سماجي ترقيءَ جي تاريخ فطرت جي تاريخ کان بنيادي طور مختلف آهي. جيڪڏهن اسان انسان جي فطرت تي اثر کي نظرانداز ڪيون ته صرف انڌيون ۽ غير شعوري قوتون هڪٻئي تي عمل ڪن ٿيون ۽ انهن جي ئي گڏيل عمل سان عام قانون ڪم ڪن ٿا. فطرت ۾ جيڪي ڪجھه به هوندو آهي، اهو ڪنهن شعوري مقصد جي تحت ناهي ٿيندو، چاهي اهو اسان کي ظاهري حادثن جي صورت ۾ نظر اچي يا پچاڙي ۾ اهڙن نتيجن جي صورت ۾ سامهون اچي، جيڪي انهن حادثن جي پٺيان موجود باقاعدي قانون کي ظاهر ڪن ٿا، پر سماج جي تاريخ ان جي ڀيٽ ۾ مختلف هوندي آهي. ڇو ته اتي اهم ڪردار ادا ڪرڻ وارو انسان هوندو آهي، جن وٽ شعور هوندو آهي. اهي سوچي، سمجهي يا ڪنهن جذبي جي تحت عمل ڪن ٿا ۽ ڪنهن نه ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. سماج ۾ ڪو ڪم بنا شعوري مقصد جي ناهي ٿيندو، پر ان فرق جي باوجود اها حقيقت تبديل نٿي ٿئي ته تاريخ جو وهڪرو به اندروني عام قانون تحت هلندو آهي. جيتوڻيڪ هر فرد پنهنجي مقصد لاءِ ڪم ڪري ٿو، پر مجموعي طور تي اڪثر ائين لڳي ٿو ته تاريخ ۾ حادثن جو راڄ آهي. اڪثر ائين ٿيندو آهي ته جيڪي ماڻهو چاهين ٿا اهو ناهي ٿيندو. مختلف ماڻهن جا مقصد هڪٻئي سان ٽڪرائجي وڃن ٿا يا انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جا وسيلا ڪافي ناهن هوندا.
انهيءَ ريت تاريخ ۾ بيشمار فردن جون خواهشون ۽ عمل پاڻ ۾ ٽڪرائجي ڪري اهڙا نتيجا پيدا ڪن ٿا، جيڪي فطرت جي لاشعوري عمل سان ميل ميلاپ رکن ٿا. ماڻهو ڪنهن مقصد تحت عمل ڪن ٿا، مگر انهن جي عملن جا نتيجا اڪثر اهي ناهن هوندا، جيڪي هنن کي گهربل هوندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪڏهن نتيجا مقصد جي مطابق نظر به اچن ته نيٺ انهن جا اثر بلڪل مختلف نڪري سگهن ٿا. انهيءَ سبب کان تاريخي واقعا ظاهر ۾ اتفاق يا حادثي جا پوئلڳ نظر اچن ٿا. ليڪن حقيقت ۾ انهن جي پٺيان سدائين ڪجھه اندريان ۽ لڪل قانون هوندا آهن، جن کي دريافت ڪرڻ ضروري آهي. انسان پنهنجي تاريخ پاڻ ٺاهين ٿا. هر شخص پنهنجي شعوري مقصد جي مطابق عمل ڪري ٿو. تاريخ اصل ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مختلف پاسن ۾ ڪم ڪرڻ وارين خواهشن ۽ انهن جي ٻاهرين دنيا تي اثرن جو مجموعو هوندي آهي. انسان جي خواهش ڪڏهن جذبي سان ۽ ڪڏهن سوچ ويچار سان پيدا ٿيندي آهي. انهن خواهشن جي پٺيان مختلف قسمن جا عوامل ٿي سگهن ٿا: ٻاهريون شيون، نظرياتي سبب، ارادا ۽ خواهشون، سچ ۽ انصاف جي لاءِ جذبو، ذاتي دشمني يا صرف ذاتي خواهشون، پر اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ماڻهن جي خواهشن جي نتيجي ۾ اهي نتيجا پيدا نٿا ٿين، جيڪي هنن کي گهربل هوندا آهن. ان لاءِ مجموعي تاريخي نتيجي جي مقابلي ۾ فردن جي ذاتي سببن جي اهميت گهٽ ٿي وڃي ٿي.
هتي هڪ ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو، نيٺ اهي ڪهڙيون اصل قوتون آهن، جيڪي انسانن جي انهن سببن جي پٺيان ڪم ڪن ٿيون؟ ڪهڙيون تاريخي قوتون آهن، جيڪي انسانن جي ذهن ۾ انهن خيالن کي پيدا ڪن ٿيون؟ پراڻي ماديت پسند فلسفي ان سوال کي ناهي اٿاريو. ان جو تاريخي نظريو نهايت سادو هو. اهو تاريخ ۾ ماڻهن کي صرف ٻن گروهن ۾ ورهائي ڇڏي ٿو. سٺا يا خراب ۽ اڪثر اهو نتيجو ڪڍيو ويندو هو ته خراب ماڻهو کٽي وڃن ٿا. ان ريت تاريخ جو مطالعو ان نظريي جي مطابق وڌيڪ فائديمند نٿو رهي. ليڪن اسان جي راءِ ۾ مسئلو اهو آهي ته پراڻو ماديت وارو فلسفو انسانن جي نظرياتي سببن کي ئي اصل سبب سمجهي ڇڏي ٿو ڏئي. جڏهن ته اهو ڏسڻ جي ڪوشش نٿو ڪري ته انهن سببن جي پٺيان اصل قوتون ڪهڙيون آهن. اسان تاريخ جي اصل محرڪ قوتن جي تحقيق ڪريون ٿا. چاهي اهي شعوري هجن يا لاشعوري ته اسان کي صرف ڪجھه وڏين شخصيتن جي زندگين تي اثرن جي سببن تي نه، بلڪه انهن سببن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي وڏين عوامي پارٽين، سمورين قومن ۽ سماجي طبقن کي حرڪت ۾ آڻين ٿيون. اها چرپر وقتي ناهي هوندي، جيئن سڪي گاھ جي باھ جيڪا تڪڙي اجهامي ويندي آهي، بلڪه هڪ مسلسل عمل هوندو آهي، جيڪو وڏين تاريخي تبديلين کي جنم ڏيندو آهي. ان ڪري ضروري آهي ته اسان انهن اصلي قوتن کي سمجهون، جيڪي عوام ۽ انهن جي اڳواڻن جي ذهنن ۾ خيالن جي شڪل اختيار ڪن ٿيون. اهوئي طريقو اسان کي تاريخ جي انهن قانونن تائين پهچائي سگهي ٿو، جيڪي مختلف دورن ۽ مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ جيڪي پوءِ اڳتي هلي تاريخ تبديل ڪن ٿا.