بلاگنئون

هولي

ڦڳڻ جي چانڊوڪين ۾ مارچ جي پڇاڙي ھجي يا اپريل جي اڳياڙي، پر جڏھن گلن ۾ رنگ ڀربا آھن، املتاس پنھنجي زرد اداسين باوجود ِسرھائي ۾ ھوندو آھي، گل مھر ڳاڙھن گلن سان ماحول ۾ چوڌار سُرھاڻ پکيڙي موسم جي تبديلي جو بگل وڄائيندو آھي ته ھولي ٿيندي آھي.
ھيءَ سنڌ ۽ ھند جي ھولي آھي، پر جي ھولي ايٽلانٽڪ پار آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ ٿيڻ جا سانباها ڪري ته سرؤ (Autumn) ۾ ٿيندي ڇو جو اُن پار فضا ۾ انڊلٺ جا رنگSeptember ۾ ئي ايندا آھن.
ھولي ۾ موسم جي اثر جو فطري رنگ ملي ٿو. من ۾ سرندي جون تارون ترنگ ڇڙين ٿيون. ھولي زرعي سماج جو ثقافتي پسمنظر رکي ٿي. بسنت رت ۾ جيون ڄڻ انڊلٺ جيان ٿي وڃي ٿو.
چيٽ ۾ ڦوٽهڙو ٿئي ٿو ۽ وڻن ٻوٽن ۾ گئونچ نسرن ٿا.
گسن ۽ گھيڙن ۾ هيءَ بهار جي مند هولي جهڙا رنگ روپ کڻي پورن ماسي جي ڏينهن ۾ ڦڳڻ جي آجيان ڪندي آھي.
Religious Epics
ڌرمي پُستڪ(Religious Epics) ڀڳوت پراڻ جي ستين چيپٽر ۾ لکيل آھي ته جُڳ پھرين جڏھن راجا ھرناڪش پاڻ کي ڀڳوان ڄاڻائي گھمنڊ ۾ خلق خدا تي ڏاڍايون ڪندو ھو ته سندس پُٽ ننڍڙي پرلاڌ سندس خدائي مڃڻ کان انڪار ڪيو ته راجا ھرناڪش مڇرجي کيس مارڻ جا جتن ڪندو ھو ته ڀڳوان وشنو سندس رڪشا ڪندو رھيو.
ھرنڪش جي ڀيڻ ھولڪا پرلاڌ کي مارڻ لاءِ سندس مدد ڪئي ۽ پرلاڌ کي ھنج ۾ ويھاري ٻرندڙ چتا تي چڙھي وئي، ھولڪا وٽ جادوئي چادر ھئي جيڪا سندس حفاظت لاءِ ھئي. انھي ارادي سان ته پاڻ ان تلسمي چادر ڪارڻ بچي ويندي ۽ پرلاڌ سڙي ويندو، پر وشنو جي مدد سان اھا جادوئي چادر اُڏري پرلاڌ مٿان پوندي آھي ۽ ھولڪا سڙي ويندي آھي ۽ پوءِ ڀڳوان وشنو ھرناڪش جو ناس ڪندو آھي جنھن جي ھڪ الڳ ڪھاڻي آھي.
ھيءَ روايت ظلم ۽ آڪڙ خلاف، حق جي باطل خلاف فتح جو ھڪ اھڙو واقعو آھي جنھن کي ياد ڪندي ھولي جي پھرين ڏينھن چتا ٻاري ھولي ساڙي ويندي آھي، اھا روايت چتا جي باھه ۾ ھولڪا کي ساڙي ھر ھر ورجائي ويندي آھي ۽ ھر سال ايندڙ ھولي ۾ پاپ کي ناس ڪري پڃ جي شروعات ڪئي ويندي آھي.
ھولي جو رومانس
پراچين ھندستان جي رومانوي ڪھاڻين ۾ ايم ايل وراد پانڊي (M. L Varadpande ) لکيو آھي ته:
جڏھن ماءُ يشودا ڏٺو ته سندس نند لالا ڀڳوان ڪرشن پنھنجي ڪاري رنگ ڪارڻ ڪنعيو، ڪشؤ ۽ ڪارو سڏجڻ لڳو ۽ راڌا جي سونھن ۽ ملوڪت کانئس مختلف ھئي. گوري راڌا ۽ ڪارو ڪنعيو سندن رنگن جو تضاد ماءَ يشوڌا کي فڪر مند ڪندو ھو.
يشودا ميا سي بولي نند لالا رادھا ڪيون گوري مين ڪيون ڪالا
يشودا ماءَ، نند جي لال ڪرشنا کي ستن رنگن سان ڀريل ٿالھي ڏئي ٿي، جيڪا پوءِ راس ليلا دوران ڀڳوان ڪرشن راڌا جي اڳيان آڻي چوي ٿو ، “جنھن رنگ ۾ تنھنجو شام توکي وڻي ٿو انھي رنگ ۾ تون مونکي رنگي ڇڏ.”
پنھنجي ئي رنگن ۾ محبوب کي رنگڻ جو نالو ھولي آھي.
اھڙي طرح ڪارو ڪنعيو ۽ گوري راڌا، ھولي جي ھڪ جھڙن رنگن ۾ رنگجي وڃن ٿا ۽ “تون ڪيون گوري مين ڪيون ڪالا” جو سوال بي معني ٿيو وڃي .
سڄو نظارو پڪاسو(Picasso) جي تجريدي آرٽ جو نمونو لڳي ٿو جنھن ۾ جيون ڪر کڻي انڊلٺ جي رنگن سان جھومي ٿو.
هوليءَ کي ڀل ته بنيادي طرح ڌرمي ڏڻ طور ملهايو وڃي، پر هولي جي رنگن ۾ سيڪيولر سوچ جا اولڙا نمايان نظر اچن ٿا.
هڪٻئي تي رنگ هارڻ جو مطلب زندگيءَ جي خوشين ۾ ٻين کي شامل ۽ شريڪ ڪرڻ آھي.
ھولي پريت جي ريت آھي، نسل پرستي ۽ فرقيواريت کي نندي ٿي. اهڙي طرح سماج جي مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻھن کي نه صرف خوشين ۾ شريڪ ڪجي ٿو، پر پنهنجو به ڪجي ٿو.
هوليءَ ۾ رنگن جي نغمگي ۽ مڌرتا جو احساس ٿئي ٿو. رقص ڪري ۽ رنگ هاري ماڻهو هڪٻئي سان خوشيون ونڊين ٿا. ان حوالي سان هولي متڀيد، اوچ نيچ ۽ تعصب جي خلاف ھڪ احتجاج به آھي.
عيد به ساڳي ھولي به ساڳي
پاڻ ٻنهي جي ٻولي به ساڳي
مون وٽ تو لاءِ مان وڏو آ
مذھب کان انسان وڏو آ