورتن جي تحريڪن کي سطحي ۽ فطري طور تي غير اخلاقي رنگ ڏنو. جڏهن ته اڀرندڙ نسوانيت پسندن عورت جي جرئت ۽ ڪاميابي جي ڪري انهن جون ڊگهيون فهرستون تيار ڪيون ۽ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن عورتن کي برابر تعليم ڏني وڃي ته عورتون مردن جي ذهني سطح جي برابر ٿي سگهن ٿيون ۽ انهن جي برابر جا ڪم ڪري سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ عورتن بابت بحث مباحثا ۽ تحريڪون انگلينڊ ۾ 16 صدي جي آخر تائين نه پهتيون هيون، جڏهن ته بحث مباحثن جا ماهر عورت جي حقيقي نوعيت تي عورتن جي تحريڪن ۾ شامل ٿي چڪا هئا. عورتن جو مذاق اڏائيندڙ طنزيه مضمونن جي هڪ سلسلي جي اشاعت کانپوءِ انگلينڊ ۾ پهرين نسائي پمفليٽرنGen Ages جي نالي سان لکندي هئي، هنHer Protection For Women (1589) ڪتاب لکي عورتن جي دفاع ۾ هڪ مرتب ۽ منظم جواب ڏنو. جنهن راءِ ۽ رواج جو هڪ سلسلو هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهيو. عورتن ته مطالبا ڪرڻ شروع ڪيا هئا ته انهن کي آزادي، برابري ۽ فطري حقن ڏنا وڃن ۽ اهي حق ٻنهي جنسن تي لاڳو ڪيا وڃن. شروعات ۾ روشن خيال فلسفين سماجي طبقات ۽ ذات جي عدم مساوات سبب جنس جو هڪ خاص فرق رکيو. روشن خيالي جي دور ۾ مرد دانشورن هن تحريڪن اندر کوٽ، اصلاح پسند ۽ محدود دائري ڏانهن اشارو ڪيو.
آمريڪا ۾ فيمنزم ان وقت جڙيو جڏهن عورت آزادي ۽ برابري جي تصورن کي پنهنجي سماجي ۽ سياسي حالتن تي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن جي ڪمن انهن کي انگلينڊ ۾ جاري عورتن جي تحريڪن جي خاتمي سان ڳنڍيو، جيڪي ساڳين نتيجن تي پهچي رهيون هيون. 19 صدي جي وچ تائين نسوانيت جي مسئلن سماجي تبديلي جي گڙ ٻڙ ۾ اضافو ڪيو، خيالن جي ڏي وٺ سان يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ پهرين ڀيرو نسوانيت پسند تحريڪون هليون،Louis Otto (هڪ جرمن- فرانسيسي سماجي نظرياتي عورت) جنهنCharles Fourier جي ڪم جو حوالو ڏيندي چيو هو ته عورت جي حيثيت سان توهان ڏسي سگهو ٿا ته ڇا رياست جي هوا گندي ڌوڙ سان ڀريل آهي يا آزاد ۽ صاف آهي. جڏهن پيرس جي نسوانيت پسندن 1848 ۾ “لا ووڪس ڊيس فيمز” (عورتن جو آواز) جي عنوان سان هڪ روزاني اخبار شايع ڪرڻ شروع ڪئي هئي، پوءِ “لوئس ڊٽمار” هڪ سال بعد پنهنجي جرنل “سوزيل ريفارم” سان ان سلسلي کي جاري رکيو.
