بلاگنئون

ايس آئي يو ٽي (SIUT) اسپتال ۽ اديب رضوي جون خدمتون

1، نومبر 2023 تي جڏهن آپريشن جي تاريخ وٺڻ لاءِ ڪراچي جي سنڌ انسٽيٽوٽ آف يورالاجي ايڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) ويو هئس ته اتي SIUT طرفان ڇپرايل هڪ پوسٽر تي نظر پئي، جنھن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي هڪ خيالي تصوير ٺھيل هئي ۽ ان ۾ لکيل عبارت بلڪل حيران ڪندڙ هئي ته:
صوفی بزرگ حضرت شاہ عبد اللطيف بھٹائی رحه کی عظمت کو سلام پیش کرتے ہیں آج تمام مریض اس عظیم شخصیت کی یاد میں دیکھے جا رہے ہیں. “منجانب SIUT”
مون واپس اچڻ بعد ڊاڪٽر اديب رضوي جي زندگيءَ جو گھرائيءَ سان مطالعو ڪيو ته هو بنيادي طور امير گهراڻي جو ٻار هو، جنھن کي پنھنجي تعليم سان گڏ ادب سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، ان ڪري هي محمود رضوي مان اديب رضوي سڏجڻ لڳو جنھن ابوالڪلام آزاد جي هيٺين لفظن کان متاثر ٿي “مفت ۾ پر سچائي سان غريبن جي صحت جي معاملي ۾ خدمت ڪرڻ ئي اصل انسانيت آهي” وارا جملا پڙهڻ بعد هن عزم ڪيو ته هو غريبن جي خدمت ڪندو، ان ارادي کي دل ۾ سانڍي هن ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪري ۽ خاص گڙدن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان ڊگري وٺڻ بعد هن پرائيويٽ ڪلينڪ کولڻ بجاءِ سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪئي ۽ 1971 ۾ سول اسپتال جي ٻن ڪمرن ۾ 8 بسترن تي گڙدن جي اسپتال قائم ڪئي، جيڪا اسپتال 1985 ۾ 800 بسترن تائين وڌي وئي. هن وقت مليل معلومات مطابق 15 سئو کان مٿي ۽ هڪ تمام وسيع اسپتال قائم ٿي چڪي آهي ۽ ڪيترائي ٽرانسپلانٽيشن جا ڪيس پڻ ٿي چڪا آهن، ان کان علاوه روزانو هڪ هزار کان مٿي مريضن جو علاج ٿئي ٿو.SIUT وڃڻ کان اڳ مون پنھنجي سياسي، سماجي صحافي ۽ ڊاڪٽر دوستن کان سفارش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن آساني سان مسئلا حل ٿي سگهن، پر هر ڪنھن دوست مونکي اهو چيو ته SIUT واحد سرڪاري اسپتال آهي، جتي سفارش کي قبول نٿو ڪيو وڃي. رياض مان منھنجي دوست گل ملاح فون ڪري چيو ته منھنجا سائين ولي رام ولڀ جي نياڻي سان سٺا تعلقات آهن، پر اهو به چوندو آهي ته غريب کان امير ماڻهو کي مقرر ڪيل طريقي سان ئي اچڻو پوندو، ٿيو به ايئن جيئن ٻڌو هيم يا جيئن ٻڌايو ويو هو، باقي مونکي SIUT جو طريقو ايترو ته پسند آيو جو مونکي تمام مرحلن پار ڪرڻ ۾ ڪا به پريشاني نه ٿي، بلڪه وقت جو به احساس نه ٿيو ۽ تمام اسٽاف تمام گهڻو تعاون ڪرڻ وارو هو. مليل ڄاڻ مطابق ميلن ۾ پکڙيل هيڏي وڏي اداري جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ اديب رضوي سرڪار کان مدد وٺڻ بجاءِ پنھنجي دوستن کان مدد ورتي. توھان کي اھو پڙهي اچرج لڳندو تہه پنجاب سرڪار اديب رضوي تي پيار ۽ دٻاءَ ذريعي زور ڀريو هو ته اها گڙدن جي اسپتال ڪراچي ۾ نه، پر پنجاب ۾ کولي جنھن لاءِ اديب رضوي کي خوفزده ڪرڻ ۽ مڃائڻ لاءِ ان وقت جي دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم کي به استعمال ڪيو ويو هو، پر هن چيو ته مون سنڌ جي غريب ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِSIUT جو مرڪز ڪراچي ۾ ئي مقرر ڪيو آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ ئي رهندو، پر وڌي ڪري اديب رضوي SIUT جون شاخون سنڌ جي شھر سکر، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور ميرس ۾ به قائم ڪيون آهن، جتان جا مخير ماڻهو قائم شاخن جي وڏي مدد ڪري رهيا آهن، اديب رضوي سنڌي ماڻهن سان عشق جو ثبوت ته