نئون

ڪالا باغ ڊيم جو پلان تيار فنڊ نه هجڻ جي شڪايت

واپڊا جي چيئرمين مزمل حسين ملڪ پاران پاڻيءَ جي وسيلن بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شڪايت ڪئي وئي ته ڪالا باغ ڊيم جو پلان تيار آهي پر ان لاءِ فنڊ موجود نه آهن. ڪاميٽي کي ڄاڻ ڏيندي واپڊا چيئرمين ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال جي حوالي سان انڪشاف ڪيو ته پاڻي ذخيرن جي حوالي سان اسان بدقسمت ملڪن جي لسٽ ۾ سرفهرست آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن ڀاشا ڊيم جي تعمير جو ڪم 2018 ۾ شروع نه ڪيو ويو ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا. چيئرمين اهو پڻ اعتراف ڪيو ته عالمي ادارن ڀاشا ڊيم لاءِ فنڊنگ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته 669 ميگا واٽ جي نيلم جهلم هائيڊرو پاور منصوبي جو 95.3 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي جيڪو فيبروري 2018 تائين مڪمل ٿي ويندو. چيئرمين تعمير لاءِ تيار ڊيمن جي فهرست پيش ڪئي جنهن ۾ ڀاشا ڊيم، تڪراري ڪالا باغ ڊيم سميت 11 منصوبا شامل آهن. واپڊا پاران ڄاڻايا ويو ته 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ۽ 4500 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندڙ گنجائش رکندڙ ڀاشا ڊيم جي تعمير ۾ 9 سال لڳندا. جڏهن ته 0.69 ايم اي ايف پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ 800 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي منڊا ڊيم جي تعمير ۾ 6 سال، 7100 ميگا واٽ جي رن آف رور واري بُنجي ڊيم جي تڪميل ۾ 9 سال لڳندا. جڏهن ته 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش رکندڙ تڪراري ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت جو مدو 6 سال ڄاڻايو ويو آهي. اجلاس ۾ پاڪستان انڊس واٽر جي ڪمشنر مرزا آصف بيگ انڪشاف ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي مطابق ڀارت اولهه جي دريائن تان وڌ ۾ وڌ 3.60 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي استعمال ڪري 7 لک ايڪڙ تائين زمين آباد ڪري سگهي ٿو، هن وقت تائين ڀارت هڪ لک ويهه کان هڪ لک چاليهه هزار ايڪڙ زمين آباد ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته ڀارت اولهه جي دريائن تي ڪوبه ڊيم تعمير نه ڪيو ۽ نه ئي ڀارت پاران پاڻيءَ جي فراهمي متاثر ٿئي ٿي باقي ڀارت سان اولهه جي دريائن تي هائيڊل منصوبن تي تڪرار آهن. هن ڪاميٽي کي ٻڌايو ته پاڪ ڀارت هر مهيني معاهدي تحت پاڻي ڊيٽا جي پڻ مٽا سٽا ڪن ٿا.