سناتن ڌرم (Sanatan Dharma) ۾ “ڏهه ڏينھن جو سڀ کان ڪٺين چلو” عام طور تي “نورا تري/نورا تپا”(Navratri Tapasya) يا ڪن حالتن ۾ “دش مها ورت” جي روپ ۾ ڪيو ويندو آھي. مختلف روايتن ۽ سمپراين(sect) ۾ ان جا مختلف روپ ملن ٿا. تنهن هوندي به سڀ کان مشهور ۽ سخت ڏھ ڏينهن واري ساڌنا “نورا تري” سان لاڳاپيل آهي. ان کان وڌيڪ سناتن ڌرم ۾ مختلف چلن، تپسيا، عبادت رياضتن سان گڏ ٻارھن ڏينھن وارو سڀ کان ڪٺين چلو به مشھور آھي، جنھن جو شاھ صاحب سر رامڪلي ۾ چلي جو ھڪ ھڪ ڏينھن ٻڌايو آھي، سناتن ڌرم ۾ “ٻارهن ڏينهن جو سڀ کان ڪٺين چلو” مختلف روايتن ۾ “دوادشي ورت” (Dwadashi Vrat)، “انوشٿان” (Anushthan) يا “تپسيا جا 12 ڏينهن” تي مشتمل آهي، جنھن ۾ اهڙي سخت ساڌنا ڪئي ويندي آهي. ڪجهه ساڌو، سامي، ميتر هن کي خاص طور تي ڀگوان شو يا وشنو سان مارنگ قرار ڏين ٿا.
شاھ صاحب ھندو ازم جي انهن ٻارنھن ڏينھن واري سڄي چلي کي ڳايو آھي، جنھن ۾ ھو چوي ٿو ته: جوڳي مھيشور چار ئي پھر درد ۾ گھارين ٿا، سندن ميريون رسيون وٺي جسم جڪڙين ٿا ۽ جٽائون (وار) ڪنھن ڍنگ سان وٽيل ۽ ويڙهيل اٿن، ھو دونھيون دکايو، ڌيان ۽ گيان ۾ رھڻ وارا سارو ڏينھن توڙي رات سرير ڀڀوت مٽي مير سان ڀريل اٿن، پر ھنن جو ڌيان اوڏانھن ڪين ٿو وڃي ٺاٺ باٺ لئي نوان لٽا لباس ھنن لاءِ بي معنيٰ آھن، سندن روح رام سان پوتو پيو آھي، ھو جڳ ۾ لڪا وتن ٿا، سندن نيڻ ھميشه اوجاڳي ۾ ٿا رھن، ھو گرو جي گس تي ھلڻ لاءِ ڏکيائون سھي آتمڪ منزل تي رسن ٿا ۽ پوءِ آديسي مانائتا ٿين ٿا، جيڪي گرو جي ڏيکاريل مارگ تي ھلي نيٺ وڃي سندس سنمک ۽ سڦلتا پراپت ڪن ٿا.