نسوانيت جي پهرين لهر کي چونڊن ۾ عورتن جي ووٽ ڏيڻ جي حقن جي جدوجهد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. 19 صدي جي آخر تائين هي هڪ عالمي تحريڪ بڻجي چڪي هئي ۽ ان وقت کان ‘نسوانيت’ ۽ ‘نسوانيت جون تحريڪون’ جا لفظ استعمال ٿيڻ لڳا. نسوانيت جي پهرين لهر 19 هين ۽ 20 هين صدي جي شروعات ۾ اڀري، جنهن عورتن جي قانوني حقن تي ڌيان ڏنو. اها هڪ عالمي تحريڪ هئي جنهن ۾ مظاهرا، اخبارون شايع ڪرڻ ۽ بين الاقوامي تنظيمون ٺاهڻ وغيره شامل هئا. 1920 جي ڏهاڪي تائين عورتن کي اڪثر يورپي ملڪن ۽ اتر آمريڪا ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل ٿي چڪو هو. ساڳئي وقت عورتون ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽين ۾ وڌيڪ سرگرم ٿي ويون هيون، ڇاڪاڻ ته وڌندڙ تعداد ۾ عورتن گهر کان ٻاهر ڪارخانن ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. عورتن کي پهريون ڀيرو 20 صدي جي شروعات ۾ يونيورسٽي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، جن وٽ ڪيريئر ۽ خاندان ٻئي هئا. ڪجھ ملڪن ۾ جڏهن فاشسٽ پارٽين اقتدار حاصل ڪيو ته نسوانيت جي تحريڪ تي پابندي لڳائي وئي هئي. ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کانپوءِ عورتن ٻيهر منظم ٿيڻ شروع ڪيو هو ۽ جلد ئي انهن کي (اڪثر يورپي ملڪن ۾) برابر سياسي حق حاصل ٿيڻ لڳا ها ۽ عورتن جي آزادي هڪ اهم مقصد بڻجي وئي هئي ۽ گهڻين عورتن کي نوڪريون وٺڻ، پنهنجن مڙسن کان خلع وٺڻ ۽ يونيورسٽي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي.
نسوانيت جي ٻي لهر مغربي يورپ ۽ آمريڪا ۾ 1970 جي ڏهاڪي تائين ٻيهر اڀري آئي هئي. جيتوڻيڪ نسوانيت جي هن ٻي لهر جو مقصد عورتن جي آزادي حاصل ڪرڻ هو، مختلف گروهن جا مختلف خيال هئا ته اهو ڪيئن ڪيو وڃي. لبرل نسوانيت پسند عورتن جي لاءِ بهتري ۽ برابري جا قانون ۽ حق چاهين پيا، اهي اسڪولن، گرجا گهرن ۽ ميڊيا جهڙن ادارن ۾ سڌارا چاهين پيا، پرRadical نسوانيت پسندن دليل ڏنو ته عورتن جي عدم مساوات جو بنيادي سبب پدر شاهي آهي، ڇو ته مرد هڪ گروھ جي صورت عورتن تي ظلم ڪن ٿا، پوءِ انهن مردن عورتن جي بنيادي حقن تي پڻ ڌيان ڏنو، خاندان ۾ تشدد ۽ ريپ بابت بحث ڪرڻ شروع ڪيا ۽ عوامي ميڙن ۾ پڻ ڳالهائڻ شروع ڪيو. سوشلسٽ نسوانيت پسندن دليل ڏنو ته اهو پدر شاهي ۽ سرمائيداري جو ميلاپ آهي، جيڪو عورتن تي ظلم جو سبب بڻجي ٿو. نسوانيت جي ٻئي لهر جي نتيجي ۾ سائنس جا نوان شعبا به پيدا ٿيا، جن ۾ عورتن جو يونيورسٽي ۾ پڙهڻ عام ٿي ويو، ادب، موسيقي ۽ سائنس ۾ عورتن جي ڪاميابين بابت ڪتاب شايع ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ عورتن جي اڳ ۾ اڻ لکيل تاريخ کي رڪارڊ ڪيو ويو. آخرڪار، عورتن جي تحريڪ عورتن جي حقن بابت بين الاقوامي دستاويزن جي مسودي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جهڙوڪ: انساني حقن جو عالمگير اعلان ۽ عورتن خلاف تفريق جي سڀني شڪلين جي خاتمي جي عنوان هيٺ 1979 ۾ هڪ ڪنوينشن(CEDAW) ڪوٺايو ويو.
