بلاگنئون

سانگهڙ جا پارڪ زوال جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيا آهن

ترقي يافته معاشرا پنهنجي شهرين جي ڀلائيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ زور ذهني سڪون ۽ سماجي ڀلائيءَ کي ڏين ٿا. انهن ملڪن ۾ تفريح لاءِ پارڪن جو هجڻ ڪا آسائش نه آهي، پر هڪ شهري جو بنيادي حق سمجهيو وڃي ٿو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ ۽ خاص طور تي سانگهڙ شهر جا شھري اڄ به اهڙي زندگيءَ کان محروم آهن، جيڪا انسان کي ٻن گهڙين جو سڪون ڏئي سگهي. سانگهڙ هڪ وڌندڙ شهر آهي، جنهن جي آبادي وڌندي وڌندي ٻن لک جي ويجهو پهچي چڪي آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا هن شهر جي سهولتن ۾ به ايترو اضافو ٿيو آهي؟ ڇا هتي شهري زندگيءَ جي گهرجن مطابق تفريحي سهولتون وڌايون ويون آهن؟ جواب افسوسناڪ حد تائين نه آهي.

1992ع وارو شاهه لطيف پارڪ سنڌ جي انهن ڪجهه پارڪن مان هڪ هو، جيڪي شهري سطح تي هڪ مثال هئا. هتي جانورن جا گهر، گلن ۽ ٻوٽن جي سجاوٽ ۽ هڪ منظم تفريحي ماحول موجود هو. ان دور ۾ جڏهن ٽيليويزن هر گهر ۾ نه هو، تڏهن پارڪ ۾ لڳل اسڪرين ماڻهن لاءِ هڪ نئين دنيا جي حيثيت رکندي هئي. اڄ اهوئي پارڪ گندگي ٽٽل ڦٽل بي ترتيبي ۽ کنڊرن جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. پارڪ جي موجوده حالت انتظاميه جي نااهلي ۽ مسلسل لاپرواهي جو واضح ثبوت آهي. چلڊرين پارڪ ٻارن کان محروم، انتظاميه جي بي ڌيان ٻارن لاءِ ٺاهيل واحد پارڪ پڻ مڪمل تباهيءَ جو شڪار آهي. ان ۾ نه صفائي آهي، نه روشني، نه سيڪيورٽي ۽ نه ئي صحتمند راندين جو ڪو مناسب بندوبست ٿيل. اهڙي صورتحال هڪ سوال ڇڏي ٿي ته ٻارن جي ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه لاءِ شهري ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن؟ ذميوار ڪير آهي؟ انتظاميه يا نمائندا؟ ضلعي ۽ ميونسپل انتظاميه عام طور تي مالي کوٽ، بجيٽ جي غير موجودگي يا فائيلن جي دير کي ذميوار قرار ڏئي ٿي، پر اهي مسئلا ڪيترن سالن تائين جاري رهندا؟ شهرين جي سهولتن جو سوال ڪنهن کاتي جي فائل ۾ قيد نٿو ٿي سگهي. ساڳئي وقت شهر جا چونڊيل نمائندا پڻ سوالن جي گهيري ۾ اچن، انهن جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي. شهري مسئلن تي سندن بي ڌياني حيرت انگيز آهي. سماجي ادارن جي خاموشي تي حيرت آهي. سياسي ۽ سماجي فلاحي ادارا شهر جي مسئلن تي آواز اٿارڻ بدران، مڪمل خاموش نظر اچن ٿا. شهرين جا مسئلا تڏهن حل ٿيندا، جڏهن سماجي دٻاءُ، ميڊيا جي نشاندهي ۽ شهرين جو گڏيل آواز انتظاميه کي مجبور ڪندو ته اها پارڪ جي بحاليءَ جي لاءِ قدم کڻي. ڇو ته گل ٻوٽا، ساوڪ انساني ذهن جي ڊپريشن کي گهٽائين ٿا، ٻار جڏهن قدرتي ماحول ۾ راند کيڏن ٿا ته فطرت جي ويجهو ٿي فطرت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سندن جسماني صحت بهتر ٿئي ٿي، ماحولياتي آلودگي کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا، نه صرف ايترو بلڪه اهڙا پارڪ سماجي ميل جول پيدا ڪن ٿا، نوجوانن لاءِ صحتمند رستو مهيا ڪن ٿا ۽ شهر جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪن ٿا. پارڪ کان محروم شهر اصل ۾ سماجي دل نه رکندڙ شهر بڻجي ويندو آهي. بهتريءَ جي لاءِ جيڪڏهن سنجيده قدم کنيا وڃن ته سانگهڙ جا پارڪ ٻيهر سرسبز ٿي سگهن ٿا. ڇو ته پارڪن جي جڳهه موجود آهي، پر انتظاميه صرف انهن جي لاءِ بجيٽ مقرر ڪري انهن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ سنجيدگيءَ سان قدم کڻي ته اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهي ٿو. شهرين کي به گهرجي ته جيڪڏهن حڪومت اسان کي اهڙي ڪا سهولت فراهم ڪري ٿي ته اسان به ان جي خوبصورتيءَ کي بحال رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. انتظاميه روزاني جي بنياد تي صفائي ۽ مرمت جي لاءِ عملو مقرر ڪري اسٽريٽ لائٽنگ بحال ڪري ۽ سماجي تنظيمن کي پارڪ ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. شهرين لاءِ فري فنڊ سرگرميون متعارف ڪرايون وڃن، جانورن جي گهرن سميت پراڻيون روايتون بحال ڪيون وڃن، پارڪ ڪنهن هڪ کاتي جي نه، پر سڄي شهر جي گڏيل ذميواري آهن. خاموشي ٽوڙڻ ضروري آهي، سانگهڙ جا پارڪ رڳو وڻن ۽ گلن جو مجموعو نه آهن؛ اهي شهرين جي زندگيءَ جو ساهه آهن. انهن جي تباهي، دراصل شهرين جي زندگيءَ جي تباهي آهي. شهر جي انتظاميه، چونڊيل نمائندن ۽ سماجي ڪميٽين لاءِ وقت اچي چڪو آهي ته هو اهو سوال پاڻ کان پڇن ته اهي پنهنجي ايندڙ نسلن کي ڪهڙو شهر ڏئي رهيا آهن؟ اسان قلم وارا پنهنجو فرض نڀائيندي اهو آواز اوچو ڪريون ٿا من ڪو جاڳي پئي.