ٻارهن ڏينهن واري تپسيا 12-Day Tapasya هن چلي جي خاصيتن ۾ لڳاتار 12 ڏينهن تائين سخت روزا (ڪڏهن صرف پاڻي يا کير) اڪيلائي(Isolation) ۽ خاموشي(Silence) مسلسل منتر جاپ(chanting) يوگ، ڌيان (Meditation) ۽ جاڳڻ دنياوي خواهشن کان مڪمل پرهيز رکڻ سميت ڪجهه ساڌو چلي دوران زمين تي ويهندا آھن يا هڪ ئي جاءِ تي رهندا آهن. اهو چلو تمام ڪٺين ان ڪري آھي جو ڊگهي عرصي تائين بک ۽ جسماني ڪمزوري، ذهني دٻاءُ ۽ اڪيلائي، ننڊ گهٽ ڪرڻ، جسم ۽ ذهن ٻنهي کي قابو ۾ رکڻ جھڙا ڏکيا عمل شامل آھن، ان ڪري هن کي “تپسيا” (سخت رياضت) جو اعليٰ درجو سمجھيو ويندو آهي. سوال آھي؟ چلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ هندو فلسفي مطابق، اهڙي چلي کانپوءِ روحاني طاقت(Siddhi) حاصل ٿئي ٿي، اندروني سڪون (Peace) ۽ ڌيان ۾ واڌارو ٿئي ٿو، ڀڳوان خدا جو خاص ڪرم(Blessings) ملي ٿو، ڪجهه ساڌو دعويٰ ڪن ٿا ته انهن کي “الهامي ڄاڻ” ملي ٿي. يعني انسان جو نفس مضبوط ۽ ذهن صاف ٿي وڃي ٿو. ٻيو سوال آھي، چلو ڪاٽڻ واري کي ڇا چيو ويندو آهي اهڙي سخت تپسيا ڪندڙ لاءِ مختلف نالا آهن مثال طور: تپسوي (Tapasvi) جيڪو سخت تپسيا ڪري، ساڌو(Sadhu) جيڪو روحاني انسان ھجي، يوگي(Yogi) يوگ ۽ ڌيان ڪندڙ ھجي، ڀڪت (Bhakt) ڀڳوان خدا جو پوڄاري چلي جون ڪجھه اهم ڳالهيون 12 ڏينهن جو چلو هر ماڻهو لاءِ لازمي ناهي، اهو عام ماڻهن کان وڌيڪ ساڌن(ascetics) يا يوگين طرفان ڪيو ويندو آهي، ڪجهه حالتن ۾ اهو 12 ڏينهن نه، پر 21، 40 يا 108 ڏينهن تائين به وڌائي سگهجي ٿو، پر اصل متن ۽ مقصد ٻارھن ڏينھن جو آھي، ھن جي فلسفياڻي سڌ سمجھه ۾ هي چلو اصل ۾ “نفس تي ضابطو” ۽ “اندروني پاڪيزگي” حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي، جتي انسان پنهنجي خواهشن، خوفن ۽ جسماني حدن کي آزمائي ٿو. ھتي ھاڻي لطيف سرڪار ان سنياسي يوگين جي ان ٻارنھن ڏينھن واري چلي جي ڳالھه ڪري ٿو، پھرين ڏينھن کان ٻارھين ڏينھن تائين، ( پَھرين ڏِينھن پَرُوڙَ) جي شروعات کان (ٻارھين ڏِينھن ٻَئِي) جي مڪمل تذڪري کي ھيٺ پيش ڪجي ٿو، ھن سر رامڪلي ۾ سنڌ جي عظيم فڪر رکندڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ روحانيت کي صرف مذهبي احساس طور نه، پر هڪ نفسياتي (Psychological) ۽ سائنسي(Scientific) عمل طور پيش ڪري ٿو. سنياسي يوگين جو “ٻارهن ڏينهن وارو چلو”، جنهن جي شروعات “پهرين ڏينهن پَروڙ” ۽ انجام “ٻارهين ڏينهن ٻَئِي” تي ٿئي ٿي. اصل ۾ انساني ذهن ۽ جسم جي تدريجي تبديليءَ جو هڪ منظم عمل آهي. پھريون ڏينهن “پَروڙ” شعور جي بيداري (Cognitive Awakening) کي ساليم ڪري پيش ڪري ٿو.
ڪَيَمِ ڪاپَڙِيُنِ جي، پَھرين ڏِينھن پَرُوڙَ؛
سَگها ساعَتَ نه ھڪڙي، چارئي پَھرَ چُورَ؛
سدائين سيَّدُ چئي، ھونِ سناسي ۾ سُورَ؛
جوڳي ساڻَ ضَرُورَ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
يعني ھتي شاھ صاحب پاڻ(observation) ڪري ٿو ۽ چوي ٿو پھرئين ڏينھن، جوڳين جو سماءُ ويھي لڌم. ھو ھڪ پل به تندرست نه ھئا. ھو چارئي پھر (درد ۾) چڪنا چور ھئا. شاھ صاحب ٿو چوي ته سنياسي ھميشه درد ۾ ٿا گهارين. جوڳين ڪنھن مصلحت سبب، جڳ ۾ لڪا وتن ٿا، متان ڪو ماڻھو اچي رخنو پيدا ڪري ان ڪري ھو خاص ڪري عوام کان لڪيhidden طور اھا رياضت ڪن ٿا:
ويھي ويراڳِيُنِ جو ٻِئي ڏِينھن ٻُڌُمِ حالَ؛
اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِيا، جاڳوٽا زَوالَ؛
تن ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِيُون، چوٽا چَڱِيءَ چالِ؛
ويچارا وُجودَ جِي، ڪَنھِن سان ڪَنِ نه ڳالِ؛
نانگا ٿِيا نِھالُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
ھتي ٻئي ڏينھن شاھ صاحب وڃيcommunication ڪري ٿو ۽ چوي ٿو، ٻئي ڏينھن، ويراڳين جو حال ويھي ٻڌم. سندن ڪفنيون، مٽيءَ ۾ ميريون ۽ جٽائن ٻڌڻ جا رسا ڇنل ھئا. ھنن ڄاڻي واڻي جٽائون رکيون ۽ پنھنجا ڪيس (وار) سٺي ڍنگ سان ڇڏيا آھن، ھو ويچارا ڪنھن سان اندر جا حال نٿا سلين. نانگا (لنگوٽ پھريندڙ) درشن ڪري، سرھا ٿيا ۽ جڳ ۾ لڪا وتن. يعني ھو ان تپسيا دوران خيال ۾ انھيءَ مھاپرش ديوتائن جا خيال آڻي انھن جي درشن تي خوشي جو اظهار ڪن ٿا.
ٽِئين ڏينھن ٽِمڪائينِ، دُونھِيُون دائِرَنِ ۾؛
ميڙِيو ڪَڙِڄَ ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ؛
سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيَنِ آهِينِ؛
ڳُجُهہ نہ ڳالهائِينِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
ٽئين ڏينهن جي احوال ۾ شاھ صاحب جوڳين بابت هي بيان سائنسي ۽ نفسياتي نظر سان ڏسي بياني ٿو ته اهو اندروني ضابطا نفس(Self-regulation) ۽ گھري ذهني ڌيان(Deep Meditation/Altered Focus State) جو علامتي اظهار آهي. سائنسي ۽ نفسياتي تشريح ۾ جوڳي جڏهن “ڪک ڪانا ۽ ڪاٺيون ميڙي آگ ٻارين ٿا” ته اهو عملي طور تي جسماني محنت(Physical engagement) ۽ ذهني ڌيان جي مرڪزيت(Focused attention) جي علامت آهي، جيڪو دماغ ۾prefrontal cortex activity وڌائي ٿو. “جلڻ” جو نفسياتي مطلب “سچي عشق ۾ پچڻ” کي نفسيات ۾ هن طرح سمجهي سگهجي ٿوEgo dissolution نفس جو گهٽجڻ ۽Emotional transformation جذباتي تبديلي جو اشارو سخت رياضت ذريعي اندروني دٻاءُ کي توانائي ۾ بدلائڻ “راز نه سلڻ” جو سائنسي مطلب جوڳين جو خاموش رهڻ يا راز نه کولڻSilence practice (Mauna) دماغي اوور اسٽيموليشن کان بچاءُ اندروني توجهه(Internal awareness) وڌائڻ “جڳ ۾ لڪا وتن” جو نفسياتي پهلو سماجي فاصلو (Social withdrawal) آھي،Self-reflection ۽ introspection معنيٰ غير ضروري سماجي اثرن کان بچاءُ جوڳي، ڪک ڪانا ۽ ڪاٺيون ميڙي، آگ ٿا ٻارين. جوڳين کي جلڻ سچي عشق ۾ پچڻ جون خبرون آهن. ھو راز نه سلين ۽ جڳ ۾ لڪا وتن ٿا.
چوٿين ڏِينھن چَوگانَ ۾، ڪَنھن جَنھن پَھ پِيا؛
وَھَمَ پِرِيان جي وَڍِيا، تن ۾ ڪُوڙَ ڪِھا؟
اَندَرُ آديسِيَنِ کي، اَچَنِ جوشَ جِھا؛
سامِي سونُ ٿِيا، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
چوٿين ڏينهن تي جوڳين جو “ڪنڌ نوائي ڳوڙهي ڌيان ۾ وڃڻ” نفسياتي طور تي Deep Meditation State ياFocused Attention State کي ظاهر ڪري ٿو، جتي دماغ ٻاهرين محرڪن کان هٽي اندروني تصور تي مرڪوز ٿي وڃي ٿو. “محبوب جي خيال ۾ گڏ ٿيڻ” هي حالت نفسيات ۾Intrusive positive imagery ياIntense emotional visualization سڏجي ٿي، جتي ذهن هڪ ئي خيال (مثلن محبوب يا مقصد) تي مڪمل طور مرڪوز ٿي وڃي ٿو. “طلسم بازيون” ۽ ذهني تجربا، گھري ڌيان دوران ڪڏهن ڪڏهن دماغ ۾altered perception وقت ۽ جڳهه جو احساس گهٽجڻ لڳي ٿو، تخيل (imagination) جو وڌي وڃڻ، اهي سڀmeditative trance state جا عام نفسياتي اثر آهن. “اندر ۾ جبرا جوش اُٿن” هي مرحلو، جذباتي توانائي (emotional arousal) ياdopamine/endorphin activation سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿو، جيڪو شديد جذبن کي جنم ڏئي ٿو. “پاڻ پچائي سون ٿيڻ”
سائنسي زبان ۾ هيPsychological transformation يا وريEgo refinement (self-purification) جو استعارو آهي، جتي انسان پنهنجي منفي عادتن ۽ خواهشن کي قابو ڪري “بهتر شخصيت” طرف وڌي ٿو. “جڳ ۾ لڪا وتن” هي رويوSocial withdrawal آھي، اندروني ڌيان (introspection) ۽external validation کان لاتعلقي ڏيکاري ٿو، جيڪو گهري مراقبي(deep contemplative practice) جو اهم حصو آهي. شاھ صاحب سائنسي ۽ نفسياتي نظر سان هي سمورو عمل شديد ڌيان (Deep Focus) ۽ جذباتي تبديلي(Emotional transformation) سميت شخصيت جي سڌاري(Personality refinement) جو هڪ علامتي ۽ رياضتي اظهار ڪيو آهي۔. چوٿين ڏينھن براڳڻ تي (ڪنڌ نوائي) ڪنھن ڳوڙھي ڌيان ۾ پيا. ھي محبوب جي خيال ۾ ڪٺا پيا آهن، تن ۾ طلسم بازيون ڪھڙيون؟ آديسين جي اندر ۾ جبرا جوش ٿا اُٿن. سامي پاڻ پچائي سون ٿيا. (غير ڪڍي سچ ٿيا) ۽ جڳ ۾ لڪا وتن ٿا.
ڪَنھن جَنھن پُورَ پَچائِيا، پَنجين ڏِينھن پَئِي؛
اَندَرُ آديسِيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي؛
مُحَبَتَ جي ميدان ۾، لاشَڪُ پِيا لَھِي؛
تن کي ساري راتِ، سيَّدُ چئي، گُوندَرَ ساڻُ گَئِي؛
ڪَريو سيڻَ سھي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
پنجين ڏينهن تي جوڳين جو “خيالن ۾ ٻڏڻ ۽ اندر ۾ درد محسوس ڪرڻ” نفسياتي طور تيIntense Emotional Processing ۽Cognitive Emotional Conflict جي حالت کي ظاهر ڪري ٿو. “خيال پچائي ڪباب ڪرڻ” هي حالت سائنسي زبان ۾Rumination بار بار ساڳئي خيال ۾ وڃڻ Emotional overload جي برابر آهي، جتي دماغ هڪ ئي تصور يا ياد تي بار بار ڪم ڪري ٿو ۽ ذهني دٻاءُ وڌي وڃي ٿو. “اندر ۾ دردن جو ديرو” هي نفسياتي طور تيStress response activation ياAmygdala overactivity جذباتي مرڪز جي تيزي جي علامت آهي، جنهن سان انسان کي غم، تڪليف يا اندروني بيچيني محسوس ٿئي ٿي. “رات غم ۾ گذري” هيSleep disturbance due to emotional arousal ياinsomnia caused by emotional stress جي حالت کي ظاهر ڪري ٿو، جتي شديد جذبات ننڊ تي اثر وجهن ٿا.
“پرين جو درشن” هي نفسياتي طورIdealization محبوب يا مقصد جي مثالي تصوير کي ذھن ۾ بچائڻ آھي، جتي ذهن پنهنجي گهربل تصوير کي انتهائي شدت سان محسوس ڪري ٿو. “جڳ ۾ لڪا وتن” هي ساڳيو ٽرمSocial withdrawal ۽ introspective coping mechanism کي ڏيکاري ٿو، جتي ماڻهو ٻاهرين دنيا کان هٽي پنهنجي اندروني حالت کي سنڀالي ٿو. سائنسي ۽ نفسياتي لحاظ سان هي مرحلو جذباتي دٻاءُ(Emotional stress) يادگيرين ۽ خيالن جو غلبو(Rumination) ۽ اندروني تبديليءَ جي شروعات جو هڪ گھرو نفسياتي عمل آهي، جيڪو انساني ذهن جي شدت ۽ سادگي ٻنهي کي ظاهر ڪري ٿو پنجين ڏينھن جوڳين کي اهڙي ڪنھن خيال پچائي ڪباب ڪيو، جو سندن اندر ۾ دردن اچي ديرو ڪيو. شاھ صاحب ٿو چوي ته: اُنھن جي سموري رات، غم ۾ گذري. ھو پنھنجا پرين پرکي (پرينءَ جو درشن پائي) جڳ ۾ لڪا وتن.
پِيا ڪَنھِن پَرياڻَ ۾، ڇَھين ڏِينھن ڇَڻِي؛
اَندَرُ آديسِيَنِ کي، ڌُريان ئِي ڌڻِي؛
ٻَرِي ٻاجهارا ڪَيا، کانئِي خاڪَ کڻِي؛
پِنِيو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
ڇھين ڏينھن جوڳي پاڻ کوھي، ڪنھن ڌيان ۾ پيا. آديسين جي اندر ۾ اصل (آد يا ازل) کان ئي سائين پيو وسي. ھو سڙيل رک (ڀڀوت) لائي، جلي ڪومل ٿيا. ھو ان جي مٺ جي بيک مڱي، جڳ ۾ لڪا وتن ٿا.
سَتين ڏِينھن، سَيَّدُ چئي، ڌاڄا ڌوتائُون؛
اُڀِي اَلَکُ سامھُون، ٻانھُون ٻَڌائُون؛
وَڏِيءَ ڪَنھن وِلاتِ جا، اُهڃَ آندائُون؛
رُوحُ پَنھنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون؛
کَڻِيو کِدائُون، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
ستين ڏينھن شاھ صاحب ٿو فرمائي ته “ڪفنيون ڌوتائون. اُٿي بيھي، مالڪ اڳيان ادب ۾ ٻانھون ٻڌائون.” اُنھن ڪنھن وڏي ولايت (نوکند يا افضل ولايت) جا نشان پتا آندا. ھنن پنھنجي آتما، ڳجهه ۾ رام (ايشور) سان سبي ڇڏي! ھو گودڙيون کنيو، جڳ ۾ لڪا وتن ٿا.
ٻارھين ڏينھن سندن دل جون مرادون پوريون ٿيون. مڙيئي جوڳي، انهيءَ زيارت لاءِ سڪيا ٿي. مانائتا اُهي ٿيا، جي پنھنجي گروءَ سان سنمک ٿي آيا. (جوڳي، آتمڪ منزل تي به پھتا ۽ گروءَ جو درشن به ڪيائون.) ھتي شاھ صاحب جوڳين جي انھيءَ چلي کي ساراهي ٿو ۽ ڪيل تياگ کانپوءِ منزل تي پھتا مالڪ کي مليا ۽ مالڪ ماڻڪن کي مليو.