نسوانيت جي ٽين لهر بنيادي طور تي 1990 جي ڏهاڪي ۾ آمريڪي تحريڪ جو حوالو ڏئي ٿي، جيڪا قدامت پسند ميڊيا ۽ سياستدانن جي نسوانيت جي خاتمي جو اعلان ڪرڻ يا پوسٽ فيمينزم جو حوالو ڏيڻ جي عمل جو رد عمل هئي، جنهن عورتن جي آزادي جي طرف پدر شاهي نظام جي منفي رد عمل کي بيان ڪيو. هي ڪو نئون رجحان نه هو، جو عورتن جي تحريڪن کي هميشه دشمني جو منهن ڏسڻو پيو، پر 1980 جي ڏهاڪي ۾ عورتن جي حقن تي حملن جي ادارتي شڪل مضبوط ٿي وئي. نسوانيت جي ٽين لهر کي اوور ليپنگ ڪيٽيگريز، جهڙوڪ: نسل، طبقو، جنس، جنسي رجحان، جي وڌندڙ شعور سان منسوب ڪري سگهجي ٿو، هن تحريڪ ۾ نسلي مسئلن تي پڻ وڌيڪ زور ڏنو ويو، جنهن ۾ دنيا جي ٻين حصن ۾ عورتن جي حيثيت (عالمي نسوانيت) شامل آهي. اهو هڪ اهڙو لمحو هو، جڏهن ڪيتريون ئي نسوانيت پسند غير سرڪاري تنظيمون قائم ڪيون ويون، پر عام نسوانيت پسند خيالن جي نمائندگي ڪرڻ جي دعويٰ ڪرڻ جي بدران اهي مخصوص نسوانيت پسند مسئلن تي ڌيان ڏنو. ٽين لهر نسوانيت پنهنجي خيالن کي فروغ ڏيڻ ۽ سرگرمين کي هلائڻ لاءِ ميڊيا ۽ پاپ ڪلچر کي فعال طور تي استعمال ڪري ٿي. اها تحريڪ نسوانيت کي ماڻهن جي روزاني زندگي جي ويجهو آڻڻ تي ڌيان ڏئي ٿي. مکيه مسئلا جن بابت ٽين لهر جي ڪري نسوانيت پسند پريشان آهن، جن ۾ جنسي حراساني، گهريلو تشدد، مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ پگهار جو فرق، کائڻ پيئڻ جي فراواني ۽ جسم جون تصويرون، جنسي ۽ پيدائشي حق، عزت جون دعوائون ۽ عورتن جي جينياتي عضون جي ڪٽائي. 2018 جي چوٿين لهر نسوانيت ٽين لهر جي نسوانيت جي تجويز ڪيل واڌ آهي، جيڪا 2012 جي آس پاس شروع ٿيندڙ نسوانيت ۾ دلچسپي جي ٻيهر اڀرڻ سان مطابقت رکي ٿي ۽ سوشل ميڊيا جي استعمال سان لاڳاپيل آهي. پروڊنس چيمبرلين جي مطابق، چوٿين لهر جو ڌيان عورتن لاءِ انصاف ۽ عورتن خلاف جنسي حراساني ۽ تشدد جي مخالفت آهي. “ڪيرا ڪوچرين” جي مطابق، چوٿين لهر جي نسوانيت، ٽيڪنالاجي طرفان بيان ڪئي وئي آهي، خاص طور تي فيس بڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام، يوٽيوب ۽ بلاگز جي استعمال سان منسوب ڪئي وئي آهي ته جيئن عورتن سان نفرت ۽ وڌيڪ صنفي برابري کي چئلينج ڪيو وڃي.
ڪتاب جي شروع واري مضمون “مادر سري نظام: عورت ۽ مرد جي برابري واري نظام جي تاريخ” مطابق پراڻي دور ۾ عورت به مرد جي برابر واري زندگي گذاريندي هئي، هوءَ روايتي طور تي ٻارن کي جنم ڏيندي هئي ۽ سندن پالنا به ڪندي هئي، پر هلندي هلندي مرد معاشري ۾ Dominant ٿي ويو، جنگيون، جهيڙا، ڏاڍائي، بادشاهتون، غلاميون، جسماني طاقت ۽ دليري شايد انهن سڀني مادر سري سماج تي غلبو آندو ۽ مرد جي غيرت جا زنجير وڌيڪ طاقتور ٿي ويا، جو هنن عورتن کي پنهنجي ملڪيت سمجهيو. هڪ هزار پنج سو سال اڳ جڏهن آريا هتي قابض ٿيا ته انهن پاڻ سان گڏ ديوتا آندا، پر هتي اچي هنن سنڌو تهذيب جون ديوتائون ۽ ديويون به پنهنجي پوڄا ۾ شامل ڪيون. مونجهارو