بلاگنئون

جلسا جلوس نه ڪجن ته پوءِ ڀلا ڇا ڪجي؟

گهڙي کن لاءِ مذهبي ميڙن کي پاسي تي رکجي، ڀلي پوءِ اهي ڪنهن به رنگ نسل، مت ڀيد، دين ايمان جا ڇو نه هجن، ڳالھه نڪتي آهي سياسي جلسن جلوسن جي، مارچ ۾ لانگ مارچن جي، سياسي ميڙن يا سياسي ملاکڙن جي، ته ڀلا سياسي پارٽيون جي جلسا جلوس نه ڪن، پارٽين جا جهنڊا نه لهرائن، اڀ ڏاريندڙ نعرا نه هڻن، ليڊرن جي ڳالھه نه ڪن، سياسي رنگارنگيون نه ڪن (پر پرامن طريقي سان ڇو ته ماڻهن جي ڪاوڙ سدائين سرڪاري مال تي هوندي آهي، ته ان کي ڀڃڻ، ڊاهڻ ۽ باھ ڏيڻ ۾ دير ئي ناهن ڪندا، ڇو ته اسان وٽ ماڻهو سرڪاري مال کي دشمن جو مال سمجهندا آهن) ماڻهن جي اندر ۾ جذبا، جوش ۽ جوالا نه جاڳائجن ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي همدردي ۾ نه جاڳائن ته پوءِ ڇا ڪن؟ ڇو ته سياسي اڳواڻ هلن ئي پنهنجن ڪارڪن جي آسري ٿا، اصولن اسان ته اليڪشن جي ڏينهن ۾ انهن ماڻهن کي ڪن ڏئي ٻڌندا آهيون جيڪي اسان جا ويجها مٽ مائٽ هوندا آهن، جيڪي وري مٿئين ليول تي وڏيرن يا سرمائيدارن سان مليل هوندا آهن. اهي پنهنجو ”مُلھه ڪَٿي“ انهن سان سڀ طئي ڪري ويندا آهن، پوءِ وري اسان جي وچ ۾ ويهي تقريرون ڪري ڪري انهن جي لاءِ محبت اڀاريندا آهن، پوءِ اسان جي لاءِ اهي ئي ”اليڪٽورل ڪاليج يا گروپ“ جي حيثيت رکندا آهن، جن جي مدد سان اهي وري مٿين (پنهنجن اڳواڻن) کي ووٽ جي خاطري ڪرائيدا آهن.

اصل ۾ اسان ڪو نظرياتي ٿورئي هوندا آهيون، جو ڪنهن پارٽي جي ايجنڊا کڻي نڪرون، اسان ته بس پ پ کي ووٽ ڏيون ٿا ته بس ڏيون ٿا، پوءِ ائين به ناهي ته پ پ جي اچڻ يا وڃڻ سان اسان جا اجها ڊهي پوندا يا ڪو ڏيوالو نڪري پوندو. پر ڳالھه اها آهي ته ڀلا بنا جلسن جلوسن جي انهن سياسي ورڪرن جي پرفارمنس ڪيئن ڏسجي، انهن جي سياسي بلي بلي ڪيئن ڪجي؟ جيڪي ڪي جيالا هجن ٿا، ڪي پٽواري هجن ٿا، ڪي يوٿيا هجن ٿا، ڪي مذهبي ڪارڪن هجن ٿا، ڪي اقليتي ته ڪي اڪثريتي هجن ٿا، پوءِ انهن جي لاءِ سياسي ميدان جي گهڙت ڀلا ڪجي ته ڪجي ڪيئن؟ ماڻهو سياست ڪيئن ڪن؟ اسان وٽ سول سوسائٽي ايڏي ”ايڪٽو“ ناهي، يا ڪڏهن ڪڏهن سوشل ميڊيا جي سياسي مهم جوئي جي پٺيان هٿ به انهن سياسي پارٽين جو هوندو آهي. اِهي اُهي ئي آهن جيڪي سوشل ميڊيا تي پنهنجا ماڻهو ويهاري ”ٽويٽ“ هلرائيندا آهن، ”فيسبوڪ“ تي مهم جوئي ڪندا آهن، اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي سوشل ميڊيا تي ڀڪ ٻاريون بيٺا هوندا آهن، ته پوءِ نهڪر ڪجي يا ها ڪجي يا ڀلا ڇا ڪجي؟ پر سياسي پارٽين جي لاءِ اشد ضروري هوندو آهي ته اهي مخالف به هجن، اهي موافق به هجن، اهي جيل به ڪاٽين، اهي ڪوڙا به کائين، اهي ڪورٽن جي آڏو پيش به ٿين، اهي ايجنسين جي آڏو به جوابده هجن، اهي ٻاهرين ملڪن ڏي به ڀڄن، اهي ڦاهي به چڙهن، جي اها به سياست نه ڪن ته پوءِ ڇا ڪن؟

حقيقت ۾ سڄي دنيا اهڙا زبردست احتجاج ڪندي رهندي آهي، جنهن ۾ ايڏي شدت هوندي آهي جو انهن جا مخالف ڪرسي ڇڏي ڀڄي ويندا آهن، جيئن مثال 2004 ۾ يوڪرين جي گاديءَ جي هنڌ تي هزارين لکين ماڻهو جمع ٿيا هئا جن جو پڻ اهو مطالبو هو ته اهي اتان جي صدارتي اليڪشن جي چونڊن جي نتيجي کي نٿا مڃين ۽ انهن جو پرزور مطالبو هو ته انهن چونڊن جي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي، انهن جو اهو احتجاج 12 ڏينهن تائين جاري رهيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ رياست مخالف ڌر جي اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ يوڪرين جي ماڻهن ۾ ماٺار آئي هئي، معنيٰ ڳالھه ٿي ڪجي ته سياست جي لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪرڻ ضروري آهن، نه ته انهن سان ناانصافي ٿيڻ جا ”چانسز“ وڌي ٿا وڃن، وري 14 جولاءِ 1789 ۾ ”فرنيچ انقلاب“ جيڪو مسلسل 10 سال لڳاتار بادشاهت جي خلاف هليو، اهو وڏو انقلابي احتجاج هو، اهو احتجاج لڳاتار ان شدت سان هلندو رهيو نيٺ انهن شدت پسند ماڻهن گورنر جي سر عام منڍي لاهي ڇڏي هئي ۽ ان لڳاتار بادشاهت جو خاتمو آندو هين، پوءِ اهڙا مثال تاريخ ۾ جام ملن ٿا جن جي شدت، اصول پسندي، پرزور سياست ۽ لڳاتار احتجاجن رنگ لاتو هو ۽ اهڙن  ڌرڻن ۽ جلوسن جي نتيجي ۾ کين ڪرسين تان لاهي گهر ڀيڙو ڪيو ويو هو يا پاڻمرادو گهر هليا ويا هئا يا اهي قوتون ملڪ بدري ڪري ڪرسيون ڇڏي ڀڄي ويون هيون ۽ تختو اونڌو ٿيڻ جي صورت ملڪ ۾ وري نظر نه آيون.

هونئن به سياسي احتجاجن جو ماضي وڏو شاندار رهيو آهي، اهي احتجاج ايترائي سوڀارا ٿيندا رهندا آيا آهن جهڙي جوش، جذبي، ولولي، جاکوڙ ۽ نيڪ نيتي سان ڪيا ويا هئا، ڀلا سياست جو اڻٽر حصو ته احتجاج ئي آهن پوءِ جي گهوڙا گهوڙا نه ڪجي ته ڇا ڪجي؟ سياسي تاريخ ۾ جلسا ته عام آهن جيڪي ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن ليڊرن جي چوڻ تي يا هڪڙي سڏ تي ڇڪي ٿا اچن، اهي ماڻهو نه ٿا ڏسن مينهن نه جهڙ نه آنڌي نه مانجهي، بس اڳواڻن جي هڪ سڏ تي لبيڪ چئي نڪري ٿا پون، لاهور ۾ (آچر جي ڏينهن تي) 31 آڪٽوبر 2011 تي تحريڪ انصاف جو وڏو جلسو مينار پاڪستان وٽ ٿيو هو، جيڪو سياسي تاريخ جو تمام وڏو جلسو هو، پر پوءِ به پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻئي نمبر تي ليکيو ويندو آهي، ان جلسي ۾ پي ٽي آءِ وارن کي اهو به خطرو هو ته ڪٿي نون ليگ وارا هن جي جلسي کي ناڪام نه ڪن، ڪٿي اهي بجلي جا مسئلا نه ڪن، ڪٿي اهي مخالف هن جي مٿان اهڙي ڪا حرڪت نه ڪن جنهن سان هن جي ساک کي نقصان پهچي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو هن جي سجايل پنڊال ۾ جتي وڏا وڏا ”سائونڊ سسٽم“ لڳل هئا جتي هنن وڏا وڏا ”پروجيڪٽير“ ۽ وڏا اسڪرين لڳل هئا ته جيئن هنن جي جلسي جي واھ واھ ٿئي، ماڻهو ”اٽريڪٽ“ ٿين جيئن ماڻهن ۾ اهڙو جوش ۽ جذبو پيدا ڪري سگهجي، ۽ هي نواز شريف کي ناڪامي جا منهن ڏيکارن، جيئن انهن نواز شريف جي حامين ۾ چڙ پيدا ڪري سگهجي، ڇو ته ماڻهن جو ووٽن وارو مائينڊ سيٽ مٽائي سگهجي، جيئن ماڻهن کي اهو سمجهائي سگهجي ته هو هاڻي پنهنجا ووٽ نواز شريف جي بدران خان جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائين.