هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز جو ڇپيل آهي، جيڪو ڊاڪٽر مبارڪ علي (تاريخدان) جو لکيل آهي ۽ ان جو ترجمو محترم همسفر گاڏهي ڪيو آهي. هي ڪتاب تاريخي مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 24 مضمون شامل آهن، هن ڪتاب جو مهاڳ به ڊاڪٽر مبارڪ علي (لاهور) لکيو آهي، ڪتاب ۾ پنهنجي پاران ۽ پبلشر (قمر آفتاب) جو نوٽ ۽ نصير ميمڻ جو بيڪ ٽائيٽل شامل آهن. ڪتاب جي مضمونن ۾ “مادر سري نظام: عورت ۽ مرد جي برابر واري نظام جي تاريخ، ميسوپوٽوميا جي تهذيب ۾ عورت ٻئي درجي جي مخلوق، عورت انساني تهذيب جي بانيڪار، عام ماڻهو جي تاريخ لکڻ ڇو ضروري آهي؟ چنگيز خان پنهنجي اغوا ٿيل زال سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ تاريخ جو رنگين باب: لکنئو ۽ دهلي جون طوائفون، سر سيد احمد خان عورتن جي تعليم جو مخالف ڇو هو؟ انگريز جو پنهنجي عورتن سان ڪهڙو ورتاءُ هيو؟ جنت مان آدم ۽ حوا جو نڪرڻ! هندستاني مسلمان امير قيدي عورتن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هئا؟ قديم زماني ۾ هندستاني شاديءَ جون ريتون رسمون ڪهڙي ريت نڀايون وينديون هيون؟ جنگ جو کاڄ رڳو عورت ڇو ٿي ٿئي؟ جپسي عورتن جي پراسرار زندگي! موئن جي دڙي جون عورتون جيڪي سونهن ۽ سوڀيا جو خاص خيال رکنديون هيون! گلن ۾ رنگ ڀريندڙ ايراني عورتون ۽ غلط بياني ڪندڙ يوناني تاريخ، رومي جمهوريت جي شروعات ڪندڙ هڪ عورت هئي، قديم چين ۾ عورت کي گنهگار ڇو سمجهيو ويندو هو؟ تاريخ جو جبر ۽ عورت لاءِ غير انساني سزائون! ٻانهيون، مغل زاديون، محافظ ۽ شاهي محل جون ملازم عورتون! جادوگراڻين جي پراسرا دنيا! پورهيت عورتن جو الميو، يورپي وچيئن دور ۾ گناھ ۽ بدي جي ذميوار عورت! چنگيز خان جيڪو سياسي معاملن ۾ زال کان صلاحون وٺندو هو! فرانسيسي انقلاب جنهن عورت کي سرگرم ڪيو جهڙا مضمون شامل آهن جيڪي انتهائي ڀلا ۽ ڀرپور ڄاڻ وارا آهن.