اهو به آهي ته مذهبي ريتن ۽ رواجن يا اصولن ۽ قاعدن ۾ عورت جو درجو ڪجھ ٻيو هجي ٿو، جن وٽ مرد وٽ جنگي طاقت، قابض ٿيڻ جا سڀ حق ۽ واسطا، ۽ دنيا جي نظامن جون شڪليون تبديل ڪرڻ جا سڀ ڏانوَ هجن ٿا. پدر سري ۽ مدر سري جي رجحانن تحت معاشرن ۾ پوءِ هڪ سڌي ليڪ ڪڍي سگهجي ٿي، ڇو ته مغربي ۽ مشرقي معاشرن جي جوڙجڪ مختلف هجي ٿي، مثال طور: مغرب ۾ ٻارن جي پيءُ جو نالو نٿو لکجي ۽ مشرقي معاشرن ۾ ٻار جي پيءُ جو نالو لکڻ ضروري آهي، نه ته ٻار کي سڀ عيبدار سمجهندا آهن يا نفرت جي نظر سان ڏسندا آهن، پر مغربي معاشرن ۾ ٻار جي پيءُ جو نالو هجڻ ضروري ناهي، ان ڪري ته اتي ٻار جي لاءِ ضروري ناهي ته هو پيءُ يا ولديت لکرائي، ان ڪري عورت ۽ مردن جي معاشرن ۾ به ڪجھ فرق هجن ٿا. هن مضمون ۾ اها آس به ڪئي وئي آهي ته شايد مدر سري واري نظام جي واپسي ٿئي ۽ دنيا ٿي سگهي ٿو وري جنگين ۽ ارھ زوراين مان آزاد ٿئي.
“ميسو پوٽاميا جي تهذيب ۾ عورت ٻئي درجي جي مخلوق” هئي. مضمون مطابق ميسو پوٽاميا ۾ عورت تي سماجي ۽ اخلاقي ضبط هو ته هو پنهنجي مرد (مڙس) جي ٿي رهي، مڙس هن جون سڀ ضرورتون پوريون ڪندو، جيڪو مرد جو اخلاقي ۽ سماجي فرض آهي. عورت جي سُنڍ هجڻ جي صورت ۾ مرد کي اهو حق حاصل هو ته هو ٻي شادي ڪري ۽ پنهنجي خاندان جي سلسلي کي اڳتي وڌائي. 18 صدي قبل مسيح ۾ ميسو پوٽاميا (بابل) جي بادشاھ همورابي ڪجھ قانون متعارف ڪرايا جيڪي جبل تي لکيا ويندا هئا، (قانونن واري جبل جو اهو ٽڪرو هاڻي فرانس جي ميوزم ۾ موجود آهي) انهن قانونن موجب سلطنت ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪرڻ هو. تڏهن جنسي ڇڙواڳي جي سخت سزا هوندي هئي، ان دور ۾ عورت ۽ سندس عاشق کي ڏوھ ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ هٿ پير ٻَڌي درياءَ ۾ اڇلايو ويندو هو.
“عورت، انساني تهذيب جي بانيڪار” پدر سري نظام جي مضبوطي جي ڪري عورت جو ڪردار ڪمزور ۽ ثانوي رهندو آيو آهي، (جيڪو اڃان تائين جاري آهي) ان ڪري ته حاڪم رڳو مرد آهي، پوءِ ڪهڙو به معاشرو يا مذهب هجي، جنهن دور ۾ مرد شڪار ڪندو هو ته عورتون جَڙِي ٻُوٽين ۽ گاھ پٺي جو ڪم ڪنديون هيون. قديم تهذيبن ۾ جديد زرعي پيداوار جا اصول ۽ نمونا به عورت متعارف ڪرايا.
“چنگيز خان پنهنجي اغوا ٿيل زال سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟” واري مضمون ۾ جڏهن سندس زال پورتا خاتون کي اغوا ڪيو ويو (تڏهن وچ ايشيائي ملڪن ۾ ماين جو اغوا ٿيڻ عام ڳالھ هئي)، پر جڏهن سندس زال واپس آئي ته هڪ ٻار پيٽ ۾ کڻي آئي، جنهن تي سوال اهو هو ته اهو ٻار ڪنهن جو آهي؟ پر پوءِ به هن پنهنجي زال جي عزت ڪئي ۽ ٻار جي ڄمڻ کانپوءِ ان جي پالنا ۽ تربيت صحيح طريقي ڪئي. منگول خاندان جون عورتون خانابدوش قبيلن سان تعلق رکنديون هيون، ان ڪري اهي محنت ڪش ۽ آزاد خيال هونديون هيون. تيموري قبيلن چنگيزي خاندان مان شاديون ڪيون ۽ تيموري خاندان ۾ بزرگ عورتون فيصلا به ڪنديون هيون.
“تاريخ جو رنگين باب: لکنئو ۽ دهلي جون طوائفون” مضمون مطابق عورت جي آزادي معاشرن جي ترقيءَ جي ضامن هوندي آهي، پر لکنئو جي نوابي دور ۾ طوائفون تهذيبن ۽ تمدن جو اهڃاڻ بڻجي چڪيون هيون، اهي پان دان کڻي اڳيان رکنديون هيون، هن مضمون ۾ دهلي ۽ لکنئو جي اهڙي ڪلچر جي اپٽار ٿيل آهي. “سر سيد احمد خان عورتون جي تعليم جو مخالف ڇو هو؟” مضمون مطابق ته عورت جيستائين پنهنجي حقن کان ناواقف هوندي تيستائين وفادار، سلڇڻي ۽ تابع رهندي. جڏهن مولوي ممتاز علي عورتن جي خاص ميگزين ڪڍڻ جي ڳالھ ڪئي، تڏهن سر سيد احمد خان ان جي مخالفت ڪئي. ان دور ۾ سر سيد احمد خان جي همعصرن به عورتن جي مخالفت ۾ مضمون، شاعري ۽ ناول لکيا. انهيءَ مهم ۾ مولانا اشرف علي ٿانوي به گهڻو اڳڀرو هو، جنهن عورتن جي آزادي کي وڌيڪ سبوتاش ڪرڻ جي لاءِ “بهشتي زيور” لکيو ۽ مذهبي انتهاپسندي کي وڌيڪ اڀاريو، پر مغربي عورتاڻين تحريڪن جي ڪري هتي جي عورتن به جاڳرتا آئي ۽ انگريز دور کان وٺي هنن به پاڻ ملهايو. “انگريزن جو پنهنجي عورتن سان ڪهڙو ورتاءُ هو” هن مضمون مطابق انگريز عورتن کي خاص پروگرامن ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي، نذر نياز ۽ مزارن تي وڃڻ جي لاءِ وڏي طبقي يا انگريز عورتن کي اجازت نه هوندي هئي، اتي رڳو هيٺئين طبقي جو عورتون ڏسڻ ۾ اينديون هيون. “فيني پارڪس” جي مشاهدي مان ظاهر آهي ته هوءَ ڀارت جي رومانس ۾ غرق هئي، ان ڪري هن پنهنجي ڪتاب ۾ ڪابه منفي ڳالھ نه ڪئي (هن پنهنجي ڪتاب بيگمز، ٺگس اينڊ وائيٽ مغلز: جيڪو فيني پارڪس جي رسالن تي ٻڌل آهي جنهن کي وليم ڊيلريمپل ايڊٽ ڪيو آهي، جيڪو 1820 ۽ 1830 ڌاران لکيو ويو هو.
مضمون “جنت مان آدم ۽ حوا جو نڪرڻ” مطابق سامي مذهب وارا ماڻهو عورت کي خطرناڪ سمجهندا هئا، اهي سمجهندا هئا ته آدم جتي جنت ۾ سڪون ۽ راحت واري زندگي بسر ڪري پيو، اتي بيبي حوا جي ڀڙڪائڻ جي ڪري هو جنت مان تڙيو ويو، پر جان ملٽن به جڏهن “پيراڊائيز لاسٽ” ۾ به ساڳي ڳالھ ڪئي هئي ته مذهبي پيش آورن ان تي تهمتون مڙهيون، ڇو ته هن پنهنجي ڪتاب (شاعريءَ) ۾ شيطان کي هيرو پيش ڪيو هو، ان ڪري ته هو آدم ۽ حوا کي هارائي پاڻ کٽي ويو. ڪليسائن ۽ چرچ جي پريشر سبب ملٽن پنهنجي ساڳي خيال کي وري ڦيرائي ويو. ان کانپوءِ جي ڪجھ مذهبن ۾ عورت کي ديوي ڪري پوڄيو ويو آهي. (هڪ مزاحيا ڳالھ وانگي ته شيطان کي جيڪڏهن چئجي ها ته عورت کي سجدو ڪر ته شايد ڪري ها جو آدم جي آڏو جهڪڻ کان انڪاري ٿي بيهي رهيو. بهرحال “هندستاني مسلمان امير قيدي عورتن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هئا” واري مضمون ۾ ڀارتي اميرن وٽ ٻانڌياڻيون جام هونديون هيون، جيڪي ڪنيزون اميرن جي سماجي حيثيت جو آئينو هونديون هيون. هن وارتا تي مسز مير حسن جو تفصيلي ڪتاب Observations on the Mussulmauns of India 1832 ۾ شايع ٿيو هو. “قديم زماني ۾ هندستان شادي جون ريتون رسمون ڪهڙي ريت نڀايون وينديون هيون” هن مضمون ۾ مسز مير حسن جي ڪتاب جو ذڪر به آهي جنهن هندستان جي سماجي اوسر ۽ شادين جا ذڪر ٿيل آهن. 1857 واري جنگ ۾ ڀارتي عورتن به حصو ورتو جن ۾ جهانسي جي راڻي، لڪشمي ٻائي ۽ حضرت محل قابل ذڪر آهن. “جپسي عورتن جي پراسرار زندگي” مضمون مطابق جپسي پهرين اوڀر يورپ جي ملڪن ۾ آيا، اتان بازنطيني سلطنت ۾ ويا، پر اها سلطنت جڏهن ترڪن هٿان 1453 ۾ فتح ٿي ته اهي وري يورپي ملڪن ۾ پکڙجي ويا. جرمن ليکڪ البرٽ ڪرائيٽس 1520 ۾ لکيو ته جپسي (خانابدوش) گهڻي ڀاڱي پڪي ۽ ڪاري رنگ جا عجيب ۽ غريب ماڻهو هوندا آهن، جيڪي جانورن جهڙي زندگي گذاريندا آهن (يا هئا) ادريس صديقي پنهنجي ڪتاب “سنڌو واديءَ جي تهذيب” ۾ به ساڳيا تفصيل ڏنا آهن.
“گلن ۾ رنگ ڀريندڙ ايراني عورتون ۽ غلط بياني ڪندڙ يوناني تاريخ” مضمون مطابق ايراني تاريخ ٻن شاهي ڪٽنبن تي ورهايل آهن هڪ اخيمنائي ۽ ٻيو ساسائي، جن جي حڪومت 651 عيسويءَ تائين رهي، انهن پنهنجي حڪومت ۾ ڪابه تاريخ نه لکرائي، پر اهي شاهديون يوناني تاريخ مان ملن ٿيون. ايراني عورتون نه رڳو سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺنديون هيون، پر اهي جنگين ۾ پڻ شريڪ ٿينديون هيون. “رومي جمهوريت جي شروعات ڪندڙ هڪ عورت هئي” هن مضمون مطابق “سيزر ۽ پومپي” ۾ جڏهن جنگ ٿي ۽ پومپي کي شڪست ملي، سيزر جي قتل کانپوءِ سندس جانشيني اوپٽي وين اينٿني سان ٺاھ ڪيو ۽ ان کي مصر جو هڪ صوبو تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو، پوءِ هو راڻي قلوپطرا جي عشق ۾ مبتلا ٿي ويو. اوپٽي وين کيس روم گهرائي ٺاھ ڪيو ۽ پنهنجي ڀيڻ اوپٽويا جي شادي ساڻس ڪرائي ڇڏي، پر اينٿني قلوپطرا جي عشق ۾ ڦاٿل رهيو، جو هو اوپٽويا کي ڇڏي مصر هليو ويو ۽ جنگ ۾ شڪست کائي هن ۽ قلوپطرا 30 قبل مسيح ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو. هن مضمون ۾ يوناني ڪلچر جون ٻيون کوڙ ساريون ڳالهيون ساريون ويون آهن، جيڪي پڙهڻ وٽان آهن.
