پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اچانڪ جنگي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن پوري قوم کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته پهلگام واقعي سبب صورتحال سخت ڇڪتاڻ واري ٿي وئي آهي. ڀارت سنڌو طاس معاهدي تحت پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ پاڻي بند ڪرڻ کي پاڪستان پاران اعلان جنگ قرار ڏنو پيو وڃي. ٻئي پاسي ڀارت به وڌيڪ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ پاڪستان به جنگ لاءِ مڪمل تيار آهي. ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ائين پيو محسوس ٿئي ته جنگ شروع ٿي وئي آهي، جنهنڪري هڪٻئي کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. پاڪستان جي لڳ ڀڳ پوري قوم ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته جنگ ممڪن ناهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جنگ ٿي سگهي ٿي. جنگ نه ٿيڻ جو امڪان ان ڪري آهي جو پاڪستان هڪ ائٽمي ملڪ آهي ۽ ايٽم بم ملڪ جي حفاظت لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. ظاهر آهي ته جيڪڏهن جنگ لڳي ته ايٽم بم به استعمال ڪري سگهجن ٿا. ايٽم بم تڏهن ئي استعمال ڪيو ويندو جڏهن اهو سمجهيو ويندو ته جنگ ڊگھي نه ٿي سگهندي. ايٽم بم ٿوري وقت ۾ وڏي آبادي کي ختم ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڀارت ڪو اهڙو قدم کنيو ۽ پاڪستان کي ايٽم بم استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ته ڀارت پنهنجو وجود وڃائي ويهندو. هن وقت نه رڳو پاڪستان ايٽم بم استعمال ڪري سگهي ٿو، پر ڀارت پاڻ به ايٽمي طاقت استعمال ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ايٽمي جنگ شروع ٿي ته سڄو براعظم تباهي جي اثر کان محفوظ نه رهندو. زباني يا ميڊيا ذريعي دعوائون ڪرڻ هڪ ڳالهه آهي، پر حقيقتن کي منهن ڏيڻ ٻي ڳالهه آهي.