ڏنو آهي، پر سندس ڀاءُ ڊاڪٽر محبوب الحسن المعروف ايم ايڇ رضوي اکين جو ماھر ڊاڪٽر جنھن جنرل ضياءُ الحق جي اکين جو علاج ڪيو هو، جنھن ڪري جنرل ضياءَ ڊاڪٽر ايم ايڇ کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. ٻئٔي ڊاڪٽر ڀائر پنھنجي فن ۾ ڪمال جا ماھر آھن. کيرٿر ۾ ٺاھيل اکين جي اسپتال قطر جي امير اکين لاءِ ڊاڪٽر ايم ايڇ کي کيس شڪار ڪرائڻ جي بدلي ۾ ٺھرائي ڏني هئي، ان وقت ڊاڪٽر صاحب سنڌ وائيلڊ لائيف بورڊ جو اھم ميمبر ھو، عبدالله شيخ ڪوهستاني جي کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ هڪ پروگرام دوران مرحوم سوڀو خان رند سڀني دوستن جي مان ۾ مانجهاندي جي دعوت ڪئي هئي، ان موقعي تي مرحوم حاجي صوڀو خان رند ڪرچات جي جبلن جي وچ ۾ قائم اسپتال متعلق تعريفي لفظن سان ذڪر ڪيو هو ته ايم ايڇ رضوي هن ويران جبل جي وچ ۾ قائم ڪيل اکين جي اسپتال ۾ غريبن جو مفت علاج ڪندو هو ۽ سريلنڪا مان ايندڙ اکيون نابينن کي لڳائي دعائون پڻ حاصل ڪيائين. هن ٻڌايو هو ته هن کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ جانورن جي پاڻيءَ جو اعليٰ انتظام ڪيو هو، جنھن خدمتن کي ڪوھستان جا ماڻهو ڪڏهن به وساري نه سگهندا، ان سلسلي ۾ ان وقت جي وائيلڊ لائيف آفيسر غلام سرور جمالي پڻ تصديق ڪندي احوال کان واقف ڪيو هو ته واقعي ڏڪار جي وقت ۾ جڏهن هرڻ اڃ سبب مري رهيا هئا ته ڊاڪٽر ايم ايڇ رضوي کوھه ۾ بيٺل پاڻي کي پائيپن ذريعي 400 فوٽن تائين ڇڪي جانورن تائين پاڻي پڄائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جڏهن ته مون (غلام سرور جمالي وائيلڊ لائيف آفيسر) ڪنھن ڪمپنيءَ جي مدد سان 5 ڪلو ميٽرن تائين جانورن کي پاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جمالي صاحب ۽ ملڪ علاءُ الدين مونکي مختلف ٿيل ڪچھرين دوران ٻڌايو هو ته ايم ايڇ رضوي جي ايترين خدمتن جي باوجود دادا ڀائي خاندان جي هڪ فرد صمد دادا ڀائي جي اغوا ٿيڻ بعد (جنھن جي مِٽي مائٽي ان وقت جي گورنر اشرف ڊبليو تاباني سان هئي) سڄو الزام ڊاڪٽر ايم ايڇ رضوي تي لڳڻ ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو، جنھن جي آزادي لاءِ آمريڪا ۽ ضياءَالحق جي زوربار تي ڊاڪٽر ايم ايڇ کي آزاد ته ڪيو ويو، پر ڪرچات جي جبلن ۾ قائم غريبن جي اکين جي اسپتال ٻيھر کُلي نه سگهي، پر ڊاڪٽر اديب رضوي SIUT اسپتال ٺاهڻ ۾ جيڪو ڪارنامو انجام ڏنو آهي، ان کي ڏسي ڪري اڄ تاريخ اديب رضوي کي ته سونھري اکرن سان لکي رهي آهي، پر جيڪي سنڌ جا سياستدان سنڌي ماڻهن جي ووٽ تي سنڌ جي اسيمبلي تائين پڄندا آهن ۽ اهي سنڌي عملدار جيڪي اعلي ادارن جا ابا بڻجڻ باوجود غريب سنڌي ماڻهن لاءِ ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهڻ تي سڀاڻي تاريخ انهن کي يزيد ۽ سفاڪ حاڪمن جي قطار ۾ بيھاريندي.
اصل ۾ اديب رضوي ننڍ پڻ ۾ سرڪار جا ٿيندڙ ظلم ڏٺا ان ڪري هن ان وقت جي انقلابي شخصيتن کان متاثر ٿي خود انقلابي شاعري ڪئي ۽ ڪيترائي مضمون لکيا ۽ سنڌ ۾ شعوري اک کولڻ بعد هو ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي صحبت ۾ رهيو ۽ سنڌ جي حالتن کان واقف ٿيو ۽ يقينن ڪامريڊ جي صحبت هن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي انقلابي شاعري کان واقف ڪيو هوندو، جيڪا سوچ ۽ جذبو ديوار تي لڳل پوسٽر مان روشن سج جيئان ظاهر نظر پئي اچي. الله سائين اهڙن ئي انسانن کي مرڻ کان پوءِ زنده رکندو آهي ۽ اهڙن نيڪ انسانن جي صدقي ھيءَ دنيا اڃا آباد آهي جنھن لاءِ خود ڀٽ ڌڻي فرمايو ته:
هوندا سي حيات، ڪَلُ جُڳُ منجھه ڪاپڙي