“قديم چين ۾ عورت کي گنهگار ڇو سمجهيو ويندو هو” هن مضمون ۾ چين جي اوائلي حالتن جا ذڪر ٿيل آهن، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته چين ۾ ڇوڪري جڏهن بالغ ٿي ويندي هئي ته ان جي ڳُتَ ٻڌي ان ۾ ڪلپ هنئي ويندي هئي ته جيئن ماڻهو سمجهن ته ڇوڪري بالغ ٿي وئي آهي. امير ڇوڪريون پالڪين ۾ سفر ڪنديون هيون ۽ غريب عورتون لٺ کڻي هلنديون هيون. 1046 ۽ 1100 قبل مسيح تائين چين ۾ مدر سري نظام يا بادشاهت جون ڪڙيون ملن ٿيون، جو “شانگ” خاندان جي راڻي جو مقبرو ان قبل مسيح واري دور ۾ ڳولهي لڌو ويو آهي. قديم چين جي تهذيب ۾ ڇوڪري جي شادي جي عمر مقرر نه هوندي هئي، انهن جي شادي ٻالڪپڻي ۾ به ڪئي ويندي هئي، ڇوڪري کي ڳاڙهي ڪرسي تي ويهاري مڙس جي گهر موڪليو ويندو هو ۽ عورت جو مڙس کان طلاق وٺڻ انتهائي معيوب سمجهيو ويندو هو. “تاريخ جو جبر ۽ عورت لاءِ غير انساني سزائون مضمون ۾ اوائلي سماج ۾ عورت تي ٿيل ظلمن جون ڪهاڻيون ڏنل آهن.
“ٻانهيون، مغل زاديون، محافظ ۽ شاهي محل جون ملازم عورتون” هن مضمون ۾ مغل بادشاهت ۾ عورتن جي مختلف ڪرتن جي ڳالھ اوريل آهي، جن ۾ عورتون محافظ به هونديون هيون ته مخبر به هونديون هيون، اهي شاهي نوڪري ڪرڻ کان وٺي گهرن جا ڪم ڪار به ڪنديون هيون. 1856 ۾ جڏهن “اوڌ” سلطنت جو خاتمو ٿيو ته اتي جا 80 هزار ملازم بيڪار ٿي ويا، جن ۾ عورتن جو تعداد گهڻو هو، جيڪي وري انگريز سرڪار جي دور ۾ ڪجھ وڌيڪ ڏکيائي ۾ اچي ويون هيون. “جادوگرياڻين جي پراسرار دنيا” يورپ ۾ گهڻي ڀاڱي ماڻهو وبائن ۽ جادوئن کان ڊنل هوندا هئا، ڇو اتي وبائن ۽ طائون جي بيمارين سبب 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا هئا. يورپ ۾ جڏهن به ڪو ڏڪار ۽ وبا پکڙبي هئي ته اهي سمورو الزام انهن جادوگراڻين ۽ پوڙهين مائين تي ڌريندا هئا ته انهن جي نحوست آهي جو اهي ملڪ بيمارين ۽ وبائن يا جادوئن جي وڪڙ ۾ آهن. چرچ به تڏهن انهن جي خلاف مهم تيز ڪري ڇڏي هئي، جو جڏهن ڪابه جادوگرياڻي ڪنهن به ڏوھ ۾ پڪڙبي هئي ته ان کي درياءَ ۾ اڇلايو ويندو هو ۽ ان جي ترڻ جي صورت ۾ ان کي بيگناھ سمجهيو ويندو هو ۽ ٻڏڻ جي صورت گنهگار سمجهيو ويندو هو. چرچ جي پادرين ان وارتائن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مانHammer of Witch Craft به هڪ آهي.
بهرحال ڪتاب ڏاڍو لاجواب آهي، سائين همسفر گاڏهي جي ٻين ڪتابن ۾ اسلامي تهذيب جي تاريخ (ترجمو)، تاريخ جا ستارا، (شخصيتون)، تاريخ جو مقتل گاھ (ترجمو)، سنڌ جي ڏاهپ کان انٽرويو ۽ ڪجھ ٻيا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب (عورتن جي تاريخ) ۾ عورتن جي حقن کان وٺي دنيا جي انقلابن جي ڳالهيون سرجيل آهن، جيڪي وري وري پڙهجن ۽ ان کان به وڌيڪ اها ڳالھ ته هي ڪتاب ترجمو ٿيل آهي ۽ ترجمي جي فن ۾ سائين همسفر گاڏهي ڏاڍو ڀلو نڀايو آهي ۽ اميد آهي ته سائين اهڙا ڪتاب ڏيندو رهندو، جنهن سان دنيا جي سياسي، سماجي حالتن ادب ۽ ان سان گڏ قومن جي تهذيبن ۽ تمدن جي اوسر خبر چار پوندي رهندي ۽ سائين الطاف لغاري جي مهرباني جنهن اهڙا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا.